ڊجيٽل لائبرري

ڊجيٽل لائبرري: لفظ ڊجيٽل جو استعمال عام طور ڪمپيوٽر سان آهي. جيڪڏهن ڪنهن بہ شيءِ يا اوزار وغيرہ يا ڪنهن خدمت (Service) جو حوالو ڏبو تہ ان جو مطلب ٿيندو تہ بيان ڪيل شيءِ ۽ اوزار وغيرہ يا خدمت مڪمل طور ڪمپيوٽرائيزڊ هوندي ۽ ان جو بنياد مشيني ٻولي 0 ۽ 1 واري بنياد تي هوندو. ڪمپيوٽر دنيا جي ڪتبخانن ۽ لائبرري سائنس جا سمورا عمل (جھڙوڪ: ڪيٽلاگ، فهرستون، جاري ڪرڻ ۽ واپس وٺڻ) ڊجيٽل ٿي ويا آهن. ايستائين جو هن وقت ڪتبخانن جو انهن جو طبعي وجود بہ متاثر ٿيو آهي، يعني اهي ورچوئل ٿي ويا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ورچيوئل جو مقصد آهي ٽيڪنالاجيءَ وسيلي اهڙي شيءِ جو وجود ۽ خدمت (سروس) پيش ڪرڻ، جنهن جو حقيقي طور طبعي وجود نہ هجي. مثال طور: اي ميل ۽ اي ميل باڪس. ڊجيٽل لائبرريءَ جو مطلب آهي. هڪ اهڙو ڪتبخانو، جنهن جو ڪتابي يا غير ڪتابي مواد، اخبارون، رسالا، ميگزين وغيرہ مڪمل طور ڊجيٽل يعني ڪمپيوٽرائيزڊ هجن ۽ ڪنهن ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ يا ان سان مطابقت رکندڙ ڪنهن ٻئي اوزار ۾ ڪنهن سٽاءُ/ پروگرام/ سافٽ ويئر ۾ جمع ٿيل هجن. مواد کي پڙهڻ يا تلاش ڪرڻ لاءِ صارف ۽ مواد جي وچ ۾ وهنوار لاءِ هڪ سافٽ ويئر هوندو آهي، جنهن کي ’گرافڪ يوزر انٽرفيس‘ چئبو آهي. مواد تائين پھچ علائقائي سطح تي ڪمپيوٽرن جي ڄار وسيلي بہ ٿي سگهي ٿي ۽ ساڳيءَ طرح انٽرنيٽ وسيلي هن لائبرريءَ جو طبعي وجود هوندو آهي، ان ڪري ان کي ورچوئل لائبرري ۽ بنا ديوار لائبرري بہ سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ تہ هن جو طبعي وجود نہ هجڻ جي باوجود هڪ رواجي لائبرري هزارين ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن سان موجود هوندي آهي، اها پنھنجي خدمت (Service) پيش ڪندي آهي. ان جي نمائندگي ڪندي آهي. مواد تائين هر وقت پھچ جي ڪري ان کي آن لائين لائبريري بہ سڏيو ويو آهي. ان جي قائم ۽ استعمال ڪرڻ ۾ برقي اليڪٽرانڪ اوزارن: ڪمپيوٽر، اسڪينر، ڪئميرا، مائڪرو فون، لائوڊ اسپيڪر، پرنٽر وغيرہ جي استعمال سبب ان کي اليڪٽرانڪ لائبرري يا اي لائبرري پڻ سڏيو ويندو آهي. اڪثر ڪري رواجي ڪتبخانن جا منتظمين، ڪتبخاني جون ڪجهہ خدمتون، جھڙوڪ: انٽرنيٽ، آپٽيڪل ڊسڪ تي ڪتابن يا رسالن، مائيڪرو فارم/ فلم، وڊيو ڪانفرنس، ويب سائيٽ تي موجود ڪتابن جي فهرست، اسڪيننگ، پرنٽنگ وغيرہ ڪمپيوٽر وسيلي پيش ڪري ان رواجي ڪتبخاني کي ڊجيٽل لائبرري آن لائين لائبرري/ اليڪٽرانڪ لائبرري يا اي لائبرري سڏڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو غلط آهي. اهڙي قسم جي ڪتبخاني کي هائبرڊ لائبرري يعني ’گاڏڙ ڪتبخانو‘ چئبو آهي. مطلب تہ اهڙو ڪتبخانو جنهن ۾ رواجي ڇپيل مواد ۽ برقي مواد (الڪيٽرونڪ ميٽر) جو ميلاپ هجي.
ڊجيٽل لائبرري جي اهميت ۽ فائدا: رواجي ڪتبخاني ۽ ڊجيٽل لائبرريءَ جو بنيادي مقصد ساڳيو هوندو آهي. ڊجيٽل لائبرري پنهنجين خصوصيتن جي ڪري رواجي ڪتبخاني کان مختلف آهي. ان جي اهميت ۽ فائدا هن ريت آهن.
طبعي جڳھہ: رواجي ڪتبخانا مواد (ڪتاب، رسالا، اخبارون وغيرہ) جي جمع ڪرڻ سبب محدود هوندا آهن، پر ڊجيٽل لائبرري ۾ اها سگهہ هوندي آهي تہ گهڻي کان گهڻي مواد کي جمع ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ تہ ڊجيٽل نموني واري معلومات کي جمع ڪرڻ لاءِ تمام ننڍڙي هارڊ ڊسڪ يا ان سان مطابقت رکندڙ ڪنهن ٻي اوزار وغيرہ جي ضرورت هوندي آهي. ڊجيٽل لائبرريءَ جي سار سنڀال جو طريقو رواجي ڪتبخاني جي ڀيٽ ۾ معمولي هوندو آهي.
خرچ: رواجي ڪتبخاني ۾ عملي جي پگهار، ڪتابن جي سار سنڀال، نون ڪتابن وغيرہ خريد ڪرڻ، عمارت جي سنڀال، صفائيءَ جا خرچ شامل آهن، جڏهن تہ ڊجيٽل لائبرريءَ ۾ اهي سڀ خرچ نہ هئڻ برابر آهن.
نواڻ: ڊجيٽل لائبرري ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر جي خيال کان آيل هر نموني ۾، پوءِ اهو ملٽي ميڊيا ۾ ڇو نہ هجي. جديد ذريعن وسيلي پيش ڪري سگهي ٿي.
ڪنهن بہ طبعي سرحد جو نہ هجڻ: ڊجيٽل لائبرريءَ جي پڙهندڙ کي طبعي طور لائبرريءَ ۾ وڃڻ جي ضرورت نہ هوندي آهي. سڄيءَ دنيا جي معلومات تائين پھچ لاءِ صرف انٽرنيٽ جو ڳانڍاپو ضروري آهي.
هر وقت موجودگي: ڊجيٽل لائبرريءَ جي وڏي ۾ وڏي خاصيت اها آهي تہ اُها ماڻهو ڪنهن بہ وقت، رات هجي يا ڏينهن، معلومات تائين پھچ رکي سگهي ٿو.
گڏيل پھچ ۽ مواد جي ڳولا: ڊجيٽل لائبرريءَ جو ڪو بہ ڪتاب يا رسالو ساڳئي وقت ڪيترائي ماڻهو/ صارف دنيا جي مختلف حصن ۾ پڙهي سگهن ٿا. ڊجيٽل لائبرريءَ ۾ اسان کي ان جي مواد (ڪتاب يا رسالي جي ڪئٽلاگ کان ويندي ان جي بابن ۽ متن تائين) پھچ سولي هوندي آهي. ڊجيٽل لائبرريءَ ۾ صارف کي ڪتاب يا ڪو ٻيو مواد ڳولڻ سولو هوندو آهي. صرف واسطيدار مضمون جو ڪو بہ لفظ مهيا ڪري ڳولا ڪبي تہ سيڪنڊن ۾ گهربل مواد جو پتو پئجي ويندو.
مواد کي ڪمپيوٽر اسڪرين تي پڙهڻ سان گڏ ان کي ڪمپيوٽر تي ڊائون لوڊ ڪري يا پرنٽر وسيلي ڇپيل صورت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ڊجيٽل لائبرري جو مواد هڪ ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ جمع ٿيل هوندو آهي. ڊجيٽل لائبرري ۽ ان جي مواد تائين پھچ لاءِ اسان کي هيٺئين سامان جي ضرورت پوندي آهي:
ڪميپوٽر، موڊيم، نيٽ ورڪ ڪارڊ، ٽيليفون لائين، انٽرنيٽ سافٽ ويئر، انٽرنيٽ سروس پرووائيڊر وغيرہ.
ڊجيٽل لائبرري جي صارفين جي رقم جي ادائگيءَ جا ٻہ قسم آهن: (1) مفت ۽ (2) روڪڙ واري. مفت ڊجيٽل لائبرريءَ جو استعمال دنيا جو هر ماڻهو ڪهڙي هنڌان بنا ڪنهن رقم جي ادائگيءَ جي ڪري سگهي ٿو، جڏهن تہ ادائگي/ روڪڙ واري لائبرريءَ لاءِ صارف يا ڪنهن اداري (پنھنجي عملي لاءِ) کي ويزا ڪارڊ، ماسٽر ڪارڊ يا ڪنهن ٻي متبادل وسيلي ميمبرشپ ڪرائڻي پوندي آهي، جنهن کانپوءِ انهن کي صارف جو نالو ۽ ’خفيہ لفظ‘ مهيا ٿيندو آهي، جنهن وسيلي هو ان تائين رسد حاصل ڪري سگهندا آهن.
ڊجيٽل لائبريءَ جو مواد اڪثر اکرن واري نموني ۾ هوندو آهي، پر ان سان گڏوگڏ تصويري نموني ۽ سمعي و بصري نموني ۾ پڻ ميسر هوندو آهي. اکرن واري نموني جو مواد ايڇ. ٽي. ايم. ايل، نوٽ پيڊ، ورڊ پيڊ، ايڪسل، ايڊوب ايڪروبيٽ وغيرہ جي فائل جي شڪل ۾ هوندو آهي. تصوري نموني جو مواد جي. پي. جي ۽ گِف وغيرہ جي فائل جي شڪل ۾ هوندو آهي. سمعي و بصري نموني جو مواد فليش، پاورپوائنٽ ۽ ونڊوز ميڊيا وغيرہ جي فائيل جي شڪل ۾ هوندو آهي.
ڊجيٽل لائبرريءَ جي مواد جي چونڊ ۽ گڏ ڪرڻ لاءِ لائبرري جي مواد کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
ڊجيٽل ٿيل: اهڙو مواد، جيڪو ڪنهن ڇپيل رسالي يا ڪنهن اوزار: جھڙوڪ اسڪينر وي. پي. ايس وغيرہ وسيلي ڪمپيوٽر ۾ داخلا ڪجي.
ڊجيٽل بارن Born Digital: اهڙو مواد، جيڪو ڪنهن بہ نئين ڪتاب کي ڪمپيوٽر ۾ تيار يعني ڪمپوز ڪيو وڃي ۽ اهو ڇپائي واري صورت ۾ نہ هجي.
رواجي لائبرريءَ وانگر ڊجيٽل لائبرريءَ جي مواد جي چونڊ وارو طريقو ساڳيو آهي، جنهن لاءِ لائبرري يا اداري جي سرپرستيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي ٺهيل هوندي آهي، جيڪا مواد جي چونڊ ڪندي آهي. ان کانپوءِ سفارش ڪيل مواد کي تصنيف جي حق وارن قاعدن ۽ قانونن موجب ان ڪتاب يا رسالي کي خاص ڪري اسڪينر وسيلي ڊجيٽل فارم (اکرن واري نموني) يا وري تصويري نموني ۾ تبديل ڪري ڊجيٽل لائبرريءَ جي مواد واري ڊيٽابيس ۾ داخل ڪبو آهي. ڊجيٽل لائبرري هڪ ماڻهوءَ جي وس جي ڳالھہ نہ آهي، پر اُن لاءِ هڪ ٽيم ورڪ هوندو آهي، جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ماڻهن تي مشتمل هوندو آهي. بلڪ چند مخصوص فردن تي (جيڪي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت رکندڙ هوندا آهن) تي مشتمل هوندو آهي. هن ڪتبخاني جو عملو خودمختيار بہ ٿي سگهي ٿو، يا ڪنهن اداري جي ماتحت بہ ٿي سگهي ٿو. اڪثر عملو هيٺين ريت هوندو آهي. ڪميپٽر آپريٽر/ ڊيٽا انٽري آپريٽر، سسٽم اينالسٽ، نيٽ ورڪ ايڊمنسٽريٽر، ويب پيج ڊزائينر ايڊمنسٽريٽر ۽ لائبريرين. مڙني مضمونن جي ڄاڻ رکندڙ عالم/ ماهر يا عالمن ماهرن جي ڪاميٽي (ڪتابن يا رسالن جي چونڊ واسطي).
ڊجيٽل لائبرري جا ڪجهہ مثال هي آهن: هاير ايجوڪيشن ڪميشن، پاڪستان جي ڊجيٽل لائبرري www.digitallibrary.edu.pk، ايسوسيئيشن فار ڪمپيوٽنگ (ACM) جي ڊجيٽل لائبرري، www.portal.acm.org/dl.cfm، لائبرري آف ڪانگريس جي ڊجيٽل لائبرري، گوگل جي ڊجيٽل لائبرري وغيرہ.


لفظ ڊجيٽل لائبرريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو