ڊومڻ واھہ: ماضيءَ ۾ حيدرآباد جي اڀرندي حصي ۾ هڪڙو واھہ وهندو هو، جنهن جو نالو انگريز عملدار ’ڊومين‘ جي پُٺيان ’ڊومين واھہ‘ رکيو ويو، جيڪو عوامي لهجي موجب هاڻي ’ڊومڻ واھہ‘ سڏجي ٿو. هي واھہ ان دؤر ۾ ٽن تلائن کي پاڻي رسائيندو هو، جن ۾ تلاءُ نمبر 1، تلاءُ نمبر 2 ۽ تلاءُ نمبر 3 هئا. هن وقت تلاءُ نمبر 3 وسنديءَ جي شڪل ۾ اڄ بہ حيدرآباد شھر ۾ موجود آهي. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد شھر جي ٻنهي طرفن کان گهڻي مقدار ۾ پاڻي موجود هو، ۽ هتي پاڻيءَ جي ڪا بہ کوٽ نہ هئي، اونهاري جي مند ۾ ڦليلي واھہ جو پاڻي ڪنارن کان پلٽجي ٻاهر ايندو هو ۽ هيٺانهين وارين جاين تي گڏ ٿي ويندو ۽ تلائن جي شڪل اختيار ڪندو هو، جنهنڪري انهن هيٺاهينءَ وارن علائقن ۾ تلاءُ وجود ۾ آيا، جن ۾ تلاءُ نمبر 1، تلاءُ نمبر 2 ۽ تلاءُ نمبر 3 آهن. ڦليلي واھہ کي بند ٻڌڻ کانپوءِ انهن تلائن تائين پاڻي اچڻ بند ٿي ويو، پر پوءِ صرف ’ڊومين واھہ‘ ذريعي ئي انهن تلائن تائين پاڻي پهچندو هو، پر هن وقت انهن ٽنهي تلائن ۾ پاڻي موجود ناهي ۽ اتي آباديون ٿي ويون آهن. حيدرآباد جي پراڻن رهواسين جو چوڻ آهي تہ اڄڪلھہ جيڪو گندو نالو شھر جو گندو پاڻي کڻي وڃي ڦليليءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، نشاط ۽ ڪيپيٽل سينئما جي سامهون وهي ٿو، اهو ئي ڊومڻ/ ڊومين واھہ آهي. ڊومڻ واھہ سري گهاٽ تائين ايندو هو.