ڊومڪي، حڪيم عبداللطيف: اديب ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي پارکو حڪيم عبداللطيف ڊومڪي 1933ع ڌاري بخشاپور تعلقي ڪشمور ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي مامي ٽلو خان وٽ حاصل ڪئي. پاڻ سٺو اديب ۽ شاعر هو. هو سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو ماهر ۽ قاري هو. ملڪ جي مختلف محفلن ۾ شرڪت دوران هو شاهه جو ڪلام ترنم سان پيش ڪندو هو. کيس شاهه جو رسالو ياد هو. هن رسالي جو اردو ترجمو به ڪيو. 12 سالن جي عمر ۾ حڪمت ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ ٽنڊو محمد خان طبيه ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائين. ڀٽ شاهه جي گادي نشين سيد غلام شبير شاهه جي شفقت ۽ محبت سبب ان جو مريد ٿيو. هڪ ڀيرو سيد شبير شاهه سان گڏجي عراق جو دورو به ڪري آيو. ان بعد ڪجهه عرصي لاءِ لاهور طبيه ڪاليج ۾ تعليم ورتائين. تعليم وٺڻ بعد بخشاپور اچي ’لطيفي شفا خانو‘ کوليائين. هو سياح ۽ سيلاني شخص هو. ان ڪري پنهنجو تخلص به ’سيلاني‘ رکيائين. شاهه لطيف سان تمام گهڻي عقيدت هئڻ سبب پنهنجو نالو عبداللطيف مان بدلائي غلام لطيف رکيائين. 1972ع ۾ مسلم ملڪن جي سير ۽ سفر دوران هو ايران، افغانستان، عراق، اردن، شام، مصر ۽ سعودي عرب ويو، جتي مختلف زيارتون ڪرڻ بعد حج ڪيائين ۽ پنهنجي سير ۽ سفر تي مشتمل سفرنامو لکيائين. هن 12 آڪٽوبر 1993ع تي وفات ڪئي. سندس وصيت موجب کيس پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي ڀرسان بخشاپور ۾ دفن ڪيو ويو.
1993.10.12 عيسوي
حڪيم عبداللطيف ڊومڪي 12 آڪٽوبر 1993ع تي وفات ڪئي. سندس وصيت موجب کيس پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي ڀرسان بخشاپور ۾ دفن ڪيو ويو.