ڊنشا هوشنگ نادر شاهه

ڊنشا هوشنگ نادر شاهه

ڊنشا هوشنگ نادر شاھہ

ڊنشا، هوشنگ نادر شاھہ: هوشنگ نادر شاھہ ڊنشا، پارسي برادريءَ جي هڪ شاهوڪار واپاري ڊنشا خاندان جو فرد هو. سندس ڏاڏو ايڊلجي ڊنشا سوا سؤ سال اڳ، پوني شھر مان لڏي ڪراچيءَ ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي واپار ۾ ترقي ڪري وڏي جائداد ٺاهيائين. کيس نادر شاھہ نالي فرزند ٿيو، جنهن پيءُ جي ڇڏيل ڪاروبار کي نہ رڳو سنڀاليو، پر ترقي وٺرائي. هن سڪندر آباد مان جمشيد چينائيءَ جي نياڻي، خورشيد ٻائيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس چار فرزند ٿيا: (1) رستم، (2) منوچهر، (3) فريدون، ۽ (4) هوشنگ ڊنشا.
جـي. ايـم. سـيد ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”نادر شاھہ گهڻي ملڪيت ڇڏي، نومبر 1922ع ۾ وفات ڪئي. سندس فرزندن مان، مسٽر هوشنگ نادر شاھہ ايڊلجي ڊنشا، 24 مئي 1884ع تي، ناناڻن ۾، حيدرآباد دکن جي شھر سڪندرآباد ۾ پيدا ٿيو. ثانوي تعليم نارائڻ جڳن ناٿ (اين. جي. وي ) هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ ورتائين، ۽ 1905ع ۾ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج مان گرئجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪيائين.
هوشنگ ڊنشا 1908ع کان 1936ع تائين، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو. ان کانپوءِ سندس ڪميونٽيءَ جا نوجوان ميونسپالٽيءَ تي چونڊجي آيا. هن ۽ سندس ڀائرن، پيءُ جي يادگار قائم رکڻ لاءِ، ڪراچيءَ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کولڻ لاءِ وڏو عطيو ڏنو، جنهنڪري ان تي نادر شاھہ ايڊلجي ڊنشا (اين. اي. ڊي) انجنيئرنگ ڪاليج نالو رکيو ويو. اهو ڪاليج 1922ع ۾ قائم ٿيو، جيڪو برنس روڊ تي ڊي. جي. ڪاليج جي ڀرسان هو. هن وقت اهو ڪاليج يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ يونيورسٽيءَ روڊ تي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح هن ميونسپالٽيءَ کي عطيو ڏئي، لارينس روڊ تي، نادر شاھہ ايڊلجي اسپتال پڻ کولرائي. ان کان سواءِ هن ليڊي ڊفرن اسپتال لاءِ بہ ڪافي عطيو ڏنو. ڪراچيءَ جي اڪثر خيراتي ڪمن ۾ هنن فراخدليءَ سان چندو پئي ڏنو آهي. نہ رڳو تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن جي ادارن ۾ سندن سخاوت ڪم ايندي رهي آهي، بلڪ ڪيترين سياسي جماعتن کي بہ هنن مدد پئي ڪئي آهي. هي خاندان مسلم ليگ ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بہ سهڪاري رهيو آهي. اڪثر سندن مدد مخفي ۽ بنا شھرت رهي ۽ ’هڪ هٿ سان ڏجي تہ ٻئي کي خبر نہ پوي‘ واري اصول تي عمل ڪندا رهيا.
مسٽر هوشنگ ڊنشا آزاد خيال، بيڊپو، خوش خلق، رلڻو ملڻو شخص هو. ڪيترن سماجي ۽ تجارتي ادارن جو ميمبر رهيو ۽ خدمتون سرانجام ڏنائين، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
هي ليڊي ڊفرن اسپتال ڪراچيءَ جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ ٽرسٽي؛ حسيني اڪيڊمي ڪراچيءَ جو ميمبر؛ بايرس ائنڊ شپرس ايسوسيئيشن جو ميمبر؛ فيڊريشن آف ڪامرس ايسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ؛ انڊسٽريل فنانس ڪارپوريشن جو پريزيڊنٽ؛ انڊسٽريل فنانس ڪارپوريشن جو ڊائريڪٽر؛ سنڌ ڊيليميٽيشن ڪميٽي فار سنڌ سيپريشن جو ميمبر؛ پـاڪـســتـان ســرڪـار پاران نيـشــنـل بـئنـڪ آف پاڪستان جو پريـزيـڊنٽ (1952ع) رهيو آهي.
سر حاجي عبدالله هارون، جمشيد ميهتا، غلام علي چاڳلا، حاتم علوي، محمد علي جناح، جي. ايم. سيد ۽ ٻين ملڪ جي ڪيترن مکيہ ليڊرن سان سندس دوستاڻا تعلقات هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو