
ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن
ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن (Dr. Raymond Alchin): آثارِ قديمہ جي هن ماهر جو پورو نالو فرينڪ ريمنڊ آلچن هو. سندس جنم 9 جولاءِ 1923ع تي لنڊن جي شھر Harrow ۾ ٿيو. هن پنھنجي ابتدائي تعليم ويسٽ منسٽر ايبي مان حاصل ڪرڻ بعد فن تعمير ۽ عمارتسازيءَ جو علم ۽ سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ ريجينٽ اسٽريٽ پولي ٽيڪنيڪ جي اداري ۾ داخلا ورتي، پر جلد ئي Royal Corps of Signal جي فوجي دستي سان گڏ هندستان ڏانهن روانو ڪيو ويو، جتي ڏکڻ هندستان جي فوجي دستن جي ڳجهين سازشن ۽ اوسي پاسي جي جنگي ماحول کي نظر انداز ڪري هن ٻيهر پنهنجو ڌيان فن تعمير ۽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۽ ثقافت طرف ڏنو. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ هن School of Oriental and African Studies مان هندي ۽ سنسڪرت ۾ بي. اي. جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن تہ 1954ع ۾ آثارِ قديمہ جي شعبي مان پي. ايڇ. ڊي جي سند حاصل ڪيائين. عملي زندگيءَ جي شروعات هندستاني آثارِ قديمہ ۾ ليڪچرار طور ڪيائين. 1959ع ڌاري ڪيمبرج روانو ٿيو ۽ هندستان، پاڪستان، نيپال، بنگلاديش ۽ سريلنڪا تي تحقيق ڪندي پنھنجي عملي ۽ تحقيقي ڪم جي باقاعدہ شروعات ڪيائين. 1921ع ڌاري برطانوي اڪيڊميءَ ۾ امتيازي رڪن مقرر ڪيو ويو. ڪيمبرج يونيورسٽيءَ سان گڏ چرچل ڪاليج ۾30 سالن جي طويل عرصي تائين پڙهائڻ جي پيشي سان وابستہ رهيو.
1989ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد کيس ڏکڻ ايشيا جي آثارِ قديمہ جي Emiritus Reader جو خطاب ڏنو ويو. هن برجيٽ آلچن سان شادي ڪئي، جنهن سندس تحقيق جي ڪم ۾ وڏي مدد ڪئي. ڏکڻ ايشيا، قديم هندستان ۽ ايران تي تحقيق جي حوالي سان هن پنھنجي گهر واري برجيٽ آلچن، پروفيسر هيرالڊ بيلي، پروفيسر جوهانا وين، لوهينزن ڊي ليو ۽ ڊاڪٽر جان وان لوهيزن جي سهڪار سان يونيورسٽيءَ جي سطح تي 1987ع ۾ هڪ ٽرسٽ قائم ڪيو، جنهن سان ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ موجود قديم آثارن جي تحقيق ۽ علمي واڌاري ۾ تمام گهڻي مدد ملي. ان ٽرسٽ تحت آثارِ قديمہ جي شاگردن جي تحقيق جي سلسلي ۾ لائبررين تائين رسائي، قديم آثارن متعلق مختلف موضوعن تي رٿيل ليڪچرن، سيمينارن ۽ تدريسي موضوعن تي بحث مباحثي جي رٿيل پروگرامن ۾ ريمنڊ آلچن ۽ سندس گهرواري برجيت آلچن شاگردن جي سرپرستيءَ جو ڪم سرانجام ڏيندا رهيا. سندس ڪيل اهم تحقيقن ۽ کوجنائن ۾ نئين پٿر جي دؤر Deccan Neolithic جي آثارن جي کوجنا (Utnur 1961-63 & Piklihal 1960) اهم آهي. هن انهيءَ سلسلي ۾ پنھنجي گهر واري برجيٽ آلچن سان ننڍي کنڊ جي تاريخ کان اڳ وارن قديم آثارن تي تحقيق ڪندي ان ڪم جو خاڪو تيار ڪيو. ٻنهي گڏجي The Birth of Indian Civilization جهڙو ڪتاب لکيو، جيڪو ڪيمبرج يونيورسٽي پريس مان ڇپيو. هي رڳو آرڪيالاجسٽ ڪونه هو، پر سٺو مترجم بہ هو. هن ڪاليداس کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اهو ترجمو اڄ بہ انگريزي ادب ۾ شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. ’ڪويتا وليءَ‘ تي سندس لکيل مقدمو سندس علمي ڄاڻ ۽ سنسڪرت تي دسترس جو ثبوت آهي. هن مھر ڳڙھہ جي ٺيڪري ٿانون کان اڳ واري دور (Pre Pottery Period) کي دنيا سان روشناس ڪرايو. ان کانسواءِ هن گيتا دؤر جي اشوڪ اعظم جي انهن ڪتبن کي ڳولي هٿ ڪيو، جيڪي کيس هندستان جي ڀرپاسي وارن هنڌن تان مليا، انهن جو ترجمو ۽ تشريح لکيائين. اهي ڪتبا/ لکتون قديم براهمي خط ۾ لکيل هئا.
ان ڏس ۾ مهرڳڙھہ مان لڌل آڳاٽي دؤر جي Pre-Pottery ۽ انوراڌاپور جي علائقي مان مليل آڳاٽي اشوڪا براهمي لکت جا ڪتبا بہ اچي وڃن ٿا. هن پنھنجي قابليت جي آڌار تي پنهنجيءَ سرپرستيءَ هيٺ آثارِ قديمہ جي شاگردن ۾ تحقيق جي حوالي سان شمارياتي خصوصيتون اجاگر ڪيون، جن اڳتي هلي تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو.
هن هندستان ۽ سريلنڪا جي قومي تحقيقي ادارن ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور پنهنجا فرض سر انجام ڏنا. سندس تحقيقي ڪم تي مشتمل مختلف ڪتاب ڇپيل آهن. هن پهريون ڪتاب ننڍي کنڊ جي ابتدائي تاريخي آثارن بابت پنھنجي گهر واريءَ برجيٽ آلچن سان گڏ The Birth of Indian Civilization ، 1968ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن وڏي مقبوليت ماڻي. سندس ٻيو تحقيقي ڪتاب The Rise of Indian Civilization in India and Pakistan، 1982ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ سندس مشھور ڪتاب The Archaeology of Early Historic South Asia 1995ع ۾ شايع ٿيو.
آثارِ قديمہ جي هن ماهر ۽ استاد 4 جون 2010ع تي وفات ڪئي. سندس ڪيتريون لکڻيون گهر واريءَ برجيٽ آلچن سان گڏيل طور ڇپيل آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
• Neolithic Cattle Keepers of South India (1963).
• The Petition of Rama (1966).
• The Archaeology of Afghanistan (1978) with Norman Hammond.
• The Rise of Civilization in India & Pakistan (1982).
• Archaeology of Early Historic South Asia: Emergence of Cities & States (1995).
1923.07.09 عيسوي
آثارِ قديمه جي هن ماهر جو پورو نالو فرينڪ ريمنڊ آلچن هو. سندس جنم 9 جولاءِ 1923ع تي لنڊن جي شهر Harrow ۾ ٿيو.
2010.06.04 عيسوي
آثارِ قديمه جي هن ماهر ۽ استاد 4 جون 2010ع تي وفات ڪئي.