ڊيوئارٽ باربوسا

ڊيوئارٽ باربوسا (Duarte Barbosa): مشھور سياح ڊيوئارٽ باربوسا پورچوگيزي هو. پورچوگيزي هندستان جي سامونڊي ڪنارن تي واپار ڪندا هئا. اهڙي قسم جي واپارين، ارغونن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ واپار سانگي اچڻ شروع ڪيو ۽ ٺٽي ۾ تجارتي ڪوٺي بہ قائم ڪئي. هنن سنڌ جي ارغون حڪمران شاھہ حسن وٽ بہ ملازمت ڪئي، پر جڏهن عيسيٰ خان ترخان هنن کي ٺٽي ۾ ڇڏي بکر ويو، تڏهن پورچوگيزن ٺٽي ۾ وڏي تباهي آندي. ڊيوئارٽ باربوسا بہ انهن ۾ شامل هو. هن 1516ع ۾ هرمز کاريءَ کان گجرات تائين سمنڊ رستي سفر ڪيو، جڏهن پورچوگيزن مغلن کان اجازت وٺي ٺٽي ۾ ڪوٺي قائم ڪئي تہ ڊيوئارٽ باربوسا، لاهري بندر تي پهتو ۽ اتان ٺٽي آيو، جتي تمام گهڻو وقت رهيو. هي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ بہ رهيو. هن گهڻو سفر درياھہ رستي ڪيو. هن درياھہ جي ڀر وارن شهرن، واپار ۽ زراعت جو تفصيل سان ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ: ”سنڌ ملڪ وچان هڪ درياھہ سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن درياھہ جي پاسن تي ڪيترا آسودا ۽ خوشحال شھر آباد آهن. زمين ڀلي ۽ زرخيز آهي. ڪڻڪ، جوَ ۽ گوشت جا ذخيرا آهن، منجهس کاڌ خوراڪ ججهي آهي.“
سنڌ جي وڻج واپار جو ذڪر ڪندي ڊيوئارٽ باربوسا لکي ٿو تہ: ”هندستان جي باقي حصن ۽ ٻين ملڪن سان سنڌ جو گهڻو واپار هلي ٿو، خاص ڪري هتي ڪپڙو ايترو تہ تيار ٿئي ٿو، جو واپار لاءِ جيڪي بہ جھاز ايندا آهن، تن کي ڀرڻ لاءِ اهو ڪافي آهي. انهن شين تي جيڪو محصول ٿئي ٿو، سو بہ هڪ لک رپيا آهي.“
سنڌ جي گهوڙن جو ذڪر ڪندي ڊيوئارٽ باربوسا لکيو آهي تہ: ”سنڌ جا ماڻهو گهوڙن پالڻ جا ڏاڍا شوقين آهن. مالڪ گهوڙن کي کاڌو نهايت سٺو کارائيندا آهن ۽ شاهوڪار ماڻهو ڏاڍي شوق ۽ آب تاب سان پنهنجن گهوڙن کي سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا آهن. سنڌ جا گهوڙا جيتوڻيڪ سنها ۽ هڏاوان ٿين ٿا، پر ڏاڍا مضبوط، تيز رفتار ۽ غير معمولي طاقتور ٿين ٿا.“
سنڌ ۾ مڇيءَ جي پيدوار جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو تہ: ”سنڌ ۾ مڇي وڏي مقدار ۾ ماري وڃي ٿي، مقامي وڪري کان پوءِ بچي پوي ٿي، جنهن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. مڇيءَ مان تيل بہ ڪڍيو وڃي ٿو، جيڪو ٻيڙين ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو.“
ڊيوئارٽ باربوسا گهڻو عرصو ٺٽي ۾ رهيو، ان ڪري ٺٽي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ: ”هيءُ هڪ وڏي آباديءَ وارو شھر آهي، جنهن ۾ ڏيڍ لک کن گهر آهن. هڪ ئي گهر ۾ ڪيترا ڪٽنب گڏ رهن ٿا ۽ جيڪڏهن هي ماڻهو پورچوگيزن وانگي رهن تہ شھر جي زمين کان پنجوڻي زمين بہ هنن لاءِ پوري نہ ٿئي. هتان جو بندرگاھہ، هندستان جي سموري پيدائش جھڙوڪ: سون، چاندي ۽ موتي وغيرہ مهيا ڪري ٿو.“
ڊيوئارٽ باربوسا جو 1815ع ۾ سنڌ متعلق لکيل سفرنامو، پهريون ڀيرو 1865ع ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ ٻيو ڀيرو 1918ع ۽ 1921ع ۾ ٻن جلدن ۾ لنڊن مان شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو