ڊومڪي علامه مقصود علي

ڊومڪي علامه مقصود علي

ڊومڪي علامہ مقصود علي

ڊومڪي، علامہ مقصود علي: ناميارو عالمِ دين، اديب ۽ محقق علامہ مقصود علي ولد غلام رسول ڊومڪي، پهرين آڪٽوبر 1975ع تي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن 1996ع ۾ پنجاب يونيورسٽي لاهور مان ايم. اي اسلاميات ۾ ڪئي، بعد ۾ هو قم، ايران هليو ويو، جتي ٽي سال رهي ’علامہ‘ جي ڊگري حاصل ڪيائين، جيڪا ڊگري پاڪستان ۾ ايم. فل جي برابر آهي. هن جو هڪ ڪتاب ’چاليس احاديث‘ اردوءَ ۾ ڇپيو آهي، جيڪو 1996ع ۾ اسلامي ٽرسٽ ڪوئيٽا وارن ڇپرايو هو. ان کان سواءِ هن ٻيو ڪتاب ’فلسفهء قيام امام حسين عه‘ بہ تحرير ڪيو، جيڪو اڃا شايع نہ ٿيو آهي. هن وقت اسلامي ٽرسٽ پاڪستان جو جنرل سيڪريٽري ۽ جامعہ ابي طالب جيڪب آباد جو پرنسپال آهي. سندس ديني، علمي ۽ ادبي خدمتون جاري آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.10.01  عيسوي

اميارو عالمِ دين، اديب ۽ محقق علامه مقصود علي ولد غلام رسول ڊومڪي، پهرين آڪٽوبر 1975ع تي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبيب ﷲ قاضي مولانا
سيد علي محمد شاھہ دائرائي
آريجو غلام محمد
سيد محمد شاھہ
مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي
عبدالرزاق قاضي مولانا
ڊپٽي نذير احمد
ترمذي
زخائو ايڊورڊ
علامہ غلام صديق شهدادڪوٽي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون