ڊائريڪٽري: هڪ قسم جو ڪتاب، جنهن ۾ ڪنهن بہ هڪ شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن يا وٿن جا تفصيلات ڏنا وڃن. مختلف شعبن سان وابستہ ماڻهن/شين جون ڊائريڪٽريون ڇپايون وينديون آهن، جن ۾ اديبن، فنڪارن، صحافين، سائنسدانن، سياستدانن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، صنعتڪارن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جون اي ميل ائڊريسون، فون نمبر وغيرہ شامل هوندا آهن. ٽيليفون کي استعمال ڪرڻ ۽ ماڻهن کي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ ٽيليفون ڊائريڪٽري بہ ٺاهي ويندي آهي. صنعتڪارن جي ڊائريڪٽري ماڻهن کي ڪاروبار ۽ ملازمت جي سلسلي ۾ وڏي مددگار ٿيندي آهي، ان ۾ فئڪٽرين ۽ ڪارخانن سان گڏ انهن جي سنڀاليندڙن جا نالا ۽ ائڊريسون ۽ نمبر ڏنل هوندا آهن. تحقيق جي ڪم ۾ اديبن، سائنسدانن، فنڪارن جي ڊائريڪٽرين کانسواءِ ڪتابن، فون نمبرن، واپاري ڪمپنين وغيرہ جون بہ ڊائريڪٽريون ٿينديون آهن. اهڙين مختلف ڊائريڪٽرين جي چڱي اهميت هوندي آهي.