ڊانڊو

ڊانڊو (ديھہ): هيءَ ديھہ يونين ڪائونسل گهگهر، تپي درساڻي ڇني، بن قاسم ٽائون، تعلقي ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. سمندري بابا جي مزار، پاڪ لينڊ سيمنٽ فيڪٽري، آرمي جو ٽريننگ سينٽر وغيرہ هن ديھہ ۾ آباد آهن. هتي ٽڪرين ۽ جبلن ۾ ڦٽل غارون هيون، جن کي ڊانڊو چوندا هئا، جنهنڪري هن ديھہ تي ڊانڊي نالو پيو. هيءَ ديھہ سڪڻ نئن جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. هن جي اوڀر ۾ ٺٽي ضلعي جون سرحدون آهن. هتي اڪثر سالار جوکين جا ڳوٺ آباد هئا ۽ انهيءَ ذات وارن جون هتي زمينون هيون، جيڪي فوجين کي الاٽ ڪيون ويون آهن. هن ديھہ جو سڪڻ نئن جي ساڄي ڪنڌيءَ وارو علائقو زرعي زمين تي مشتمل آهي، جتي زرعي فصل اپايا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو