
ڊي اين اي
ڊي. اين. اي: ڊي. اين. اي Deoxyribo Nucleic Acid جو مخفف آهي. ڊي. اين. اي جيوگهرڙي جي پراسرار مالڪي سنڀاليندڙ آهي. هي سخت گير، منتظم، سمورن جيوگهرڙن کي پنھنجي حڪم تي هلائيندو آهي. ڊي. اين. اي جيوگهرڙي جي سمورن نظامن کي هدايت ڏيندو آهي تہ ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇا ٺهڻو آهي. ان لاءِ ڇا، ڪٿان ۽ ڪنهن کان وٺڻو آهي. D.N.A هر جاندار، حيوانات ۽ نباتات ۾ موجود هوندو آهي. جيوگهرڙو (Zygote) جنهن ذريعي هڪ نئين انسان جي تخليق جو آغاز ٿيندو آهي، وجود ۾ ايندي ئي پاڻ جهڙيون ڪاپيون ٺاهڻ شروع ڪندو آهي. هڪ کان ٻه، ٻہ کان چار، چئن کان اٺ. اهڙيءَ ريت نو مهينا يا ان کان گهٽ عرصي ۾ هڪ مڪمل انسان وجود ۾ ايندو آهي. ٻار جڏهن پيدا ٿيندو آهي، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پنجاھہ ٿريلين جيوگهرڙن جو مجموعو هوندو آهي. ان جيوگهرڙن جي تيزيءَ سان ڪاپيون تيار ڪرڻ جي پراسرار صلاحيت پنهنجيءَ جاءِ تي، پر جيوگهرڙي اندر سڀ کان وڏو معجزو ڊي. اين. اي آهي. ماءُ پيءُ جي ڪروموسومن مان جيڪو جيوگهرڙو وجود ۾ ايندو آهي. ان ۾ ڊي. اين. اي هڪ ٻئي سان ويڙهيل ٻن ڏورين وانگر هوندو آهي. ٻار جي مستقبل لاءِ لامحدود امڪان، اطلاع، معلومات ۽ پروگرام ڊي اين اي ۾ اسٽور ٿيل هوندا آهن، جن جي مدد سان هڪ ننڍڙو غير مرئي جيوگهرڙو پاڻ ۾ معلومات جو وڏو ذخيرو لڪائي ويٺو هوندو آهي. ٻار جي جسم ۾ زندگي ۽ تعمير کي استعمال جوڳو رکڻ لاءِ جنهن نقشي جي ضرورت هوندي آهي، اهو نقشو يا بليو پرنٽ ڊي. اين. اي جي شڪل ۾ هر جيوگهرڙي ۾ موجود هوندو آهي.
عضون جي بناوت/ تعمير، تنصيب ۽ ڪارڪردگي هر جيوگهرڙي جي ڊي. اين. اي ۾ ڪوڊن جي شڪل ۾ موجود هوندي آهي ۽ اُها RNA(Ribo Nucleic Acid) جو ڪردار ادا ڪندي آهي. ٻار جي تشڪيل جو تفصيل ڊي. اين. اي جي ڏورين ۾ موجود هوندو آهي. آر. اين. اي، ڊي اين اي جي نگرانيءَ ۾ ابتدائي ڪم ڪندو آهي. سڀ کان پهرين هڪ پروٽين جي تياري شروع ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن لاءِ ان کي امائنو ايسڊ جمع ڪرڻا پوندا آهن ۽ آر. اين. اي جا جزا موتين وانگر پروئبا آهن. اهڙيءَ ريت پروٽين وجود ۾ ايندي آهي. انسان جي اک ۾ ستاويھہ ڪروڙ چاليھہ لک جيوگهرڙن مان هر هڪ جيوگهرڙي ۾ موجود ڊي. اين. اي سموري معلومات ۽ صلاحيت رکي ٿو، جنهن ذريعي هڪ مڪمل ٻار هن دنيا ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪن جيوگهرڙن ۾ هيءَ صلاحيت موجود هوندي آهي تہ اهي ڪن جي جاءِ تي پير تعمير ڪري ڇڏين، پر جيوگهرڙا ڪڏهن ايئن نہ ڪندا، آهن، ڇو تہ جيوگهرڙا رڳو اهو ڪري سگهن ٿا، جنهن جو کين مٿان حڪم ملندو آهي.
هي جيوگهرڙا ڪافي ڪجهہ ڪري سگهن ٿا، پر قدرت سندن اضافي صلاحيتون معطل (بلاڪ) ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙيءَ ريت جيوگهرڙا ڪروڙين ڪاپيون ٺاهي سگهن ٿا. انسانن جي جيوگهرڙن مان ڊي اين اي جي ٻنهي ڌاڳن کي جيڪڏهن هڪ قطار ۾ رکجي تہ اها قطار زمين کان چنڊ جي فاصلي کان هزار ڀيرا وڏي هوندي. تخليق جو هي نقشو اڄ کان سٺ ستر سال پهريان بہ انسان جي لاءِ ڳجهہ جو درجو رکندو هو ۽ اڄ بہ عام ماڻهن لاءِ غيب جو نمونو آهي.