ڊَگڙ/ ڊَڳڙ: ٻھراڙيءَ ۾ خاص ڪري لاڙ ۽ ٿر ۾ جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي ٿلهي ماني، جيڪا ٿوٻي پچائبي آهي، ان کي ڊگڙ/ ڊڳڙ چئبو آهي. ڊگڙ کي روٽلو، ريولو بہ ڪوٺبو آهي. گهڻو ڪري مرچ مصالا وجهي ٿُلهي پچايل مانيءَ کي بہ ڊگڙ چئبو آهي. جڏهن تہ سنڌي لغت موجب ڊگڙ کي ڍوڍو بہ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ هڪڙي چوڻي بہ آهي تہ: ”نوڙي وڃي روم، تہ بہ ڍوڍي مَٿي ٿُوم“.ڍوڍي يا ڊگڙ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هن مانيءَ جو هڪڙو پاسو پڪل هوندو آهي تہ هڪڙو پاسو اڌ ڪچو هوندو آهي. جڏهن تہ ڊڳڙي وري اتر سنڌ توڙي وچولي ۾ سنهڙي ماني يا ڦلڪي کي چيو ويندو آهي. ڊڳڙيءَ جو جمع ڊڳڙيون آهي. ڊڳڙيون يا ڦلڪا گيھہ وارا هوندا آهن، جڏهن تہ ڊگڙ/ ڊڳڙ يا ڍوڍو بنا گيھہ جي اڻڀو هوندو آهي.