ڊرامو
ڊرامو
ڊرامو
ڊرامو
ڊرامو
ڊرامو (Drama): ڊرامو يوناني ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ: دلچسپ واقعو، کيل، تماشو وغيره آهي. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي هڪ مخصوص انداز ۾ پيش ڪرڻ يا ڪردارن جي چُرپر جي نقل کي ڊرامو چئجي ٿو. ڊرامي جو مقصد تفريح، راند رُوند، ٺينگ ٽپا ۽ تماشو به آهي. ڊرامو زندگيءَ جي نقل، رسمن ۽ رواجن جو سچو آئينو آهي، جيڪو سچائيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ڊرامو اصل ۾ حالتن ۽ واقعن جي تصوير ڪشي آهي. انگريزي ٻوليءَ جي مهان ناٽڪ نويس شيڪسپئير جو چوڻ آهي ته ’ڊرامو زندگيءَ جو عڪس آهي‘.
ڊرامي جي شروعات نقاليءَ کان ٿي. ارسطو چواڻي: نقالي، انساني جلبت ۾ شامل آهي، جيڪا ننڍپڻ کان نظر اچي ٿي ۽ ان جو ترقي يافته نالو ’ڊرامو‘ آهي.
ڊرامي جي اصل نسل کي جاچڻ لاءِ ڊرامي جي اتهاس جي اڀياس مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ڊرامي جي پيدائش انهن مذهبي ادارن مان ٿي، جيڪي اصنام پرستيءَ ڏانهن مائل رهيا. اهي پنهنجي ديوتائن جي واکاڻ لاءِ جيڪي گيت، ڀڄن يا نغما ڳائيندا هئا، سي تمثيلي انداز ۾ پيش ڪندا هئا، جن ۾ ديوتائن جي صفت جو مڪمل اظهار هوندو هو. يوناني ڊرامي جي ابتدا به ائين ئي يوناني ڌرم يا ثقافتي ديومالا سان ٿي. ان ۾ ڊرامي کي نهايت مقدس سمجهيو ويندو هو. باقاعده ڊرامي ۽ ٿيٽر جو شعور اسان کي پهريائين يونانين ۾ نظر اچي ٿو. 490 ق. م ۾ يونان جي مشهور ۽ اولين ناٽڪ نويس ايسڪائي لس (Aeschylus) جو ناٽڪ‘The Supliont’ پيش ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ سوفوڪيلز (Sophocles) ۽ يوري پڊيز (Euripides) جهڙن ڊرامانگارن ان ۾ اضافو ڪيو.
ڊاڪٽر حبيب الله مرزا لکي ٿو ته، ”يوناني ڊرامي جي هڪ خاصيت اها به آهي، جو ان جا ٻه قسم آهن. هڪ ٽريجڊي (الميه ڊرامو) ۽ ٻيو ڪاميڊي (طربيه ڊرامو). ارسطو مطابق الميه ڊرامو، سنجيده ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو، ۽ طربيه ڊرامو (ڪاميڊي) کِل ڀوڳ واري ماحول جي ترجماني ڪري ٿو. ان کان سواءِ الميه ڊرامي (ٽريجڊي ڊرامو) جي ٻولي سنجيده، گنڀير ۽ حڪمت ڀري هوندي آهي. طربيه ڊرامي (ڪاميڊي) جي ٻولي کِل چرچي ۽ مزاح سان ڀريل هوندي آهي. نه فقط ايترو، پر الميه ڊرامن جا ڪردار وڏا ماڻهو، شهزادا، شهزاديون ۽ ٻيا اعليٰ مرتبت انسان هوندا هئا ۽ مزاحيه ڊرامن جي ڪردار لاءِ هيٺئين درجي جا ماڻهو يعني ڪمي ڪاسبي ۽ هلڪي قسم جا انسان چونڊيا ويندا آهن.
يونانين کان پوءِ يورپ ۾ جديد ڊرامي جو دؤر آيو. ان دؤر ۾ ابتدائي ڊرامانگارن مارلو (Marlow)، وڪٽر هيوگو (Victor Hugo)، بن جانسن (Ben Johnson)، شيڪسپيئر (Shakespeare)، موليئر (Molier)، ابسين (Ibsen) ۽ برنارڊ شا (Bernard Shaw) ۽ ٻين ڊرامي کي ترقي وٺرائي.
هندستان جي ڊرامي جو وجود يونانين وانگر نهايت آڳاٽو آهي. ڊاڪٽر صفدر حسين لکي ٿو ته، ”هندستان ۾ ڊرامي جو فن سڀ کان اڳ ۾ ڀرت منيءَ کي سيکاريو ويو. جنهن ذريعي اهو سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيو. روايتن موجب ڊرامي جو آغاز ڀرت منيءَ کان ٿيو. اندر ڌوج، امرت منٿن ۽ لڪشمي سوئمبر ابتدائي ڊراما ليکيا وڃن ٿا، جيڪي پهريائين ديوتائن لاٰءِ لکيا ۽ ڀيٽا طور پيش ڪيا ويا، پوءِ وشنوءَ جي پتنيءَ اروشيءَ جي توسط سان دنيا جي آڏو آيا.
جديد انگريزي ڊرامي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جديد ڪلاسيڪي ڊرامن جو بُنياد وري پهريان پهريان فرانسيسي ڊرامانگارن سترهيـن ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ رکيو ۽ اطالوي شاعر الفريري (Alfieri) جا ڊراما به ڪافي مشهور ٿيا، جڏهن ته رومانوي ڊرامن جو بُنياد ايلزبيٿ ۽ اسٽورٽ جي زماني ۾ پيو، اُنهي دور سان عظيم ڊرامانگار شيڪسپيئر به تعلق رکي ٿو. اُن کانسواءِ جرمنيءَ ۾ گوئٽي، شِلر ۽ ليسننگ ڊرامي نگاريءَ ۾ ڪافي ترقي ڏياري. فرانس ۾ وڪٽر هيوگو ۽ ڊيومس پڻ ڊرامي نگاريءَ جي ميدان ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪئي. جديد ڪلاسيڪي ۽ رومانوي ڊرامن ۾ وري ڪافي اختلاف آهن، ڇو ته ڪلاسيڪي ڊرامن جي برخلاف رومانوي ڊرامن ۾ عوامي ماحول ڏيکاريو ويندو آهي.
انگريزيءَ ۾ ڊرامي جا ٻه مُکيه حصا/ ڀاڱا آهن: هڪڙا ٽريجدي ڊراما ۽ ٻيا ڪاميڊي ڊراما. جنهن ڊرامي ۾ هيرو ۽ ٻيا مُکيه ڪردار آخر ۾/ انجام تي مري وڃن ٿا، اُنهن ڊرامن کي ٽريجدي ڊرامو چيو ويو آهي ۽ جن ڊرامن ۾ هيرو (نائيڪ) ۽ ٻيا مُکيه ڪردار گهڻي تڪليف کانپوءِ آخر ۾ خوش ٿين ٿا، پنهنجو مقصد ۽ مطلب حاصل ڪن ٿا، انهن ڊرامن کي ’ڪاميڊي ڊراما‘ چيو ويو آهي. ائين سنڌيءَ ۾ به ڊرامن جا ٻه قسم آهن، هڪڙا ٽريجڊي يا رومانوي ۽ ٻيا ڪاميڊي يا مزاحيه.
سنڌ ۾ به ڊرامي جي شروعات نهايت پراڻي آهي. سنڌ جا رهواسي پنهنجي ڌرمي ڏڻن، هولي، ڏياري، ٿڌڙي ۽ دسهڙي جي موقعن تي مذهبي نوعيت جا ناٽڪ رچائيندا هئا. دسهڙي جي ڏينهن، راوڻ ۽ رامچندر جي يُڌ (جنگ) ڏيکاري ويندي هئي. اهڙي قسم جا ناٽڪ گهڻي عرصي کان سنڌ ۾ مروج هئا. ڊرامي/ ناٽڪ جي انهيءَ صورتحال کان پوءِ ’سانگ‘ ۽ ’رام ليلائون‘ به ڊرامي/ ناٽڪ جا ابتدائي اهڃاڻ يا نمونا آهن. ’سانگ‘ کي سنڌ جو ناٽڪ مڃيو وڃي ٿو. آڳاٽي زماني کان مڱڻهار، شيدي، ڀٽ ۽ ڪي حرفتي ۽ هنرمند ماڻهو خاص خوشيءَ جي موقعن ۽ شادين تي سانگ رچائيندا هئا، جن ۾ ڪن ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي تصوير پيش ڪندا هئا. مردن کان سواءِ عورتون به پنهنجين محفلن ۾ سانگ رچائينديون هيون.
سنڌ ۾ ناٽڪ جو باقاعدي آغاز 19هين صديءَ عيسويءَ جي وچ ڌاري ٿيو. 1854ع ۾ قائم ٿيل رايل ٿيئٽر ڪراچي، ناٽڪ جي ميدان ۾ پهريون قدم کنيو. ڪراچي ڇانوڻيءَ ويجهو قائم ڪـيـل ٿيـئٽـر هــال ۾ جـان ٿـامـس هـائـنـس جـي ڊرامـي سـان گـڏ مـزاحيه فيـچر دي هيپي مئن (The Happy Man) پڻ پيش ڪيو ويو هو. ناٽڪ ڏسڻ جو رجحان وڌيو ته آهستي آهستي ڊرائمٽيڪ سوسائٽيون قائم ٿيڻ لڳيون، جن ۾ دي ڪراچي فرينڊس ائنڊ سوسائٽي (The Karachi Friends and Society) (1882ع)، پيني ريڊنگس ائنڊ ڊرائميٽڪ ڪلب (1885ع) پهريون ڊراميٽڪ سوسائٽيون ڳڻي سگهجن ٿيون. هنن ناٽڪ منڊلين ۾ گهڻو ڪري انگريز فوجي آفيسر وڏي چاهه سان حصو وٺندا هئا.
ان بعد سڀ کان اڳ بمبئيءَ کان آيل ناٽڪي پيشي سان لاڳاپيل پارسي ۽ گجراتي ڪمپنين پنهنجا مشهور ناٽڪ پيش ڪيا. انهن ۾ پهرين ڊرائميٽڪ ڪمپني پارسي سيٺ پسٽن جي فرامجيءَ جي هئي، جيڪا 1877ع ۾ بمبئيءَ ۾ قائم ٿي هئي.
1880ع کان پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي کانپوءِ 1920ع تائين سنڌي ناٽڪ جو پهريون دؤر ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ناٽڪ نويسيءَ جي علمبردار شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ’ليلا مجنون‘ هڪ راڳ ناٽڪ (Opera: 1980) لکيو. ان بعد 1885ع ۾ خورشيد ناٽڪ لکيائين، جيڪو گجراتي ناٽڪ ’سونا نامول‘ جو ترجمو هو. ٽيون جهونو سنڌي ناٽڪ ڪوڙي مل چندن مل جو ’رتناولي‘ (1888ع) آهي، جيڪو سنسڪرت جي ناٽڪ نويس ’راجا هرش ديو‘ جي ناٽڪ جو ترجمو هو. ان ريت 1894ع تائين سنڌي ناٽڪ ڇپيل صورت ۾ پڌرا ٿيا، پر ترت ئي سنڌي ناٽڪ کي اسٽيج جي زينت بنايو ويو ۽ اها ابتدا اتر سنڌ جي پڙهيل ۽ سلجهيل ذهنن جي ڪوشش سان ٿي. ان ۾ حصو وٺندڙ گهڻو ڪري استاد، شاگرد، پروفيسر ۽ تعليمي ماهر هئا، جن کي ڏسندي وڪيل، ڊاڪٽر، روينيو آفيسر ۽ ٻيا پڙهيل فرد به ساڻن شامل ٿي ويا هئا. ان ڪري سنڌي ناٽڪ گهڻو ڪري تعليمي ادارن ۾ ٿيندا رهيا.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي پريس ۽ ٿيئٽر گهڻو ڪري سنڌي هندن جي هٿن ۾ هئا. هندن جي لڏ پلاڻ کانپوءِ ڊرامي کي ڪافي ڌڪ رسيو، جنهن سبب سنڌي پريس ناٽڪ مانڊل، ٿيئٽر ۽ سينيما گهرن جو ڪردار بدلجي ويو. سنڌ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ناٽڪ ٿيئٽر ۽ سينيما گهر بڻجي سگهيا. اهڙيءَ ريت سنڌي ادب جو عام طور تي ۽ سنڌي ڊرامي جو خاص طور تي زوال ٿيڻ لڳو. ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ اسٽيج ڊرامو فقط ايميچوئر (شوقيه) طور تي ئي ٿيندو رهيو هو. ان کي اها حيثيت نه ملي، جيڪا اُن وقت هندستان جي ٻين علائقائي ۽ هندي توڙي اُردو ناٽڪن کي ملي هئي. نه وري دنيا جي ٻين ملڪن وانگر سنڌي ڊرامي يا ناٽڪ کي ٿيئٽر وارو درجو حاصل ٿيو هو.
1963ع ۾ ’ست راتيون‘ ڊرامو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 210هين ورسي جي موقعي تي اسلاميه هاءِ اسڪول لکي در (شڪارپور) جي احاطي ۾ اسٽيج ۾ڪيو ويو هو، جيڪو القمر آرٽ سرڪل (پلازه سينيما) شڪارپور (صدر مرحوم نياز مغل) پاران 26 مارچ تي ٿيو هو. ان کان اڳ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان ٽريننگ ڪاليج فارمين جي سهڪار سان حيدرآباد ۾ منعقد ٿيل پرائمري ٽيچرس رفريشر ڪورس ڪانفرنس جي موقعي تي (28 مئي کان 1 جون 1960ع) غلام حيدر صديقيءَ جو تحرير ڪيل لوڪ داستان ’نوري ڄام تماچي‘ جي ڊرامائي تشڪيل، پهرين جون 1960ع تي ٽريننگ ڪاليج فار مين جي احاطي ۾ اسٽيج تي ڪيو ويو هو. سال 69-1968ع ۾ ڪراچي ٽيليويزن اسٽيشن قائم ٿي، جتان هفتي ۾ هڪ دفعو اڌ ڪلاڪ جو سنڌي پروگرام پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيڻ لڳو هو. مهيني ۾ هڪ دفعو اڌ ڪلاڪ جو سنڌي پروگرام سڌو سنئون نشر ٿيندو هو.
سال 1967ع ۾ عبدالڪريم بلوچ ڪراچي ٽيليويزن تي پروڊيوسر مقرر ٿيو، جنهن سنڌي ڊرامي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي هئي، پاڪستان ٽي. وي تي پهريون سنڌي پروڊيوسر هو. عبدالڪريم جي شوق، دلچسپي ۽ ڪوشش سان سنڌي ٽيليويزن ڊرامي جي شروعات ٿي. سنڌ ٿيئٽر جي نالي سان اسٽيج ڊرامن جي وڌاري خاطر هڪ تنظيم قائم ٿي هئي، جنهن ۾ ريڊيو پاڪستان سان وابسته شخصيتن ۾ مصطفيٰ قريشي، آغا سليم، عبدالڪريم بلوچ، منظور قريشي، عبدالحق ابڙو ۽ الله بچايو لغاري هئا. هنن اُها تنظيم 69-1968ع ۾ قائم هئي. ان کانسواءِ 1970ع کان 1990ع تائين اسٽيج ڊرامي سان جنون جي حد تائين دلچسپي رکندڙ ماڻهن سنڌ ۾ اسٽيج ڊرامن جي روايتن کي قائم رکندي. اڪثر سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ ڊرامو اسٽيج ڪندا رهيا هئا، جن ۾ مورو، نوشهرو فيروز، جيڪب آباد، سيتا، دادو، حيدرآباد ۽ ڪيترائي ٻيا شهر شامل هئا.
سنڌيءَ ۾ ريڊيائي ناٽڪ (Radio Play) جي شروعات 1955ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کلڻ سان ٿي، جنهن ۾ ريڊيائي ناٽڪ ’سولو پلي‘ ۽ قسطوار پيش ڪيا ويندا هئا. هن قسم جي ناٽڪن ٻڌندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. ريڊيو تان پيش ٿيندڙ ريڊيائي ناٽڪ عشق، محبت، جاسوسي، سائنس، پراسراريت، لوڪ ڪهاڻين، تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن تي مشتمل هوندا هئا. سيد منظور نقوي سنڌي ادب جو پهريون اديب آهي، جنهن گهڻي وقت تائين اردو تان ترجما ڪرڻ کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ناٽڪ لکيا ۽ پيش ڪيا. منظور نقوي ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو.
پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي آمد ڊرامائي تاريخ ۾ اردو ڊرامي لاءِ هڪ بلڪل نئون تجربو هو، ڇو ته ننڍي کنڊ (پاڪ و هند) ۾ پڻ اهو هڪ نئون تجربو هو. پاڪستان ۾ ٽيليويزن جون نشريات 26 نومبر 1964ع تي شروع ٿيون هيون. لاهور ۽ ڍاڪا جي ٽيليويزن تان نشريات شروع ٿيندي ئي ٽي وي ڊراما ڏيکاريا ويا هئا. (وڌيڪ ڏسو: سنڌ ۾ ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر ۽ تاريخ، جلد ڇهون).