ڊويزنل پبلڪ لائبرري

ڊويزنل پبلڪ لائبرري (خيرپور ميرس): ڊويزنل پبلڪ لائبرري، خيرپور شھر جي هڪ عوامي لائبرري آهي. هن لائبرري ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي تاريخي ڄاڻ ۽ مختلف ٻولين ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. هيءَ لائبرري 1893ع ۾ ’فيض محل‘ لائبرريءَ جي نالي سان قائم ٿي. بعد ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ’رياست‘ کي ختم ڪيو ويو تہ هن لائبرريءَ کي صوبائي تعليم کاتي جي حوالي ڪيو ويو. هن لائبرريءَ ۾ هزارين قيمتي ڪتاب هئا. شاھہ لطيف جي رسالي جو بمبئي وارو ڇاپو بہ هن لائبرريءَ ۾ موجود هو، جيڪو سيد حيدر علي شاھہ جي لائبرريءَ مان سيد صالح شاھہ هن لائبرري کي تحفي طور ڏنو هو. ان کان سواءِ شاھہ جي رسالي جا سمورا رسالا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامہ آءِ آءِ قاضي، غلام محمد شهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين جا مرتب ڪيل ڪيترائي نسخا موجود آهن. سچل سائينءَ جو هٿ سان لکيل ’رسالو‘ قلمي نسخو بہ هن لائبرريءَ ۾ موجود هو.
مشتاق احمد گاد موجب: ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ اڍائي سو ڪتاب، محمد علي مراد ڏيڍ سؤ ڪتاب، خدا بخش سنديلي ڏهن هزار روپين جا انگريزي ڪتاب، هڪ ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو نسخو (شاھہ جو رسالو) ۽ هڪ ڪٻٽ بہ هن لائبرريءَ کي تحفي طور ڏنا هئا. 1912ع ۾ ڪلڪتي مان هفتيوار رسالو ’الھلال‘ شروع ٿيو هو. ان جا پرچا ۽ علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جي جاري ٿيندڙ رسالي ’تھذيب اخلاق‘ جا پرچا پڻ هن لائبرريءَ ۾ موجود هئا. قرآن پاڪ جا ڪيترائي قديم قلمي نسخا هن لائبرريءَ ۾ موجود آهن.
انهيءَ کان سواءِ مغل خاندان جي گهريلو حالتن تي لکيل ڪتاب تذڪره عالم، ٺارو شاھہ جي ’مولانا دين محمد مغل‘ جو هٿ سان لکيل قرآن پاڪ ۽ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ ان کان علاوہ ’مير علي نواز ناز‘ جو لکيل عھد نامو پڻ هن لائبرريءَ ۾ موجود آهي. مير علي مراد خان بہ هن لائبرريءَ کي 15 سو قلمي نسخا ڏنا هئا، جيڪي مير صاحب، حيدرآباد دکن جي حڪيم ’مطفر‘ کان ورتا هئا. سنڌ جي هيءَ وڏي ۾ وڏي لائبرري گهڻي وقت کان سمورين سهوليتن جو مرڪز ۽ قابلِ فخر ڪتب خانو رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو