ڊاروَن جو ارتقائي نظريو

ڊاروَن جو ارتقائي نظريو

ڊاروَن جو ارتقائي نظريو

ڊاروَن جو ارتقائي نظريو

ڊاروَن جو ارتقائي نظريو

ڊاروَن جو ارتقائي نظريو: چارلس ڊارون (Charles Darwin) جو جنم، 12 فيبروري 1809ع تي انگلنڊ جي شهر شروس بري ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو رابرٽ ڊارون هو، جيڪو هڪ ڊاڪٽر هو. سندس ڏاڏو ابرئسمس ڊارون به ڊاڪٽر هو ۽ ان سان گڏ شاعر ۽ فلاسافر هو.
چارلس ڊارون ’ارتقائي نظريي‘ سبب سموري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سائنس ۽ سائنسدانن سندس نظريي کي مڃيو ۽ دل سان هنڊايو، نه صرف ايترو، پر سندس ڏنل ارتقائي نظريي تحت علم حياتيات ۾ نسلي ورهاست کي نوان دڳ ۽ رستا مليا، جڏهن ته سندس نظريي سموري دنيا کي مذهبي حوالي سان ڇرڪائي به ڇڏيو، مذهبي بنيادپرستن ڊارون تي تمام گهڻيون تنقيدون ۽ جَرحون ڪيون، پر هن سڀني ڳالهين جا نهايت سنجيدگيءَ سان جواب ڏنا. چارلس ڊارون چوٽيءَ جي فطرت شناس ماڻهن مان هو، هن پنهنجي نظريي جي آڌار تي لکيل ڪتاب The Origin of Species by Means of Natural Selection ذريعي نباتاتي توڙي حيواني زندگيءَ جا نوان نمونا پيش ڪري حياتياتي شعور ۾ نوان رستا کولي ڇڏيا، جن جي ڪري زندگيءَ جي ارتقا جو فلسفو سمجهه ۾ آيو. چارلس ڊارون تيز نظر مُشاهدو ڪندڙ پورو پورو بيان لکندڙ ۽ شين کي گڏ ڪرڻ ۾ اڻٿڪ هو. هن وڏي صبر ۽ اورچائيءَ سان ٻوٽا، پٿر، جيت، جانور ۽ قديم هڏا وڏي مقدار ۾ گڏ ڪيا. ايتري قدر جو هڏن ۽ پٿرن سان سندس صندوقون ڀرجي ويون. چارلس ڊارون پنهنجي سمجهه ۽ مشاهدي کي ترجيح ڏيندو هو ۽ اُنهن شين تي ويچار ڪندو هو، جيڪي سندس تحقيق ۾ کيس مددگار ثابت ٿينديون ۽ سندس سوچ جا دڳ کولينديون هيون. ڊارون سامونڊي سفرن دوران اُنهن وحشين کي به مشاهدي هيٺ آندو، جيڪي ٽراڊيل فيوگو (Tierradel Fuego) ٻيٽن جا رهاڪو هئا ۽ وٽن سندن سخت ماحول لاءِ پوريءَ ريت قدرت جو مهيا ڪيل ساز و سامان هو، پر تهذيب يافته ماڻهن ۽ سندس ماحول سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کانپوءِ منجهن اڳي کان فرق اچي ويو هو. ڊارون جڏهن گئلاپاگوس ٻيٽن تي پهتو، جيڪو ڏکڻ آمريڪا کان پنج سؤ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هو ته ڄڻ کيس قدرت جو هڪڙو وڏو تجربي گاهه ميسر ٿي مليو، جنهن ڊارون لاءِ اُهي رستا کولي ڇڏيا، جن تي هلندي هُن ’نسلن جو اصل‘ (The origion of Species) جهڙو ڪتاب لکي سموريءَ دنيا کي ڇرڪائي ڇڏيو. اُنهن ٻيٽن تي مختلف قسمن جا جاندار موجود هئا، جن جي قديم نسلن ۽ غير معمولي قسمن کيس اُن نظريي قائم ڪرڻ جو سُراغ ڏنو ۽ هو اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ تي مجبور ٿيو ته زندهه جاندارن ۾تبديليون اينديون رهن ٿيون. ڊارون اُهي سمورا نتيجا جاندارن جي تبديلين مان اخذ ڪيا، هُن ان تي غور ڪيو ته جيڪڏهن سموري تخليق، هڪ ئي وقت پيدا ٿي آهي ته پوءِ ايڏا سارا جاندار ڇو موجود آهن، جن ۾ ڦيرگهير ايندي رهي آهي. هن قديم هڏن کي زندهه جانورن جي هڏن سان ڀيٽي فيصلو ڏنو ته ڪن نسلن بدران قدرت ڪو اهڙو نسل آڻي ٿي، جو اهي اُنهن سان قريبي تعلق رکن ٿا. جيڪڏهن مختلف ٻيٽن جا رهندڙ جاندار ساڳين ئي ابن ڏاڏن جو نسل هجن ها ته اُنهن ۾ جيڪي هڪجهڙايون ۽ اختلاف آهن، سي سمجهه ۾ اچي سگهن ها. اُنهي سموري خيال جي ڪري ڊارون جي ذهن ۾ ارتقائي نظريي وارو مُحرڪ جنم وٺڻ لڳو ۽ اهو صحيح به هو ته نسلن جي وچ ۾ تبديليون ۽ فرق هئا ۽ اُنهي تبديلي اچڻ جي ترڪيب ڪهڙي هئي ۽ اهو ڪيئن ٿي رهيو هو؟ جيتوڻيڪ اُنهي دؤر ۾ ٿامس ميٿيوز اهو نظريو پيش ڪيو هو ته انساني آبادي کاڌي ۽ خوراڪ ۾ ايندڙ اضافي سان تيزيءَ سان وڌي ٿي ۽ ائين خوراڪ ۽ بقا لاءِ جدوجهد پيدا ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ ڊارون ٿامس جي اُنهي نظريي جي مقابلي ۾ هڪڙو مقالو به لکيو، پر کيس اُن جو ڪو به جواب نه مليو. بقا لاءِ جدوجهد جي متعلق ڊارون چيو ته ”اهڙا نسل بچي ويندا، جيڪي سازگار حالتن ۾ هوندا ۽ جيڪي غير سازگار حالتن ۾ هوندا، سي ناس ٿي ويندا. اُنهيءَ عمل جو نتيجو هڪ نئين نسل جو وجود ٿيندو.“ ڊارون ويهن سالن تائين اُنهيءَ نظريي لاءِ ثابتيون گڏ ڪندو رهيو ۽ ساڳئي وقت هو پنهنجو مطالعو به جاري رکندو آيو، جيڪو هُن سامونڊي جهاز ۽ ٻيٽن جي مشاهدي دوران ڪيو هو. سال 1855ع ۾ علم حياتيات جي هڪڙي ماهر الفريد وئلس نون نسلن جي وجود بابت قانون تي هڪڙو مضمون لکيو، جنهن ۾ ڪيئي اهڙا خيال هئا، جيڪي ڊارون جي اڻ شايع ٿيل اڀياس ۾ سمايل هئا. ڊارون کي اڻ شايع ٿيل مطالعي کي شايع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو، پر اُن ڳالهه تي هن ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکيو. سال 1858ع ۾ الفريد وئليس پنهنجو مضمون ”نسلن جي پنهنجي اصل کان غير معين عرصي لاءِ جدا ٿي وڃڻ جو رجحان“ کيس موڪليو، جيڪو پڙهي ڊارون محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هو پنهنجو مضمون لکي شايع ڪرائي ها ته وئلس جو هي مضمون اُن جو اختصار لڳي ها. ان کانپوءِ هُن پنهنجي نظريي کي دنيا آڏو آڻڻ جو فيصلو ڪيو. پهرين جولاءِ 1958ع تي وئليس جو مضمون ۽ ڊارون جو قائم ڪيل نظريو لنڊن جي لائينز سوسائٽيءَ اڳيان پڙهيا ويا. ٻئي سال ڊاروَن جو نظريو شايع ٿيو، جنهن ۾ علم ارضيات، ٻوٽن ۽ جانورن جي جاگرافيائي ورهاست تي بحث ٿيل هو. اُهو ڪتاب ارتقا جي حق ۾ هڪ ڊگهو دليل هو، جنهن تي اختلاف ۽ اعتراض ٿيڻ شروع ٿي ويا. ڊارون جي ارتقائي نظريي اهو تت پيش ڪيو هو ته نوان جاندار، پُراڻن جاندارن مان ئي تبديلين جي مرحلن مان گذرڻ بعد پيدا ٿيل آهن. اُنهن تبديلين جو سبب ورهاست جو عمل آهي، هُن انهيءَ نظريي جي آڌار تي انسان کي به ساهوارو قرار ڏنو ۽ اهو چيو ته انسان به جانورن جي سُڌريل شڪل آهي ۽ اُهو قديم دؤر ۾ بن مانس/ گوريلو يا لُنڊي پُڇ وارو ڀولڙو هو. چارلس ڊارون جي هن نظريي کي اوڻويهين صديءَ ۾ نه رڳو يهودين، پر مشرقي قدامت پرست ڪليسا مذهبي بنياد تي رد ڪيو، ڇو ته ان جي نظريي تحت انسان جي عظيم ۽ اشرف مخلوق جو تصور ختم ٿي رهيو هو، ان لاءِ اهي دليل پيش ڪيا ويا ته انسان جي تخليق لاءِ دنيا جي تخليق کي مدِنظر رکيو وڃي ۽ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هيءَ دنيا ڪيئن وجود ۾ آئي ۽ روح ڪيئن خلقيا ويا. سائنس ۽ مذهب جا اهڙا بحث ڪنهن به طرح هڪ ٻئي خلاف نه آهن، بلڪ انهن ذريعي انساني ذهن، قدرت ۽ ان جي عملن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي قابل ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو