ڊرينهه/ڊرنءَ

ڊرينهه/ڊرنءَ

ڊرينهه ڊرنءَ

ڊرينهه/ڊرنءَ: اڇڙي ٿر جي ڊرينهه وارو حصو، خوبصورت، عجيب ۽ غريب طلسماتي ڏيک ڏيندڙ آهي. هي اڇڙي ٿر ۾ سفيد واريءَ جي ڀٽن جي شڪل ۾ هڪ اڀريل سفيد ۽ اڇين ڀٽن جي قطار آهي، جنهن کي مقامي لوڪ ڊرئين/ ڊرينهه/ ڊرنءَ ڪري سڏن. ڊرينهه جو هي سلسلو، چولستان کان شروع ٿي، کپري تعلقي جي راڻي هوتڙ کان ڏکڻ پاسي کان گذرندو، عمرڪوٽ ضلعي جي حدن اندر باقي ٿر سان وڃي ملي ٿو. ڊرينهه ڪٿي هندستان جي سرحد ۾ به داخل ٿي وڃي ٿي. هن جي ويڪر مختلف هنڌن تي پنجن ڪلوميٽرن تائين به وڃي پهچي ٿي. هيءُ اوچائيءَ ۾ ٽن سؤ فوٽن تائين آهي.
چون ٿا ته قديم زماني ۾ سرسوتي نديءَ جو وهڪرو گذرندو هو، پر پوءِ اهو پنهنجو وهڪرو وساري ويو، جنهن بعد سرسوتيءَ جي ان پيٽ، اڇي واريءَ جي دڙن، ڊرينهه جو روپ اختيار ڪيو. ڊرينهه جي واري سنهي ۽ داڻيدار آهي. ان ۾ Silt ۽ Clay جو تعداد تمام گھٽ آهي. ان ڪري سولائيءَ سان هوا جي ڪري اڏي ٻئي هنڌ وڃي ساڳيءَ ريت ڀٽ ٺاهي ٿي. پهريائين ڀٽ، ڏکڻ طرف هوندي. جي ڏاکڻي هوا شروع ٿيندي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اها ڀٽ ڏکڻ مان پٽجي، اتر طرف نئين ڀٽ (ڊرينهه) ٺهي پوندي. سردين جي مند ۾ وري اتر جون ٿڌيون تيز هوائون شروع ٿينديون ته ساڳيون ڀٽون اتر کان ويڙهجڻ شروع ٿينديون ۽ سندس ڀرسان ڏاکڻي پاسي نيون ڀٽون نروار ٿي وينديون.
ڊرينهن واري علائقي ۾ رات جي وقت جڏهن تيز هوا لڳي ٿي ته ڊرينهه مان، هڪ عجيب آواز چوڦير گونجي ٿو، جيڪو واريءَ کي پنهنجي طاقت جي زور سان گھلڻ شروع ڪندو آهي. واريءَ جي ان وهڪري ۾ وهڻ ڪري اهڙا پراسرار گھوگھٽ ٿين ٿا، جيئن درياهه جي پاڻيءَ ۾ ڦيريدار ڪُن ٿيندا آهن، جيئنڪن جي پاسن کان پاڻي گول دائري ۾ لاٽونءَ وانگر گھمندو آهي، وچ ۾ اونهائي ۽ خال هوندو آهي. تيئن هن ڊرينهه ۾ به ڪُن ٿيندا آهن، جيڪي پاڻيءَ وانگر گول ڦرندا ته نه آهن، پر هڪ هنڌ بيٺل نظر ايندا آهن، جيڪي هوا گهلڻ ڪري، گھڻو ڪري گول يا بيضوي شڪل ته ڪڏهن ٻي ڪا شڪل اختيار ڪندا آهن. انهيءَ مهل ڪن ڀٽن جي ڪُن مٿان، هوا ۾ واري هلڪي دونهين وانگر ٻاهر نڪرندي نظر ايندي آهي. هڪ خيال اهو آهي ته ڊرينهه جي واري سفيد هئڻ ڪري ئي هن علائقي تي ’اڇڙو ٿر‘ نالو پيو آهي. ڊرينهه جي ڀٽ تي سڌو سنئون چڙهڻ تمام مشڪل آهي. سڌو مٿي چڙهڻ سان ٽنگون گوڏن تائين نرم واريءَ ۾ لهي وڃن ٿيون. واريءَ مان پيرن کي ڇڏائي هلڻ تمام ڏکيو عمل آهي. ان صورتحال ۾ انسان ته پري رهيو، پر اٺ يا ڪو ٻيو جانور به مٿي پهچي نه سگھندو. ان ڪري اڪثر سولائيءَ واري پاسي کان ۽ پاسيرو ٿي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. ڊرينهه جي پاڙ مان ڪجهه واري پري ڪبي ته اها ڀٽ مٿان چوٽيءَ کان پاڙ تائين پاڻيءَ وانگر وهڻ شروع ڪندي.
ڊرينهه يا اڇڙي ٿر جون اڪثر ڍنڍون کاريون ٿين ٿيون، پر ٻاهران سم جو مٺو پاڻي انهن ڍنڍن ۾ پوڻ ڪري ڪن ڍنڍن جو پاڻي انسانن جي استعمال لائق بڻجي وڃي ٿو، پر هونئن به ڊرينهه جي آسپاس سدائين پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي ڪري اتي انساني آبادي گھڻي آهي. هن علائقي ۾ پاڻيءَ تس، تڙ ۽ نلڪن ذريعي ملي ٿو. جيڪڏهن ڪافي عرصي تائين مينهن هن پاسي منهن نه ڪري، پوءِ به پاڻي ڊرينهه جي انهن پاسراٽين ۾ موجود هوندو آهي، ان پوسريل جوءِ ۾ هميشه وڏي وڻڪار رهي ٿي. هونئن به ڊرينهه ڀرسان پيدا ٿيندڙ ڪانهن، سر يا ڪل (گاهه جو قسم) جي پاسي ۾ هٿ سان فوٽ کن واري هٽائي، کڏو ڪبو ته ٿوري دير ۾ اهو کڏو پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو. اهو پاڻي مٺو ۽ پيئڻ لائق هوندو. مقامي لوڪ ان کي ’تس‘ يا ’اوڪاري‘ چون. ان کانسوءِ ڊرينهه يا اڇڙي ٿر جي پاسي، پيدا ٿيندڙ، ٻوٽي هڪ گاهه جي شڪل ۾ ڇٻر وانگر زمين تي پکڙيل هوندي آهي. انهيءَ گاهه جي ويجھو، کوٽاڙي سان مٺو پاڻي نڪرندو. انهيءَ ٻوٽي جي پاڙن ۾ ڪا اهڙي خاصيت آهي، جيڪو ٻاڙي پاڻي کي به مٺو بڻائي ٿو. ان ٻوٽي جو مقامي نالو ’ڪيهوري‘ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو