ڊينمارڪ جو جھنڊو

ڊينمارڪ جو جھنڊو

ڊينمارڪ

ڊينمارڪ

ڊينمارڪ

ڊينمارڪ (Kingdom of Denmark): ڊينمارڪ هڪ آزاد آئيني ۽ موروثي بادشاهت آهي. هتي پارلياماني طرز جي حڪومت قائم آهي. بادشاھہ يا راڻي رياست جا مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) ۽ هٿياربند فوج جا سپريم ڪمانڊر هوندا آهن. حڪومت جو اڳواڻ وزير اعظم هوندو آهي. پارليامينٽ ۾ اڪثريتي پارٽي جي ليڊر کي بادشاھہ/راڻي وزير اعظم نامزد ڪندا آهن. پوءِ وزيراعظم بادشاھہ / راڻي ۽ پارليامينٽ جي منظوريءَ سان پنھنجي ڪابينا جوڙيندو آهي. قانونسازيءَ جو اختيار پارليامينٽ جي ميمبرن کي هوندو آهي، جيڪي مختصر عرصي لاءِ چونڊيا ويندا آهن.
هن وقت ڊينمارڪ جي مملڪتي اڳواڻ راڻي مارگريٽ 11 آهي. جڏهن تہ وزير اعظم لارس لوڪي راسموسين آهي.
ڊينمارڪ 1940ع ۾ آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪئي. ڊينمارڪ جي گاديءَ جو هنڌ ڪوبن هيگن آهي. هن جي پکيڙ 43،076 چورس ڪلوميٽر آهي. هتان جي سرڪاري ٻولي ڊينٽس (جرمن) آهي. هتان جي ڪرنسي ڪرون (krone) آهي. 2011ع جي انگن اکرن مطابق هتان جي آبادي 5،564،219 آهي. ڊينمارڪ کي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمبرشپ 14 آڪٽوبر 1945ع تي ملي هئي. هتان جي وڏن شهرن ۾ آرمس، اوڊينسي، آلبورگ، اسبجرگ، ڪولڊنگ، هڊسنڊ، رانڊرز، نائي ڪوبنگ ۽ هيلسنگور شامل آهن. هتان جو سڀ کان مٿانهون هنڌ ڊينگ اسڪووهوج آهي، جنهن جي بلندي 173 ميٽر آهي. ڊينمارڪ جو هڪ ڀاڱي ٽيون حصو ٻيٽ نما جٽلينڊ Jutland تي مشتمل آهي. ڊينمارڪ جي اوڀر کان اولھہ طرف ڊيگهہ 402 ڪلوميٽر (150 ميل) ۽ اتر کان ڏکڻ طرف ويڪر 362 ڪلو ميٽر (225 ميل) آهي. بالٽڪ سمنڊ ۽ اتر سمنڊ ۾ ٻہ وڏا ٻيٽ فائن ۽ سجلينڊ کانسواءِ 482 ٻيا ٻيٽ بہ ڊنمارڪ جي ملڪيت آهن. انهن ٻيٽن مان 100 ٻيٽ آباد آهن، باقي غير آباد آهن. ڊينمارڪ سنئون ۽ ميداني ملڪ آهي، يعني ٻہ ڀاڱي ٽي حصو سنئون- زرخيز ۽ زراعتي علائقو آهي. هتان جي مکيہ زرعي پيداوار: جوَ، پٽاٽا ۽ ڪڻڪ آهي. مکيہ صنعتون فوڊ پروسيسنگ، دوائون، سائيڪلون، ڪاغذ، ڪچو لوھہ، کير ۽ مکڻ وغيرہ آهن. هتي ڪوپن هيگن، آرمس، آلبورگ، ۽ اوڊيسي نالي سان چار وڏا بندر آهن. ڊينمارڪ جي اتر ۾ سڪا کي راڪ آبي گذرگاھہ، اوڀر ۾ ڪيٽي گيٽ آبي گذر گاھہ ۽ بالٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ جرمني ۽ اولھہ طرف اتر سمنڊ آهي. هن ملڪ ۾ موسم خوشگوار ۽ سرد هوندي آهي. سردين ۾ سخت سردي ۽ برفباري ٿيندي آهي. هتان جي قومي هوائي ڪمپنيءَ جو نالو اسيڪنڊ ينيوين ايئر لائينر آهي. جتان جي انتظامي ورهاست 14 ڪائونٽين ۾ ٿيل آهي.
ڊينمارڪ جي ڪوپن هيگن يونيورسٽيءَ جا پروفيسر ڀائر آسڪو پرپولا ۽ سيموئل پرپولا، سنڌو لکت جي مهرن تي وڏي وقت کان ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


لفظ ڊينمارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو