ڊيوڊراس

ڊيوڊراس: انگريز سياح ڊيوڊراس اسڪائر جو جنم 1837ع ڌاري بشائر ۾ ٿيو. سندس والد مسٽر راس ان وقت ڪرنل جي عهدي تي فائز هو. ڊيوڊ ڊراس جاگرافيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ناليوارن جاگرافيدانن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. هن ڪئمبرج انٽرنيشنل ايجوڪيشن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، ان ڪري پنهنجي نالي پويان سي آءِ اي (C.I.E) لکندو هو. اهڙيءَ طرح هو برطانيه جي رايل جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جو فيلو به رهيو. ان ڪري F.R.G.S به پنهنجي نالي پويان لکندو هو. ڊيوڊ راس ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ پهريون سرويئر مقرر ٿيو ۽ سندس خدمتون ريلوي کاتي جي حوالي ڪيون ويون. جڏهن ريلوي نظام جڙي رهيو هو ته مختلف شهرن ۽ رياستن ۾ ڪم ڪندو رهيو. ريلوي نظام جي جڙڻ کانپوءِ کيس ريلوي ۾ ٽرئفڪ مئنيجر طور مقرر ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ هن سنڌ، پنجاب ۽ دهليءَ ۾ خاص طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊيوڊ، سنڌ ۾ ڪافي عرصو رهيو هو. هن لاهور ۾ به ڪافي وقت گذاريو ۽ سنڌ ۽ پنجاب ريلوي کاتي ۾ به ڪم ڪم ڪيائين. هن پنهنجون يادداشتون، تجربا ۽ مشاهدا به لکيا آهن. سندس ڪتاب The land of the five rivers and sindh (sketches, historical and description)
1883ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو آهي. ان کان سواءِ ڪجهه ٻيون به هن اهم معلوماتي رپورٽون لکيون هيون، جيڪي وقت به وقت بمبئي حڪومت وٽ جمع ڪرايون هئائين. هن جي ڪتاب ’پنجن درياهن جي سر زمين ۽ سنڌ‘، سنڌ ۽ پنجاب بابت انتهائي معلوماتي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي تاريخ، تهذيب، سنڌو درياهه بابت معلومات ۽ شهرن جي ڄاڻ انگن اکرن سان پيش ڪئي وئي آهي. هن سنڌ بابت لکيو آهي ته، ”سنڌ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’سنڌوءَ‘ مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي درياهه يا سمنڊ. سنڌو درياهه جي حساب سان ملڪ جو نالو به سنڌ سڏيو ويو، جيڪو نالو غالباً آرين حملي آورن کان به اڳ پيو هو، پر مسلمانن جو خيال آهي ته هند ۽ سنڌ حضرت نوح جا ٻه پٽ هئا، جن جي اولاد هنن ملڪن تي ڪيترن سالن تائين حڪومت ڪئي.“
ان دور جي سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت ڊيوڊراس لکيو آهي ته، ”سنڌ جيڪا هن وقت بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو آهي. ان جي اتر ۽ اوڀر ۾ خان آف قلات (بلوچستان) ۽ بهاولپور جون رياستون اچن ٿيون. اولهه طرف راڄپوتانا، جيسلمير ۽ جوڌپور جون مقامي رياستون آهن ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ آهي. صوبي جي ڪل پکيڙ خيرپور رياست سميت 56،632 چورس ميل آهي. سنڌ جي آدمشماري اٽڪل 22،400،000 يا ايڪيتاليهه ماڻهو في چورس ميل آهي، جن مان اڪثر مسلمان آهن ۽ باقي هندو آبادي آهي. سنڌي گھڻو ڪري ڊگها، طاقتور ۽ اڪثر غيرتمند ۽ جھڳڙالو آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ جي جاگرافيءَ ۾ جبلن جي قطارن، ڪوهستان، لڪي پهاڙن، ڍنڍن، ڍورن ۽ نئين وغيره کي پنهنجي مشاهدي ۾ آندو آهي. مطلب ته ڊيوڊ راس جو ريلوي کاتن دوران سنڌ، پنجاب ۽ هندستان جي ٻين شهرن سان رابطو ۽ واسطو رهيو. هن هر لحاظ کان ملڪي ۽ شهري حالتن تي نظر رکي ۽ مشاهداتي ۽ مطالعاتي انداز ۾ سندس ڪتاب بهترين معلومات پيش ڪري ٿو. ڊيوڊ راس هندستان مان بدلي ٿيڻ کانپوءِ آسٽريليا هليو ويو، جتي پرٿ ۾ رهڻ لڳو.
ڊيوڊ راس، آسٽريليا ۾ 54 سالن جي عمر ۾ 11 اڪٽوبر 1891ع تي وفات ڪئي.


لفظ ڊيوڊراسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1891.10.11  عيسوي

ڊيوڊ راس، آسٽريليا ۾ 54 سالن جي عمر ۾ 11 اڪٽوبر 1891ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏنگر فقير
سنت مهر بخش
روشن علي شاهه روشن
ارشد محمود
عالم شاهه بخاري
ٿانور ڀٽي
ارباب نورمحمد پليجو
سيد ميران محمد شاهه
اي آر ناگوري
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون