ڇڙ/ ڇنڊ: ڇڙ/ ڇنڊ نج ٻھراڙيءَ ۾ ڪڻڪ يا سارين جي اَنَ کي صاف ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. ٻھراڙيءَ جون عورتون ڪڻڪ جي اَنُ توڙي چانورن مان تُھہُ، ڪک، پٿر، ڀتر وغيرہ ڪڍڻ لاءِ سر جي تيلين مان ٺهيل ڇڄ يا اُکريءَ ۾ ان وجهي، ڪُٽي پوءِ ڇنڊينديون آهن. اَنَ جي ڇڙ/ڇنڊ لاءِ ڇڄ يا ڪونڊي سميت اکريءَ يا ننگهہ کي بہ ڪتب آندو ويندو آهي. ڇڙ/ ڇنڊ سان واپرائجندڙ اناج صاف سُٿرو ٿيندو آهي، جنهن مان مٽي وغيرہ نڪري وڃڻ سبب بيمارين پيدا ٿيڻ جو انديشو بہ گهٽجي ويندو آهي. اڄڪلھہ ان کي صاف ڪرڻ لاءِ مشينن جو بہ استعمال ٿئي ٿو.