ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو : سنڌ جي نالي واري اديب، عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مڪمل نالو عبدالجبار ولد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو آهي. هن 26 نومبر 1935ع تي ڳوٺ پير فتح شاهه، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم بدين مان ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1956ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. انٽرميڊيٽ 1958ع ۾، بي. اي آنرس 1960ع ۾، ايم. اي 1962ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪئي ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1966ع ۾ هن چيني ٻوليءَ ۾ ڊپلوما چين جي شهر بيجنگ مان ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد (ايران) مان 1973ع ۾ ڪئي. عبدالجبار جوڻيجي صاحب 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رهبريءَ هيٺ ’سنڌي شاعريءَ تي فارسي زبان جو اثر‘ عنوان هيٺ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. 1962ع ۾ ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪري سنڌي شعبي جو چيئرمئن ۽ پوءِ 1993ع کان 1995ع تائين ڊين آف آرٽس فئڪلٽي ٿيو، جتان 26 نومبر 1995ع تي رٽائر ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ کيس لاڙ ميوزيم بدين جو اعزازي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. هن ڊائريڪٽر جي حيثيت سان پنج سال ادبي ۽ ثقافتي خدمتون سرانجام ڏنيون. ميوزم جي ترقياتي ڪمن سان گڏ ثقافتي ڪم پڻ ڪيائين. سندس 200 کان مٿي تحقيقي مقالا ۽ 64 ڪتاب ڇپيل آهن. هيءُ هيڪ (HEC) ۾ 2007ع کان 2009ع تائين پروفيسر ٿي رهيو آهي. سندس نگرانيءَ هيٺ هڪ شاگرد پي. ايڇ. ڊي ۽ پنج شاگرد ايم. فل جون ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن. هن وقت به سندس نگرانيءَ ۾ ڪيترا شاگرد ايم فل ڪري رهيا آهن. سندس ڇپيل ڪتاب هيٺيان آهن: (1)’سوکڙي‘ (بيت ۽ افسانا 1956ع)، (2) ’اباڻو گھر‘ (افسانا: 1958ع)، (3) ’دانشمندي‘ (ترتيب: 1958ع)، (4) ’ڪنزاللطيف‘ (لطيفيات ٻه ڇاپا: 1961ع ۽ 2009ع)، (5) ’غزلن جو غنچو‘ (پروفيسر علي نواز جتوئيءَ سان گڏ ترتيب: 1963ع، ڪُل ڇهه ڇاپا)، (6) ’سُوري آ سينگار‘ (ناول: 1963ع)، (7) ’ســنــڌيــون‘ (قـديـم مـذهبـي شـاعـري: 1970ع)، (8) ’پـيـغمبر اسلام‘ (تـرجـمــو: 1971ع)، (9) ’سنڌي ٻيو ڪتاب‘ (درسي ڪتاب: 1973ع)، (10) ’مائوءَ جي ملڪ ۾‘ (سفرنامو: 1973ع، ٻه ڇاپا)، (11) ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘ (1973ع، ڪل چار ڇاپا)، (13) ’اڪيلي‘ (ناول، ترجمو: 1974ع)، (14) ’لاڙ جي لغات‘ (1975ع)، (15) ’مرگهه ترشنا‘ (ڪلام: 1976ع)، (16) ’لطيفيات‘ (ببليوگرافي، ٻه ڇاپا: 1977ع ۽ 2000ع)، (17) ’لطيف ڪوئز‘ (1978ع)، (18) ’سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر‘ (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز: 1980ع)، (19) ’سچل نامو‘ (ببليوگرافي: 1980ع)، (20) ’نه ڪر هار سينگار سَکِي‘ (افسانا: 1981ع)، (21) ’ديپڪ ۽ ملهار‘ (آتم ڪهاڻي: 1984ع)، (22) ’چــونــڊ ڪــلام‘ (تـرتـيـب: 1984ع)، (23) ’مـحــمـد سـومـار شـيـخ‘ (شـخـصـيـــت ۽ فــن: 1988ع)، (24) ’مـقــالا‘ (سـاٿـي مــرتــب: 1988ع)، (25) ’نرتي تند نياز سين‘ (ساٿي مرتب: 1988ع)، (26) ’ڪلچرل هيريٽيج آف ســنــڌ‘ (سـاٿي مرتب: 1988ع)، (27) ’بايو ڊيٽا آف رائٽرس‘ (1988ع)، (28) ’ونـڊ سـر محل جو مسافر‘ (سفرنامو: 1989ع)، (29) ’لاڙ جو مطالعو‘ (ترتيب: 1991ع)، (30) ’سنڌ ڪوئز‘ (1993ع)، (31) ’ٿر جي ٻولي‘ (ساٿي ليکڪ: 1994ع)، (32) ’مرڌنگ‘ (ڪلام: 1995ع)، (33) ’ڪشف الابيات‘ (لـطيـفـيــات: 1995ع)، (34) ’ڊاڪـٽـر بـلــوچ – هـڪ مـطالـعــو‘ (1998ع)، (35) ’شيخ اياز- هڪ مطالعو‘ (1999ع)، (36) ’سرائيڪي شاعري- هڪ مـطـالـعــو‘ (1999ع)، (37) ’تـنـويـــر عـبـاســـي- هــڪ مـطـالـعــو‘ (2000ع)، (38) ’محمد سومـار شـيــخ - هڪ مطالعو‘ (2001ع)، (39) ’لاڙ صدين کان‘ (ترتيب: 2001ع)، (40) ’سنڌي ادب جو مطالعو‘ (2001ع)، (41) ’ڊاڪٽر سنديلو- هـڪ مـطــالـعــو‘ (2002ع)، (42) ’ڪٺمال‘ (67 مقالا: 2002ع)، (43) ’بدين‘ (ترتيب: 2004ع)، (44) ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ (جلد پهريون: 2004ع)، (45) ’مــجــاز‘ (آتـم ڪـهـاڻي: 2005ع)، (46) ’ســنــڌي ادب جــي تــاريــخ‘ (جـلـد ٻـيــو: 2005ع)، (47) ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ (جلد ٽيون: 2006ع)، (48) ’سچل سرمست-هـڪ مطالعو‘ (2006ع)، (49) ’سنڌي زبان جي ماهيت‘ (2008ع)، (50) ’جلترنگ‘ (2008ع). سندس اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب: (51) ’سنڌي لوڪ گيت‘ (1985ع)، (52) ’سليس سنڌي‘ (1989ع)، (53) ’سرائيڪي شاعري- ايڪ مطالعه‘ (2001ع)، (54) ’ميرا عشق بهي تو‘ (2002ع)، (55) ’ڪافيان‘ (2003ع)، (56) ’وتايو فقير ڪي لطائف‘ (ترجمه: 2004ع)، (57) ’شاهه عبداللطيف‘ (2005ع)، (58) ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ‘ (2006ع)، (59) ’بابا بلهي شاهه‘ (2007ع)، (60) ’صوفيانه موسيقي‘ (2007ع)، (61) ’سچل سرمست- شخصيت اور فن‘ (2008ع)، (62) ’زنبيل‘ (2010ع). سندس ٻن سَوَن کان مٿي مقالا لکيل آهن. سندس ڇپائيءَ لاءِ تيار ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ’قنديل‘، (2) ’ڏيپلائي- هڪ مطالعو‘، (3) ’رنگ رتول‘ (آتم ڪهاڻي)، (4) شاهه- معلم، مدبر ۽ مهربان‘، (5) ’عثمان فقير جو ڪلام‘، (6) ’اردو ۽ فارسي مقالا‘، (7) ’عڪس‘ (ڪهاڻيون ۽ ليک)، (8) ’لٽرري پرسوٽيس‘ (انگريزي مقالا)، (9) ’ٽپال‘ (خط) وغيره.هـن چيـن، سري لنڪا، ڀارت، ترڪي، برطانيه ۽ بنگلاديش جو سفر ڪيو آهي. سندس وندر ۾ راڳ ٻڌڻ، پنهنجي دارالسلطانيه لائبرري بدين ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ ڪي نادر شيون هٿ اچن ته انهن کي سنڀالي رکڻ شامل آهن.ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي 12 جولاءِ 2011ع تي وفات ڪئي.
1935.11.26 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مڪمل نالو عبدالجبار ولد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو آهي. هن 26 نومبر 1935ع تي ڳوٺ پير فتح شاهه، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
2011.07.12 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي 12 جولاءِ 2011ع تي وفات ڪئي.