ڊامڻ
ڊامڻ (گاھہ): ڊامڻ گاھہ ڀرٽ جهڙو ٿيندو آهي، پر هن ۾ سخت ڪنڊن وارا ڀورا سنگ ٿيندا آهن. هيءُ گاھہ گهڻو ڪري سمورا جانور شوق سان کائيندا آهن ۽ طاقت وارو چارو سمجهيو ويندو آهي. هي گاھہ گهڻو ڪري ڀٽن تي وڏي جهوڙي جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هن گاھہ کي پچڻ کانپوءِ ڪٽي جمع ڪري ضرورت وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو.