ڇڇ جھان خان

ڇڇ جھان خان: ڇڇ جھان خان، ٺٽي ضلعي جي هڪ قديم وسندِي آهي، جيڪا لاڏيون شھر کان ڏکڻ طرف اٺن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هتي ڇوڪرن لاءِ هاءِ اسڪول بہ قائم آهي. ميين عثمان جا مقبرا، جن کي گَرا/ڪارا قُبا بہ چوندا آهن، ۽ ڦٽل ديرو هن شھر جي ڏکڻ ۾ چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهن. هتي ڪافي ڍنڍون ۽ ڍورا بہ آهن، جتي سياري جي مند ۾ ٻاهريان پکي جام اچي لھن ٿا. سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد علي ملڪاڻي بہ هن بستيءَ جي معتبر شخصيت آهي.


لفظ ڇڇ جھان خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو