ڊي پي شرما

ڊي پي شرما

ڊي پي شرما

ڊي. پي شرما (آرڪيالاجسٽ): ڊاڪٽر ڊي. پي شرما (Dr. D. P. Sharma) ڀارت جو قديم آثارن جو ماهر، ميوزيولاجسٽ (Museologist) ۽ فني مؤرخ (Art Historian) آهي. هن الھہ آباد يونيورسٽيءَ مان ’قديم تاريخ‘ ۾ ايم. اي ڪئي آهي. ساڳئيءَ يونيورسٽيءَ مان پروفيسر جي. اين. پانڊي (J. N. Panday) جي رهبريءَ ۾ گنگا جمنا دو آب ريجن جـي هـيٺـئيــن دوآبـي جـي فـن تـعميــر (Architecture) تي تحقيق ڪري ڊي. فل (D. Phil) جي ڊگري ورتائين. 84-1983ع ڌاري ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ حاصل ڪري، يونيورسٽي آف لنڊن جي انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجيءَ مان ايم. اي آرڪـيالاجـيءَ جـي ڊگــري حـاصـل ڪـيائيــن. هن انگلينڊ ۾ سسسيڪس (Sussex) ۽ فرانس (Pincenent) ۾ ڊاڪٽر مارڪ نيوڪمر (Dr. Mark New Comer) ۽ پروفيسر گورهان (Prof: Gourhan) جي هٿ هيٺ آثارن جي کوٽائيءَ بابت تعليم حاصل ڪئي.
ڊي. پي شرما 1985ع کان 2005ع تائين Harappan & Prehistoric Collection of National Museum جو نئين دهليءَ ۾ سربراھہ رهيو. 2005ع ۾ ڊاڪٽر پي. ڊي شرما نئشنل ميوزيم ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو. هن جا 210 کان وڌيڪ مقالا ۽ 30 ڪتاب ڇپيل آهن. هو هن وقت ’ڀارت ڪلا ڀون وارسڻيءَ‘ ۾ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪجهہ نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1. Early Classical Art of South Asia (2 Vol:).
2. Encyclopedia of Indian Architecture Hindu, Budhist, Jain & Islamic (4 Vols:).
3. Victims of Terrorism.
4. Panorama of Harappan Civilization, Early Harappan & Indu Saraswati Civilization (2Vols:).
5. Harappan Art.
6. Ghumpes of Harappan Archaeology.
7. Prehistoric Art & Archaeology (Vol:I).
8. Harappan Jewellary, Harappan Terracofta & Harappan Seals, Harappan Architecture.
9. Gorvada in Asian Art.
10. Copper Hoard Weapons of South Asia.
11. Museology for Beginner
12. Foundation of Museology.
13. Religion & Social System of Harappan Civilization.
14. Antiquity Laws and Museum Administration.
15. Indus Script on its way to Decipherment.
16. Harappan Science and Technology.
17. Archaeology of Lower Ganga-Jamuna Doab.
18. Bharat ka Puratavattra (Hindi)
19. Lost Sarswati Civilization.
20. Allahabad through the Ages.
ان کان سواءِ هن 2010ع ۾ هڙپا تھذيب جي ماڳن تان لڌل ٺڪر جي ٽڪرن ۽ ٿانون جي حوالي سان تفصيلي تحقيق تي مشتمل ڪتاب Harappan Potteries بہ شايع ڪرائي نالو ڪڍيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو