ڊانگهرو (رڇ جو قسم): هي مڇي مارڻ لاءِ ڪتب ايندڙ رڇ جو هڪ قسم آهي. ملاح ڊانگهري رڇ ذريعي ڪنارن سان مڇي ماريندا آهن. ڊانگهري کي ٻنهي پاسن کان ڪاٺيون ٻڌندا آهن، جن ۾ هڪ همراھہ هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي ڪاٺين ۾ هٿ وجهي رڇ کي ڪنهن دُٻي يا ڪناري ۾ ڦيرائيندا آهن. ڊانگهرو ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڦيرائي سگهبو آهي. هي ڏهن فوٽن کان پندرهن فوٽن جو ٿئي ٿو.