ڊونڊو

ڊونڊو (ٻيڙيءَ جو قسم): ڪھل قبيلي جا ماڻهو کارن جي واپار لاءِ هڪ هلڪو بار کڻڻ جهڙو ۽ بتيلي جهڙو چؤڳنيو ٻيڙو ٺاهيندا هئا، جنهن تي وڍيل لڪڙ مان کارا ٺاهيا ويندا هئا ۽ هن ئي ٻيڙي تي کارا کڻي وڏن وڏن بندرن تي کپائيندا هئا. ملاح ڊونڊي تي درياھہ جي گهنڊن ۾ ڪڇون، ڄرڪا، گندڻ، ٻٽا ۽ مُڪر ماريندا هئا. ڊونڊا، ڍنڍن ۾ بہ بيهاريا ويندا هئا، هنن ڊونڊن ۾ حلال جانورن جا هڏا ڀرائي، ملتان پهچايا ويندا هئا. اهڙيءَ ننڍي ٻيڙيءَ کي ڊونڊي چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو