
ڊائنوسار

ڊائنوسار
ڊائنوسار (Dinosaurs): ڊائنوسار بنھہ آڳاٽو ۽ وڏي جسامت رکندڙ هڪ جانور آهي. سائنسدانن جو خيال آهي تہ ڊائنوسار اٽڪل ارڙهن ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ آيا هئا ۽ تقريباً ڇھہ ڪروڙ سال اڳ مري ويا. عام خيال هي آهي تہ ڊائنوسار ’ريڙهيون پائيندڙ‘ (Reptiles) جانورن مان ارتقا ڪري اڳتي آيا هوندا. ريڙهيون پائيندڙ جانور ڪجهہ خاصيتن سبب هڪ الڳ درجي (Class) وارن جانورن سان لاڳاپو رکن ٿا. اهي ٿڌي رت وارا جانور آهن ۽ خشڪيءَ تي رهي سگهن ٿا. انهن کي هڪ خاص قسم جي دل ٿئي ٿي ۽ انهن مان گهڻن جي بت تي ڇلر موجود هوندا آهن. ڌرتيءَ تي شروعات ۾ ’ريڙهيون پائيندڙ جانور‘ ڊائنوسارن کان اڳ ظاهر ٿيا هئا، جيڪي ’ڀون آبي‘ (Amphebia) جانورن وانگر لڳندا هئا. آنن مان نڪرندڙ ٻچن کي ٽنگون ۽ ڦڦڙ هوندا هئا ۽ اهي هوا ۾ ساھہ کڻي سگهندا هئا ۽ انهن جو گذران جيتن تي هوندو هو. اڳتي هلي ريڙهيون پائيندڙ جانور وڏا ۽ مضبوط ٿيندا ويا. ڪي وڏين ڪرڙين وانگر تہ ڪي وڏين ڪمين جھڙا لڳندا هئا. انهن کي پڇ، ٿلهيون ٽنگون ۽ ڳچي ٿيندي هئي. اهي ٻوٽا کائيندا هئا.
آڳاٽا ’ڊائنو سار ريڙهيون پائيندڙ پنهنجن ابن ڏاڏن سان ڪافي هڪجهڙائي رکندا هئا. ڪرڙين جھڙا اهي جانور پنهنجين پوين ٽنگن تي هلي بہ سگهندا هئا. ’پهريان ڊائنو سار‘ سنهڙا هئا ۽ سندن جسامت وڌ ۾ وڌ ’هاٿي ڪڪڙ‘ جيتري هئي. ڊائنو سار جا ڪجهہ قسم ننڍڙا رهيا، پر ٻيا وڌي ويجهي انتهائي ڳرا ۽ وڏا بڻجي ويا. ڪنهن وقت ۾ انهن مان ڪيترن جي ڊيگهہ اڍائي ميٽر هوندي هئي، تہ ڪن جي ڊيگهه ڇھن ميٽرن کان بہ وڌيڪ هوندي هئي ۽ سندن وزن هاٿيءَ جي وزن برابر هوندو هو. انهن جا مٿيان ڏند وڏا ۽ هيٺيان ڏند ننڍا هوندا هئا. سندن ڏند رڳو ٻوٽن کائڻ لاءِ ڪارائتا هوندا هئا. اهي هيٺاهينءَ وارن علائقن ۾ ڌٻڻين وارين جاين تي رهندا هئا.
ان کانپوءِ هڪ ٻيو دور آيو، جيڪو ’ريـڙهيـون پـائيـنـدڙن جـو دور‘ (Age of Reptiles) سڏجي ٿو. هن دؤر ۾ ٻوٽا کائيندڙ ڪجهہ ڊائنوسار ايترا تہ وڏا ٿي ويا، جو کين زمين تي بيهڻ يا هلڻ لاءِ چار ٽنگون بہ سهارو يا ٽيڪ ڏئي نہ سگهنديون هيون. اهي پنھنجي حياتيءَ جو وڏو حصو ڌٻڻين يا درياهن ۾ گذارڻ لڳا. Bronto Saurus بہ انهن بي انتها وڏن جانورن مان هڪ هو. اهو ويهن کان 24 ميٽر ڊگهو هوندو هو. ان جا ڏند انتهائي تيز هئا، اُن جو گذران ’برونٽوسارس‘ ۽ ٻين ٻوٽي خور جانورن تي هوندو هو. اڄ کان ڪروڙين سال اڳ هن ڌرتيءَ تي ڪهڙا ساهدار رهندا هئا، ان کي ڄاڻڻ جو بھترين طريقو اهو آهي تہ پنڊپهڻ ٿي ويل عضون جو مطالعو ڪجي، پنڊپهڻ جبلن ۾ پورجي ويل جانورن ۽ ٻوٽن جي باقيات آهن، جيڪي مختلف حالتن ۾ ڄمي پٿر ٿي ويا آهن. اهڙن پنڊ پهڻن جي مطالعي مان سائنسدانن اندازو لڳايو آهي تہ ڊائنوسار اڄ کان اٽڪل ڇھہ ڪروڙ سال اڳي ختم ٿي ويا. انهن جي مليل نشانين مان سڀ کان اهم شيون هڏا، ڏند ۽ چنبا آهن، جن کي ملائي هڏاوان پڃرا وري جوڙي سگهجن ٿا ۽ انهن کي ڏسي ٻڌائي سگهجي ٿو تہ ڊائنوسارن جو بت ڪيئن هو. هر جاندار وانگر ڊائنو سارن جي جياپي لاءِ ڪي حالتون ضروري هيون.
ڊائنوسار ريڙهيون پائيندڙ يعني ٿڌي رت وارا جانور هئا، انهن جي بدن جو ٽيمپريچر، هوا جي ٽيمپريچر بدلجڻ سان بدلجي ويندو هو. سندن گهڻائي گپ چڪ وارن علائقن ۾ رهندي هئي، جتي کين کائڻ لاءِ گهڻو گاھہ ۽ کاڌو ملندو هو، پر اڄ کان اٽڪل ڇھہ ڪروڙ سال اڳ دنيا ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي، گپ چڪ وارا علائقا سُڪي ويا، هيٺاهيون زمينون جبل ٿي ويون. آبهوا وڌيڪ خشڪ ۽ ٿڌي ٿي وئي، تنهنڪري ڊائنوسار نہ فقط بي گهر ٿي ويا، پر گپ چڪ وارن علائقن جي سُڪڻ ۽ هيٺاهينءَ زمين جي جبل ٿيڻ سان گڏ ٿڌي آبهوا کين سست بہ ڪري ڇڏيو.
ڪو وقت اهڙو بہ آيو، جيڪو ڊائنوسار نين حالتن پٽاندر پاڻ کي بدلائڻ جي قابل نہ هئا، سي مري ويا ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي سندن وجود بلڪل ختم ٿي ويو. انهن جانورن جي جاءِ گرم رت وارن اهڙن جانورن والاري جن جا دماغ وڏا هئا ۽ انهن ۾ نين ۽ بلجندڙ حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود هئي. ڪنهن بہ انسان زندہ ڊائنوسار نہ ڏٺو آهي. اهي ساڍا ڇھہ ڪروڙ سال اڳ ڌرتي تي رهندا هئا. انسانن کي ڌرتيءَ تي 25 لک سال ٿيا آهن. اسان کي ڊائنو سار جي باري ۾ جيڪا خبر آهي، سا رڳو انهن نشانين مان ملي ٿي، جيڪي اهي ڇڏي ويا آهن. جھڙوڪ: انهن جا هڏا الڳ الڳ يا هڏائين پڃري جي صورت ۾، انهن جي پيرن جا نشان، پهاڙن ۾ انهن جي چمڙي جي مھٽ جا نشان يا وري انهن جا آنا. پڪ ناهي تہ ڊائنوسارس جا پهريان هڏا ڪڏهن مليا، انهن جي پيرن جا نشان ڪافي عرصي کان معلوم آهن.
ڊائنوسارس جو پهريون ڍانچو 1700ع جي پڇاڙيءَ ۾ هيڊن فيلڊ نيو جرسيءَ ۾ لڌو ويو. پهريان هڏا، جيڪي آزمائش ۽ تجربي لاءِ اڃا بہ موجود آهن، اهي 1882ع ۾ مليا هئا، ٻيا هڏا وري 1824ع ۾ مليا، جن تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪيو تہ اهي ڊائنوسار جا هڏا آهن. ان مان سمجهي سگهجي ٿو تہ ڊائنوسار جي باري ۾ ماڻهن جي معلومات گهڻي پراڻي ڪانہ آهي، ڊائنوسار جا نشان آمريڪا، ڪئناڊا، سوويت يونين، هندوستان، منگوليا، چين، آفريڪا، آسٽريليا، جرمني ۽ فرانس (۽ سنڌ ۾ بہ) ۾ مليا آهن. ان جو مطلب ٿيو تہ ڊائنو سارس ڌرتي جي هر خطي ۾ موجود هئا.