
ڊيورنڊ لائين
ڊيورنڊ لائين (Durand line): ڊيورنڊ لائين پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ هڪ تڪراري سرحد جو نالو آهي، جيڪا هڪ اندازي موجب 2252 ڪلو ميٽر ۽ (1610ميل) ڊگهي آهي. هن سرحد جي حصن جي حد بندي 1893ع ڌاري برطانوي هندستان جي نمائندي ۽ افعانستان جي امير عبدالرحمان خان جي سربراهيءَ ۾ ٿي ۽ ان کي ”ڊيورنڊ لائين ائگريمينٽ“ جو نالو ڏنو ويو. ان سرحد تي ڊيورنڊ جو نالو ان وقت برطانيا جي هندستان ۾ موڪليل پرڏيهي سيڪريٽري مورٽيمر ڊيورنڊ تان رکيو ويو. هڪ صفحي تي لکيل هيءَ ٺهراءُ ستن ننڍن آرٽيڪلن تي مشتمل هو، جيڪو ايم. ايڇ ڊيورنڊ ۽ امير عبدالرحمان خان جي وچ ۾ صحيح ٿيو، جنهن ۾ اهو طئہ ڪيو ويو تہ ٻئي هڪ ٻي ملڪ جي سرحدن جو احترام ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي سرحدن ۾ ڪا بہ غير قانوني مداخلت نہ ڪندا. 1894ع ڌاري ٻيهر برطانيا ۽ افعانستان جي گڏيل سرحدي حد بنديءَ جي سروي ڪئي وئي جيڪا 800 ميلن تي پکڙيل هئي. ڊيورند لائين سرحد جي حد بندي ٿيڻ سان ان خطي ۾ وڏي سياسي ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي ۽ هيءُ خطو ”Buffer Zone“ بڻجي ويو. ’بفر‘ زون ان خطي کي چئبو آهي، جيڪو ٻن طاقت ور ملڪن جي وچ ۾ هجي. اهڙي نموني سان هن خطي ۾ برطانيا، آمريڪا ۽ روس جي سياسي مفادن جي جنگ شروع ٿي وئي، جيڪا اڄ بہ جاري آهي. هيءَ بي ترتيب حد بندي ڪيل سرحد پختون قبائلي علائقن جي ڪري دنيا جي خطرناڪ جڳھہ سمجهي وڃي ٿي.