
ڊاونچي ليونارڊو

موناليزا
ڊاونچي ليونارڊو (Da Vinci): جڳ مشھور مصور ليونارڊو ڊاونچي/ ڊاونشي، جنهن جي ٺاهيل ’موناليزا‘ جي تصوير دنيا ۾ مشھور آهي، 1452ع ڌاري اٽليءَ جي صوبي ٽڪسني جي هڪ ڳوٺ ونچيءَ ۾ ڄائو. ونچي ڳوٺ جي ڪري سندس خاندان کي، ڊاونچي سڏيو ويو. هو ننڍپڻ کان ئي ڏاڏاڻي گهر ۾ پليو. سندس پيءُ وڪيل هو. ننڍپڻ ۾ کيس مقامي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن رياضي، موسيقيءَ ۽ ڊرائينگ تي ڌيان ڏنو، جنهنڪري ننڍي هوندي کان ئي حسابن ۾ حد درجي جو هوشيار ليکجڻ لڳو. موسيقيءَ جي حوالي سان کيس ڪيترا سٺا ساز وڄائڻ ايندا هئا. ڊرائينگ ۾ هن جو مجسمي سازيءَ طرف وڌيڪ چاھہ هو. 1476ع ڌاري والد کيس فلورينس ۾ اٽليءَ جي مشھور آرٽسٽ ويروڪيو جي اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو، جنهن وڏي زور بار کانپوءِ ڊاونچيءَ کي پنهنجو شاگرد بڻايو. ڊاونچيءَ ٿوري ئي وقت ۾ پينٽنگ ۾ ايتري تہ مهارت حاصل ڪري ورتي، جو خود سندس استاد بہ دنگ رهجي ويو. ليونارڊو ڊاونچي کي علم ۽ هنر سان وڏو عشق هو. هن قديم دؤر ۾ روشنيءَ جو تفصيلي مطالعو ڪيو ۽ اک جي اندروني جوڙجڪ کي جانچڻ جي ڪوشش ڪئي. هن آواز جي لهرن جا بنيادي گُر سکيا ۽ آواز جي لهرن سان گڏ روشنيءَ جي سفر کي آوازي لهرن سان لاڳو ڪندي تجربا ڪيا. ليونارڊو ڊاونچي، مصوريءَ ۽ مجسمي سازيءَ جي فن کي تمام گهَرائيءَ سان ورتو ۽ ان علم جي چاھہ مٿس علم جا ڪيئي دروازا کولي ڇڏيا. هُن انساني توڙي حيواني جسماني بناوتن جو غور سان جائزو ورتو، ۽ سندن اعصابي حرڪتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ليونارڊو ڊاونچي پهريون سائنسدان هو، جنهن علم بدن (فزيالاجيءَ) ۽ علم نباتات (باٽنيءَ) جو باقاعدي گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو، هن اُنهي مطالعي ۽ تحقيق لاءِ زندگيءَ جا پورا چاليھہ سال وقف ڪيا.
1476ع ۾ ٽن نوجوانن کي فلورينس جي شھري ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيو ويو، جن تي هم جنس پرستيءَ جو الزام هو. ساڳئي سال ان الزام هيٺ ٽنهي نوجوانن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، انهن ۾ ليونارڊو ڊاونچي بہ شامل هو، جيڪو ان وقت 24 سالن جو هو. کين ٿوري عرصي لاءِ سزا بہ ڏني وئي. بعد ۾ انهيءَ الزام کي ڪوڙو قرار ڏئي ڪيس کي خارج ڪيو ويو. ليوناردو ڊاونچيءَ پاڻ تي لڳل الزام جي حوالي سان فلورينس کي ڪڏهن بہ معاف نہ ڪيو. ان کان اڳ ۾ ليونارڊو ڊاونچيءَ کي سينٽ ليوڪ (Saint Luke) جي هڪ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري بہ ملي هئي، جيڪا ڪمپني گهڻو ڪري عطارن، طبيبن ۽ آرٽسٽن تي مشتمل هئي. 1482ع ڌاري ليونارڊو ڊاونچي ميلان ويو، ان وقت اتي سفورزا جي حڪومت هئي. سفورزا، ليونارڊو کي وڏي عزت ۽ قدر جي نگاھہ سان ڏسندو هو. جنهنڪري ڊاونچيءَ سندس درٻار ۾ پورا 17 سال گذاريا. ڊاونچي، سفورزا جي محل ۾ رهندي فوجي سائنس ۽ جنگي طريقن ۾ سُڌارا آندا. 1485ع ۾ ميلان ۾ پليگ جي بيماري پکڙي ۽ ان وڏي تباهي آندي. هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ميلان جي بادشاھہ سفورزا کي هڪ نئون شھر آباد ڪرڻ جو خيال آيو. جنهن ۾ صفائي سُٿرائي هجي. اهڙي شھر جو نقشو ليونارڊو ڊاونچيءَ تيار ڪيو. 1494ع ۾ ليونارڊو ڊاونچيءَ آبپاشيءَ طرف ڌيان ڏنو ۽ ٻنين ۾ پاڻي پهچائڻ جو هڪڙو حيرت ۾ وجهندڙ نظام متعارف ڪرايو، انهيءَ دوران هن طوفان ۽ کنوڻ تي بہ تحقيق ڪئي.
ليونارڊو ڊاونچيءَ ميلان ۾ رهندي مصوريءَ ۽ سنگتراشيءَ جا اهڙا تہ مثالي شاهڪار تيار ڪيا، جيڪي پنھنجي سونهن، سُندرتا، نفاست ۽ لاتعداد فني خوبين جي ڪمال سبب اڄ ڏينهن تائين پوريءَ دنيا ۾ مشھور آهن ۽ سڄيءَ دنيا جي آرٽ گئليرين جي زينت بڻيل آهن. ليونارڊو ڊاونچي، ڊيوڪ لوڊ ويڪو جي زال بيٽرائس ۽ سندس ٻن محبوبائن سيليا ۽ لوڪريزيا جا شاهڪار پورٽريٽ ٺاهيا.
موناليزا وارو پورٽريٽ، ليونارڊو جو هڪ شاهڪار پورٽريٽ آهي، جيڪو هن 1503ع کان 1506ع تائين مڪمل ڪيو هو. هي پورٽريٽ فرانسيڪو جي بادشاھہ ڊيل جوڪنڊو جي ٽين زال ميڊونا ايلزبيٿ جو هو. هن پورٽريٽ ٺاهڻ لاءِ ليونارڊو ڊاونچيءَ ميڊونا ايلزبيٿ کي ڪيترا ڀيرا پنھنجي اسٽوڊيو ۾ گهرايو ۽ پورٽريٽ جي تياريءَ لاءِ سمورين رمزن ۽ ڪيفيتن کي ڪتب آندو. هُن پورٽريٽ ۾ روشنيءَ ۽ ڇانو جو عجيب امتياز رکيو. آسمان، پاڻي ۽ جبلن واري تخليقي وسعت ۽ قدرتي منظر ڏنا، نہ صرف ايترو، پر چهري تي حرڪت ڪندڙ مشڪن جو بہ مطالعو ڪيو ۽ هڪ ڏکايل ماءُ جي لطيف جذبن کي جاڳائڻ لاءِ موسيقارن جي مدد بہ ورتي. مطلب تہ هي پورٽريٽ مصوريءَ ۽ فلسفي سان گڏوگڏ نفسيات جو بہ هڪ نادر نمونو آهي. موناليزا واري پورٽريٽ ۾ نظر ايندڙ پراسرار مُرڪ ليونارڊو ڊاونچيءَ کي هڪ لافاني چترڪار ثابت ڪيو.
ڊاونچيءَ 1499ع ۽ 1500ع ۾ رياضيءَ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ منجهس جاگرافيءَ کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو جنون جاڳيو. ان دوران هو پنھنجي ملڪ فلورينس آيو ۽ چنڊ جي روشنيءَ ۾ سمنڊ جي پاڻي لھڻ چڙهڻ ۽ ڇولين ۾ جوش اچڻ وارو مشاهدو ماڻيائين ۽ اٽليءَ لاءِ اهڙا نقشا ٺاهيائين، جيڪي اڄ بہ وڏي اهميت واري نگاھہ سان ڏٺا وڃن ٿا. ليونارڊو ڊاونچيءَ ڪو بہ شعبو نہ ڇڏيو، جنهن تي هن تحقيقي مقالو نہ لکيو هجي. مطلب تہ هن مشاهدي دوران جيڪي ڪجهہ پروڙيو، ان کي لکيت ۾ آڻي ڇڏيو. سندس وفات کان ترت پوءِ جيڪڏهن سندس تحريرون ڇپجي وڃن ها تہ شايد ايندڙ ڪجهہ صدين تائين سائنسدانن کي ايڏي مغز ماري نہ ڪرڻي پوي ها، جيڪا هنن ڪئي. 19هين صديءَ تائين بہ ڪنهن ليونارڊو ڊاونچيءَ جي ڪم ۽ محنت تي ڪو ڌيان نہ ڌريو، پوءِ وڃي دنيا کي خبر پئي تہ هن محنتي شخص ڪيترو ڪم ڪيو آهي. بيڪن کان اڳ (هڪ صدي اڳ) ڊاونچيءَ سائنس جا اصول جوڙيا هئا، جيڪي بيڪن بہ ٻُڌائي نہ سگهيو هو. هن جو اهو بہ وڏو ڪارنامو هو تہ هن سڀ کان اڳ ۾ هوائي جھاز جي اڳڪٿي ڪئي ۽ ان جو خاڪو جوڙيو هو. جيڪڏهن ان زماني ۾ هوائي جھاز ايجاد ٿي وڃي ها تہ ان جي جڙڻ جو اعزاز بہ ڊاونچيءَ کي ملي ها. ان کان سواءِ ڊاونچيءَ ٻاڦ جي طاقت ۽ قوت جو بہ اشارو ڪيو هو. ٻاڦ وسيلي هلندڙ توپ جو خاڪو ۽ سامونڊي جهازن جا نمونا پڻ جوڙيا هئائين. هن جون جوڙيل ڪجهہ مشينون اڃا تائين استعمال ڪيون وڃن ٿيون. هن پاڻيءَ جي طاقت جو اندازو لڳايو ۽ فوٽوگرافيءَ جو تصور پيش ڪيو. ان ڏس ۾ هن هڪڙي سادي ڪيمرا بہ ٺاهي. کيس پاڻيءَ جي ڪيمائي بناوت جو بہ اندازو هو. ڊاونچيءَ ٻڌايو تہ روشنيءَ ۽ آواز لهرن جي شڪل ۾ هلندا آهن. هن عورت جي ٻچيدانيءَ جي سائنسي تصوير پيش ڪئي. ڊاونچيءَ زندگيءَ ۾ اٽڪل ٽيهن لاشن جي چيرڦاڙ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. سندس ٺاهيل دماغ، دل، ڦڦڙن، مشڪن، انساني ڍانچي، آنڊن، اک، کوپڙي ۽ ٻين عضون جي ڊرائينگ ان ڳالھہ جو ثبوت آهي.
1517ع کان پوءِ ليونارڊو ڊاونچيءَ مصوريءَ جو ڪم گهٽ ڪري ڇڏيو، جو مٿس فالج جو حملو ٿيو هو. هن 1519ع ۾ وفات ڪئي.