ڊيوڊورس سائڪيولس: يونان جو مشھور تاريخ نويس ڊيوڊورس سائڪيولس، سِسليءَ جي شھر اگائريم ۾ عيسوي سن کان هڪ صديءَ اڳ پيدا ٿيو هو ۽ سن 30-60 ق. م تائين زندھہ هو. هن ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن جي تاريخ ’ببلو ٿيڪا هسٽاريڪا‘ چاليهن جلدن ۾ لکي. هن مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪافي سفر ڪيا. سندس تاريخ تي لکيل 40 جلد ضايع ٿي ويا، پر پهريان چار جلد ۽ 19 ۽ 20هون جلد بچي ويا. پوين ٻن جلدن ۾ 302-480 ق. م واري عرصي جو بيان آهي، جنهن ۾ دارا جي مرڻ کان پوءِ اخيمينين جو زوال، سڪندر جي سنڌ تي ڪاھہ ۽ سڪندر جي مرڻ کان پوءِ سندس حڪومت جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ، سنڌ ۽ هند ۾ چندرگپت موريا جي حڪومت واري قيام وارو عرصو اچي وڃي ٿو. برصغير سڪندراعظم سان وابــسـته حـصـا، مـئڪـرنـڊل پنهـنجـي ڪـتــاب Invasion by Alexander (1896ع) ۾ ترجمو ڪري، 36 صفحن تي شايع ڪيا، جن مان ڏھہ صفحا سنڌ بابت آهن، جن ۾ موسيڪنس سلمبس، پارٽيڪئنوس، هرماٽيليا، پٽالا، لسٻيلي ۾ ماڻهن جي تدفين، هندستاني فلاسافر ڪالانوس بابت ذڪر آهي. ڊيوڊورس، ٽالمي ۽ ارسٽوبولس ۽ ڪلائٽارچس جي تاريخ بہ شامل آهي، جيڪا ايوين بيان نہ ڪئي هئي، پر ڪرٽيس ڪم آندي آهي. ان ڪري ئي ٽنهي تاريخ نويسن: ايوين، ڊيوڊورس ۽ ڪرٽيس جا بيان هڪجهڙا آهن.
ڊيوڊرس پنھنجي ڪتاب ۾ سنڌ جو احوال هن طرح لکيو آهي، ”اولھہ سنڌ جي بادشاھہ سامبس جي شڪست کان پوءِ سڪندر 80 هزار سنڌي قتل ڪرايا. هن پاران هرماٽيليا شھر جو پٽالا شھر کان اڳ ۾ بيان ڪرڻ ڏيکاري ٿو تہ هرماٽيليا سيوهڻ ۽ پٽالا جي وچ ۾ هڪ وڏو شھر هو.
ڊيوڊورس بابت هڪ ڪتاب C. Brand Ford Wells لکيو هو، جيڪو لوئب ڪلاسيڪل لائبرري، لنڊن مان Diodrus of Sicily نالي سان 1963ع ۾ شايع ٿيو، ان ۾ ڊيوڊورس جو سنڌ جي باري ۾ احوال ۽ ان زماني جي سماج جو هڪ عڪس بہ موجود آهي.