ڊوڙي رومال کڻڻ (راند): هن راند ۾ ٻار هڪ گول ليڪو ڪڍي ان جي وچ ۾ رومال رکندا آهن. پوءِ ان رومال کان پنجويهن وکن تي هڪ ٻار بيهندو، ان جي سامهون ڏهن وکن تي ٻيو ٻار بيهندو، پوءِ هڪ، ٻه، ٽي چوڻ سان ڏهن وکن وارو ٻار ڊوڙي، رومال کڻي واپس پنھنجي جاءِ تي ايندو ۽ پنجويهن وکن تي بيٺل ٻار سڌو ڊوڙي اچي هن کي هٿ لائيندو، جيڪڏهن ڏهن وکن تي بيٺل رومال کڻڻ وارو ٻار پنھنجي جاءِ تي پهچڻ کان پهرين پنجويهن وکن واري ٻار وٽ جهلي ويو تہ دام ڏيندو.