
ڊاٽ
ڊاٽ (DOT): پاڪستان ٽيڪسيشن سروس جي آفيسرن جي تربيت لاءِ 1954ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ٽريننگ (انڪم ٽيڪس) جو ادارو ڪراچيءَ جي ڪشمير روڊ تي قائم ڪيو ويو، جنهن جو پهريون ڊائريڪٽر ايس. اڪرام ﷲ مقرر ٿيو. هيءُ ادارو 1973ع ۾ ڪراچيءَ کان لاهور منتقل ڪيو ويو. 1987ع ۾ علامہ اقبال ٽائون لاهور ۾ انهيءَ ڊائريڪٽوريٽ کي منتقل ڪري ٻہ انتظامي ۽ تدريسي بلاڪ، هڪ لائبريري ۽ 30 ڪمرن تي مشتمل ٽه منزلہ هاسٽل ٺاهي وئي.
سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي (موجودہ: ان لينڊ روينيو سروس) ۾ ايندڙ آفيسرن جي اسـپـيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام (STP) سان گڏوگڏ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (F.B.R) سان لاڳاپيل آفيسرن جا ننڍا وڏا ڪورس ۽ ٽيڪسيشن جي موضوع تي عالمي ڪانفرنسون هن ئي اداري ۾ ٿينديون آهن. 2001ع ۾ 24 ڪمرن تي مشتمل ٽه منزلہ هاسٽل ۽ اڪيڊمڪ بلاڪ (طارق عزيز بلاڪ) قائم ڪيا ويا، جنهن ۾ جديد دؤر جي تقاضائن موجب ٽيڪنيڪل سامان مهيا ڪيو ويو آهي. هن اداري جي عمارت خوبصورت تعمير ٿيل آهي. اداري جون ٻہ ريجنل ڊائريڪٽوريٽ اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ بہ قائم آهن، جتي ننڍي سطح جي ملازمن جي تربيت ڪئي ويندي آهي.