ڊوڙ پڄائڻ

ڊوڙ پڄائڻ: هن راند ۾ ٻن کان ڇھن تائين هم عمر ٻارن کي سنئين قطار ۾ هڪ ٻئي کان وٿيرڪو بيهاري، هڪ ٻہ ٽي چوڻ بعد ڊوڙ پارائبي آهي. ان بعد سندن چٽاڀيٽي هن طرح ڪرائبي آهي:
(الف) ڪير ٿو اڳ ۾ مقرر هنڌ تي پهچي؟
(ب) ڪير ٿو سڀني کان وڌي وڃي؟
(ج) ڪير ٿو سڀني کان اڳ ۾ مقرر هنڌ تي پهچي وري ساڳئي جاءِ تي پهچي؟
هن راند ۾ ڏاڍو چهچٽو هوندو آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي ريس (Race) چئي سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو