ڊيلٽا

ڊيلٽا

وڻ شاخائين ڊيلٽا

وڻ شاخائين ڊيلٽا

گنگا ندي جون منهائيون

گنگا ندي جون منهائيون

غالب وِير واري ڊيلٽا

غالب وِير واري ڊيلٽا

گلبرٽ ڊيلٽا

گلبرٽ ڊيلٽا

بر پٽائين ڊيلٽا

بر پٽائين ڊيلٽا

ڊيلٽا

ڊيلٽا

ڊيلٽا

ڊيلٽا (Delta): ڊيلٽا هڪ اهڙو زميني ٽڪرو (Land form) آهي، جتي درياھہ اچي ڇوڙ ڪندا آهن، اِها ڇوڙ واري جڳھہ ڪا ڍنڍ (Lake) ڪو درياھہ (River) يا ڪو سمنڊ (sea) يا ڪو مهاساگر (ocean) بہ ٿي سگهي ٿو. ڊيلٽا، يوناني ٻوليءَ (Greek Language) جو لفظ آهي، جيڪو ٽڪنڊي (r) شڪل لاءِ ڪتب ايندو آهي، درياهن جي ڇوڙ واري ميدان ۾ جهجهي لٽ ڪنڌين ڏانهن ۽ زميني ميدان ۾ پـکـيڙي جمع ڪرڻ (Deposition of sediments) واري عمل سان ڊيلٽا ٺھي ٿو. ان عـلائقـي جـو نمونو ڍڳي جي پاڃاري (Oxbow) واري شـڪـل ( ) ]يا گهندڻيءَ (Billabong) جي شڪل[ بہ اختيار ڪري ويندو آهي ۽ ان ريت وڃي سمنڊ سان ملندو آهي. ڊيلٽائي علائقن ۾ درياهي ڇاڙهون (Channels) ڦاڪن ۾ ورهائجي، بدڪ/ آڙيءَ جي چنبي واري شڪل ٺاهي وهنديون آهن. ڇوڙ واري علائقي ۾ درياهي پاڻيءَ جي وهڪ سست ٿي ويندي آهي، جنهنڪري درياهي لَٽ پنهنجن ڇاڙهن ۾ پاسن کان وڌيڪ تھہ هيٺ اچي ويندي آهي، جنهنڪري درياهي شاخن جي منهن واري (mouths of river) زمين لاهياري (slope) ٿي ويندي آهي ۽ زمين جي ڳوراڻ واري ڇڪ (force of gravity) جي ڪري سمنڊ/ مهاساگر ڏانهن وهڪرو تڪڙو وهندو آهي. ان سان ٻي درياهي ڇاڙھہ (new channel) بہ جُڙي سگهي ٿي. اهڙو لقاءُ (phenomenon) ٻوڏ واري مند (flood season) ۾ گهڻو ٿيندو آهي. انهن ڇاڙهن (channels) ۾ پاڻيءَ جي پالوٽ سبب نہ رڳو ڇاڙهن ۾، پر ٻوڏ وارن ميداني علائقن (flood plain) واري زمين لَٽاسجي وڃڻ (sedimented) ڪري مٿڀري ٿيندي ويندي آهي. اهڙيءَ صورت ۾ نئين درياهي ڇاڙھہ، سمنڊ سان ميلاپ لاءِ نئون رستو جوڙيندي آهي، جيڪو ويجهڙو ۽ تڪڙو لاهيارو (steeper slope) هوندو آهي. جتي درياهي لَٽ گهڻي هوندي آهي، اتي ڊيلٽا پنهنجيون حدون وڌائيندو ويندو آهي. جھڙوڪ: سنڌو درياھہ ۾ لَٽ، درياھہ نيل جي ڀيٽ ۾ جهجهي آهي. ان ريت سنڌو، هر سال لکين ٽن لَٽ سمنڊ ڏانهن نيندو ۽ ڊيلٽائي هنڌ (area of deltaic region) وڌائيندو رهندو آهي. سنڌو ندي گذريل 4038 ورهين يعني 2026 ق. م واري سڪندراعظم مقدونيءَ جي سنڌ تي ڪاھہ واري دور کان پاتال (موجودہ حيدرآباد) کان سمنڊ کي ڌِڪي گهڻو پوئتي ڪيو آهي.
هڪ درياھہ ان ريت لَٽ ذريعي ميداني علائقا (Alluvial Plains) جوڙڻ سان گڏ ڊيلٽا جون حدون پڻ وڌائيندو رهندو آهي. اهو سڀ ڪجهہ انهيءَ درياھہ جي کاڌ واري صلاحيت (Ability of Erosion) تي ٻَڌل آهي. ان سان گڏوگڏ چنڊ واري سامونڊي وِير (Tidal of Moon) سان منهن ڏيڻ وارا ڊيلٽا جا ’وڻ، شاخائون، وهڪرن‘ (Dendritic Drainage) تي بہ آڌاريل آهي، جنهن سان وِير (Tides) جو ورتاءُ، لهرن ۽ درياھہ سان الڳ الڳ ۽ مختلف هوندو آهي.
ڇوڙ وارو علائقو: ڊيلٽا ۾ درياھہ انيڪ درياهي ڦاٽن ۾ ورهائجي ويندو آهي ۽ انهن سان سمنڊ ۾ هڪ ڄار اُڻي ڇڏيندو آهي. درياهي ڊيلٽا جي زمين ڏاڍي زرخيز (Fertile) هوندي آهي. اتي انيڪ نمونن جي پوک ٿيندي آهي، جھڙوڪ: ڪيلو، پان، ڪمند، ناريل ۽ ٻيا ڪيترائي ناڻو ڏيندڙ فصل (Cash crop) ڊيلٽائي ماڳن جي اهم پيداوار آهن، پرديسي پکي، مڇي ۽ ٻيا جانور بہ ڊيلٽا تي تڳندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن هن درياهي سامونڊي پاڻيءَ واري ميلاپ واري هنڌان (Estuaries) درياهي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سامونڊي پاڻي درياهي ڦاٽن (Channels) مان چڙهي مٿي ايندو آهي ۽ درياهي مٺي پاڻيءَ کي ٻاڙي پاڻي (Brackish Water) ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. اهو انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي، جتي درياھہ جي مٿين علائقن يا وچولي ماڳن ۾ مٺي پاڻيءَ جي تمام گهڻي واهپي سبب، ڊيلٽا ۾ گهرج جيترو پاڻي نہ ڇڏيو ويندو آهي. ان ڪري اتي جي آبي جيوت، مڇين جا قسم، پکين جا نسل ويندي تمر جا وڻ بہ متاثر ٿيندا آهن. جو کين گهربل مٺو پاڻي نہ ملندو آهي، ان لاءِ سنڌ بھترين مثال آهي.
ڊيلٽائي علائقن ۾ ڌٻڻيون (Swamps) بہ پيدا ٿي وينديون آهن، ڪڇ واريون اڄوڪيون ڌٻڻيون بہ انهيءَ قديم سنڌو ۽ سرسوتيءَ جي ڪري بڻيون. جيتوڻيڪ اهي درياھہ 1226ع ۾ پنهنجو رستو مَٽائي ويا، پر اهي ڌٻڻيون اڄ بہ پنھنجي اصليت قائم رکنديون اچن. دنيا ۾ بنگلاديش هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو سمورو درياهي ڇوڙ واري هنڌ (مھا ڪيٽي) تي جڙيل آهي. اهو سڄو ملڪ گنگا (Ganga) ۽ بـرهـم پـتــرا (Brahumpatura) درياهن جي ڊيلٽا جي گڏيل ڪاوش جو ثمر آهي ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا بہ اهو آهي، ان ڪري اتي گنگا نديءَ جون منهايون (Mouth of Ganga) بہ گهڻيون آهن، دنيا جي مشھور درياهن: نيل (Nile)، مسيسيپي (Mississippi)، هوانگ هو (Howang Hoo)، گنگا (Gangas) ۽ برهمپترا جا ڊيلٽا ڏاڍا لاڀائتا آهن، جتي هر قسم جي پوک ٿيندي آهي، جتي وڏا ٻيلا بہ آهن، ۽ انيڪ قسم جي جهنگلي جيوت رهي ٿي.
1883ع ۾ ’گرو ڪَرَل گلبرٽ‘ (Grove karal Gilbert) سڀ کان اڳ ’بونيولا ڍنڍ‘ (Bonneviella lake) تي ڊيلٽائي قسم (Kinds of delta) وضاحت سان لکيا هئا.
ڊيلٽائي قسم (Kinds of Delta): دنيا ۾ ڊيلٽا (ڪيٽين) جا قسم هن ريت آهن.
غالب لهرن وارا ڊيلٽا (Wave Dominated Deltas): انهن ’غالب لهرن وارن ڊيلٽائن‘ ۾ کاڌ ڪندڙ لهرون، ڊيلٽا جي صورت تي ضابطو رکن ٿيون. انهيءَ ۾ لٽ جي تمام جهجهي انداز ۾ جمع ٿيڻ ۽ وڏي پئماني تي ٿيل کاڌ جي ڪري ڊيلٽا، ان لائق هوندو آهي، جو سمنڊ ۾ پنهنجيون حدون وڌائي سگهي. اهو نمونو نيل درياھہ (Nile River) جو آهي، جيڪو يونان جي وڏي ڊيلٽا جي طرز تي جڙيل آهي.
غالب ويرن وارا ڊيلٽا (Tide-Dominated Deltas): غالب ويرن واري ڊيلٽا ۾ بہ کاڌ وارو عمل اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ۾ سامونڊي وير جي ڪري پاڻيءَ وارن وڻ شاخائن وهڪرن (Dendritc Drainage) ۽ ان سان گڏ ڪيترين ڪڙين (Dendrites) جي بناوت پڻ نظر اچي ٿي. وير (Tidal)، درياھہ (Rivver) ۽ ’غالب لهرن واري ڊيلٽا‘ سان الڳ الڳ ورتاءُ ڪري ٿي. اها مک ورهائجندڙ شاخن (Mein Distributors) کي نپائي ۽ تاتي ٿي ۽ جڏهن اهو دريا/درياهي، لٽاسجي برباد ٿي وڃي ٿي تہ اتان کان هڪ نئين شاخ جڙي ٿي، جيڪا سمنڊ کي ويجهو وڃي ملي ٿي. اها نئين شاخ ٻوڏ واري زماني ۾ يا سامونڊي طوفان ۾ بہ جڙي سگهي ٿي. ڪجهہ وقت کان پوءِ اها نئين شاخ (Channel) بہ لٽاسجي ختم ٿي ويندي آهي ۽ ان ريت اتان کان ٻيون شاخون ٺھي پونديون آهن. اهو سلسلو هلندو رهندو آهي ۽ ڊيلٽا وارو هنڌ ڪجهہ وقت جٽاءَ ڪري پنھنجي شاخائين شڪل بدلائيندو رهندو آهي. اهو انهن درياهن سان لاڳو آهي، جن جي پاڻيءَ ۾ لٽ گهڻي هوندي آهي.
گلبرٽ ڊيلٽا (Gilbert Deltas): گلبرٽ ڊيلٽا هڪ خاص قسم ڊيلٽا هوندا آهن، جيڪي وهڪري واري لٽ مان جڙن ٿا ۽ ابتڙ پاسي ڏانهن چيڪي مٽيءَ واريون لاهيون ٺاهيندا آهن، جھڙوڪ: مسيسيپي درياھہ وارو ڊيلٽا.
برپٽائون ڊيلٽا (Inland Deltas): بر پٽائون ڊيلٽا، هڪ اهڙو ڊيلٽا هوندي آهي، جيڪا سڌي برپٽ ۾ مختلف شاخن ۾ ورهائجي پکڙجي ويندي آهي، جتان ان جي شاخن جو پاڻي ٻاڦ بڻجي اڏامي ويندو آهي. جھڙوڪ: ’بوٽسوانا
(Botswana) جي ’اوڪا وينگو ڊيلٽا‘ (Okavango Delta).
ابت درياهي ڊيلٽا (Inverted river delta): ابت درياهي ڊيلٽا اصل ۾ اهڙي برپٽائين ڊيلٽا آهي جو ان جو درياھہ ميداني علائقي ۾ وڏي ماٿر (Valley) جوڙيندو آهي، انهي ماٿر/ماٿري ۾ اهو درياھہ گهڻ شاخائون ٿي ورهائجي ويندو آهي ۽ وري ماٿري مان نڪري هڪ ٿي گڏجي ڪري سمنڊ تائين سفر ڪندو آهي. اهڙو ميداني علائقو، جتي ماٿر ٺھي ٿي ۽ درياهي شاخون ٺھن ٿيون. ان جا مثال اندر ميداني ڊيلٽائون (Inland Delta) آهن، جھڙوڪ: نائيجر ڊيلٽا (Niger Delta) وغيرہ. درياھہ اميزان پاڻ ميراجو ٻيٽ (Marajo Island) ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان هڪ اهڙي اندر ميداني ڊيلٽا (Inland Delta) جوڙيندو آهي.
اڄڪلھہ سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو سامونڊي طوفانن، جڏهن تہ بئراجي علائقو گرميءَ، جر ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ واري لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. هونئن تہ سنڌ ۽ سنڌ جي ڊيلٽا جو ماحولياتي توازن تمر جي ٻيلن ۽ ڪچي جي هر قسم جي اوڀڙ جار ڪارڻ برقرار آهي. سنڌ جو ڊيلٽائي حصو، سامونڊي طوفان ۽ تيز هوائن کان سنڌ کي تحفظ مهيا ڪري ٿو. سنڌ جي ٽن بئراجن: گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ وارو ڪچو، گڊوءَ کان وٺي کاري ڇاڻ تائين، درياھہ جي ٻنهي ڪنڌين تي اٽڪل 30 لک ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 6 لک ايڪڙ ٻيلي واري زمين آهي، جڏهن تہ ڪچي جي باقي 22 لک ايڪڙ زمين ۾، درياھہ جي چاڙھہ ۽ اُٿل سبب سنڌ جي کاٻي توڙي ساڄي طرف جر جو ذخيرو پڻ وڌندو آهي. سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ سينڌ جهڙي حيثيت رکندڙ سنڌو درياھہ ۽ ان جو 30 لک ايڪڙ ڪچو اصل ۾ سنڌ جي وايومنڊل کي سنوارڻ سان گڏ مالوندن، ميربحرن ۽ مهاڻن لاءِ پيٽ قوت جو ذريعو ۽ گڏوگڏ جهنگلي جيوت جي واڌويجهہ وارو هنڌ پڻ آهي. ڪچي جي ٻيلي مان لاک، کئنور، ماکي ۽ ان جي ڍنڍن ڍورن جا پکي، پن، پٻڻ، ڪُم، ڪوڻيون ۽ اُن مان جڙندڙ انيڪ وِٿون مارو لوڪن جي روزگار جا اهم ذريعا رهيا آهن. ساڳيءَ طرح سنڌ جو ڊيلٽا پڻ درياھہ جي سترنهن ڇاڙن تي پکڙيل آهي. اها ڊيلٽائي پٽي، سنڌو درياھہ جي سيرابي علائقي (Catchment Area) مان هزارين سالن کان آندل درياهي لَٽ مان جُڙيل ۽ سمنڊ کان ڇڏايل هنڌ تي قائم آهي. 350 ڪلوميٽرن جي ڊيگهہ رکندڙ سنڌ جي ڊيلٽا ۾ هڪ ڪاٿي موجب 300 کن ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، جڏهن تہ اهڙن ٻيٽن تي 100 کن ڳوٺ پڻ آباد آهن، جن مان ڪراچيءَ لڳ بابا ڀٽ ۽ شمس ٻيٽن تي وڏيون آباديون رهندڙ آهن. انهن کان سواءِ حجامڙو ڪريڪ کان واڙي ڪريڪ تائين اٽڪل 15 هزار آبادي رهندڙ آهي، جڏهن تہ ان کان اڳ ۾ اٽڪل هزار کن ڳوٺ ٻيٽن ۾ موجود هئا، پر سمنڊ ۾ درياهي پاڻيءَ جي مناسب ڇوڙ نہ ٿيڻ واري صورتحال سبب کارو پاڻي ڪريڪن کان ڇاڙن تائين ڪاهي آيو آهي. ان ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مڇيءَ جي انيڪ قسمن جي ختم ٿيڻ سبب سمورا ڳوٺ هوريان هوريان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. انهيءَ سبب سمنڊ جي پائڻ ڪري 30 لک ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ڇڏي آهي. سنڌو ڊيلٽا جي انهن 17 ڇاڙن جي وهڪرن وارا واهڙ ۽ ڍورا وڻ شاخائين شڪل جا آهن. انهن ۾ اٽڪل 6 لک هيڪٽرن تي ٻَڌل ايراضيءَ تي تمر جا ڪيترائي ٻيلا موجود رهيا آهن. اهي تمر جا ٻيلا دنيا جي ڇهين نمبر وڏي تمر جي ٻيلن جي سلسلي ۾ شمار ٿين ٿا. ٻيلن جو اهو سلسلو سامونڊي هوائن کي خاص مقدار ۾ رکڻ کانسواءِ سامونڊي طوفان کان بچاءُ وارو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو. سنڌ جي ڊيلٽا ۾ سڀ کان گهاٽن وڻن وارا ٻيلا ڪراچيءَ لڳ موجود رهيا آهن.


لفظ ڊيلٽا ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو