
ڊيـمـوڪِرِيٽَس يوناني فلاسافر
ڊيـمـوڪِرِيٽَس (يوناني فلاسافر): ڊيــمـوڪِرِيـٽَــس (Democritius) هڪ قديم يوناني فلسفي (460 - 370 ق. م) هو، جنهن ابديرا (Abdera)، ٿـريس (Thrace)، يونان (Greece) ۾ جنم ورتو. هي سقراط کان اڳ جو (Pre Socratic) هڪ بااثر فلسفي ۽ ليوسيپس (Leucippus) جو شاگرد هو، جيڪو ڪائنات جي اڻائي نظريي (Attomic Theory) جو موجد هو. هن جي حقيقي کوجنائن بابت گهٽ ڄاڻ ملي سگهي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جو مواد سندس استاد جي کوجنائن سان گڏجي ويو آهي. هن جي اَڻن بابت تحقيق کي اوڻيهين صديءَ ڌاري ٻين يوناني فلسفين کان وڌيڪ مستند سمجهيو ويو. قديم اٿينس ۾ کيس هروڀرو نظرانداز ڪيو ويندو هو.
ڊيموڪِرِيٽَس کي پنھنجي وڏي معاصر فلسفي ارسطو (Aristotle) جهڙي اهميت نہ ڏني وئي، افلاطون (Plato) لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هو ڊيموڪِريٽس کي ناپسند ڪندو هو، ان ڪري سندس خواهش تي هن جا سمورا ڪتاب ساڙيا ويا هئا، جڏهن تہ اڪثر سائنسدانن ڊيموڪِرِيٽَس کي ’جديد سائنس جو اَبو‘ سڏيو آهي.
ڊيموڪِرِيٽَس، ٿريس جي ابديرا شھر ۾ ڄائو هو. اٿينس جي هڪ تاريخدان اپولوڊورس سندس جنم 457 کان 460 ق. م ڄاڻايو آهي، جڏهن تہ ٿريليئس هن جو ڄم 470 ق. م ڄاڻائي ٿو.
ڊيموڪريٽس جو پيءُ شاهوڪار ماڻهو هو. هن پنھنجي ’ڄاڻ جي اُڃ‘ (Thirst of Knowledge) پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترن ملڪن جا سفر ڪيا، جن ۾ انڊيا ۽ ايٿوپيا شامل آهن.
هن بائبلون (Babylon)، ميروءِ (Meroe) ۽ مصر (Egypt) وغيرہ بابت لکيو آهي، جتي هو پنجن سالن تائين رهيو. هن اعتراف ڪيو آهي تہ سندس ڪنهن بہ همعصر هن جيترا سفر نہ ڪيا آهن ۽ نہ هن جيترا ملڪ ڏٺا آهن. هن تمام گهڻن دانشورن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ مصر جا رياضيدان بہ شامل هئا. پنھنجي جنم ڀوميءَ ڏانهن موٽي اچڻ کان پوءِ هن فطري فلسفي (Natural Philosophy) کي اختيار ڪيو. هن سموري يونان جو سفر ڪري، پنھنجي تھذيب جي ڄاڻ حاصل ڪئي. هن پنهنجين تحريرن ۾ ڪيترن يوناني فلاسافرن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جا ڪتاب هن مهانگا خريد ڪيا هئا. مٿس ليوسيپس جي لکڻين جو وڏو اثر هو، جنهن جو ’اڻائيت‘ (Atomism) تي وڏو ڪم ٿيل هو. ارسطو کيس ’اڳ سقراطي فطري فلسفين‘ (Pre Socrates Natural Philosophers) ۾ شمار ڪيو آهي.
ڊيموڪِريٽَس چوندو هو تہ اڻا مادي جا منفرد جزا، ڦيرگهير کان مٿانهان، ابدي ۽ مسلسل تحرڪ ۽ نظام ۾ آهن. هنن کي آواز، رنگ ۽ ذائقي جهڙيون خاصيتون نہ آهن ۽ نہ ئي پنھنجي ليکي گڏ ٿي جسم (Bodies) ٺاهين ٿا، پر انهن جي تحليل هر جسم جو خاتمو آڻي ٿي. هن ڪنهن شيءِ جي حادثاتي طور پيدا ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
آخري عمر ۾ ڊيموڪريٽس جي نظر ختم ٿي وئي هئي. هي هميشہ خوش طبع ۽ زندگيءَ ڏانهن مثبت سوچ رکندڙ هو ۽ ماڻهن جي بيوقوفين تي کِلندو رهندو هو. ڊيموڪريٽس 90 سالن جي عمر ۾ 370 ق. م جي لڳ ڀڳ وفات ڪئي. کيس هميشہ ’کِلڻو فلاسفي‘ (Laughing Philosopher) سڏيو ويندو هو.