ڊومڪي ڊومبڪي

ڊومڪي/ ڊومبڪي (ذات): هڪ ذات جو نالو، جن جي اڪثريت بلوچستان ۽ سنڌ ۾ رهي ٿي. روايت آهي ته ڊومڪي قبيلي تي اهو نالو ٻن حوالن ڪري پيو. هڪ روايت مطابق ’ڊومب‘ نالي قلات رياست ۾ هڪ نئن هئي، جتي گهڻو وقت اڳ ڊومڪي قبيلي جو وڏو ڏاڏو اچي رهيو، جنهن کانپوءِ سندس اولاد ڊومڪي سڏجڻ لڳو. ٻي روايت موجب مير چاڪر خان هڪ ’ڊومب‘ يعني لنگهي يا دهلاريءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ ان زال مان سندس اولاد بعد ۾ ڊومبڪي سڏجڻ لڳو.
هن وقت ڊومڪي قبيلي جو سردار مير مهراب خان ولد سهراب خان آهي، جيڪو قلات رياست جي علائقي لهري ڊومڪيءَ ۾ رهي ٿو. سرحدي ضلعي ۾ سندس سئوٽ ميرو خان ولد بلوچ خان ڊومڪي قبيلي جو سردار آهي، جتي هن جون وڏيون جاگيرون آهن. سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جو مشهور شاعر فيض بخشـاپوري به ڊومڪي هو. ان کانسواءِ حڪيم عبداللطيف نالي شاهه لطيف جي ڪلام جو حافظ به ذات جو ڊومڪي هو. ميري خان جو والد بلوچ خان وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن جو ذڪر چارلس نيپيئر پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ ڪيو آهي. هن قبيلي جا ماڻهو پاڻ کي بلوچ پڻ سڏائيندا آهن. هيءُ قبيلو سنڌ جي اترئين علائقن ۾ رهائش پذير آهي. ڊومڪي قبيلي جي اهم پاڙن ۾: مروئي يا ميروزئي، آدماڻي، برهماڻي، باباڻي، ڀوتاڻي، ڀاڳدار، بزيراڻي، بلوچاڻي، بوزدار، ديراڻي، گلوئي، گشڪوري، گرجي يا گريجا، گولاٽا، گاداڻي، گبول، گاجاڻي، جسڪاڻي، جماڻي، خينجاڻي، لوهراڻي، لنڊ، مرکاڻي، محماڻي، شافڪور، سمراڻي، تالاڻي، وزيراڻي، زنگيشاهي شامل آهن. سردار تاج محمد ڊومڪي به هن قبيلي سان واسطو رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو