ڇھہ سٽا

ڇھہ سٽا: سنڌي شاعريءَ ۾ ڇھن سٽن تي مشتمل صنف ’ڇھہ سٽا‘، ’مسدس‘ کان مختـلـف صنـف آهـي. مسـدس واري گهـاڙيـٽـي ۾ طـويل نظـم ٿيـن ٿا، جڏهن تہ ’ڇھہ سٽا‘ جي صنف ۾ طويل توڙي الڳ الڳ نظم بہ لکيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جي مجموعي ’رڻ تي رم جهم‘ ۾ ڇھہ سٽي جي گهاڙيٽي ۾ طويل نظم بہ موجود آهن. جڏهن تہ انفرادي ’ڇھہ سٽا‘ بہ ملن ٿا. اياز جي ’ڇھہ سٽن‘ جي گهاڙيٽي ۾ ٽين ۽ ڇهين سٽ پاڻ ۾ هم قافيي آهن، جڏهن تہ باقي سٽون هم وزن آهن، پر هم قافيا نہ آهن. ’ڇھہ سٽا‘ جي سري سان استاد بخاريءَ بہ طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ان جو گهاڙيٽو شيخ اياز جي ’ڇھہ سٽن‘ کان مختلف آهي. استاد بخاريءَ جي ڇھہ سٽن ۾ پهرين ۽ ٻين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا هونديون آهن. ٽين ۽ ڇهين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا آهن، جڏهن تہ چوٿين ۽ پنجين سٽ پاڻ ۾ هم قافيا آهن. ’ڇھہ سٽن‘ ۾ بحر وزن جي ڪا بہ مخصوصيت نہ هوندي آهي، اهي ڪنهن بہ وزن تي چئي سگهجن ٿا، پر سٽون پاڻ ۾ هم وزن هئڻ گهرجن. ’ڇھہ سٽي‘ جو گهاڙيٽو هن ريت آهي:
جهومندڙ هوائن ۾،
رات ڄامشوري جي،
ڪنهن رباب وانگر آ!
عمر ايئن اڏامي ٿي،
ڄڻ پکي پرن تي آ،
وقت خواب وانگر آ،
(شيخ اياز)


لفظ ڇھہ سٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو