ڊُٻڪي

ڊُٻڪي: گڏهن جي اڳين ٻنهي پيرن کي سوڙهو ڪري رسيءَ سان ٻڌڻ کي ڊٻڪي چئبو آهي. ٿر ۾ سياري توڙي اونهاري ۾ مزدور ماڻهو سِرن کڻڻ، مٽي ڍوئڻ، کوهن مان پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ جنڊا کڻڻ ۽ جهنگ مان ڪاٺين جا جنڊا ڀري آڻڻ لاءِ گڏهن کي ڪتب آڻيندا آهن. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ گڏهن کي پاڃاريءَ ۾ جوٽبو آهي ۽ ڪوس ذريعي پاڻي ڇڪي ڪڍبو آهي. سياري توڙي سانوڻيءَ ۾ گڏهن کي هرن ۾ بہ استعمال ڪندا آهن. گڏهن کان ڪم ڪار وٺي، کين هٿ وسو رکڻ، ٻنين جي ڀيل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ، ڊُٻڪي ڏئي ڇوڙي ڇڏيندا آهن. جيئن مھل سر ڪم جي وقت کين سولائيءَ سان جلد ڳولي سگهجي، ڇاڪاڻ جو ڇوٽ ڇڏيل گڏھہ يڪدم آسانيءَ سان جهلڻ نہ ڏيندو آهي.خاص ڪري وسڪاري وارن ڏينهن ۾ تہ گڏھہ سائو گاھہ کائي تازو متارو ٿي پوندو آهي تہ وتندو آهي، پوزيون هڻندو ۽ جهل نہ ڏيندو آهي.
ڊٻڪيءَ ڏيڻ سان وهٽ تڪڙو هلي نہ سگهندو آهي نہ ئي وري ڀڄي سگهندو آهي، جتي بہ کيس ڇڏي اچبو آهي، اتي ئي پيو گهمندو ڦرندو ۽ چرندو آهي نہ گهڻو پري وڃي سگهندو آهي نہ ئي وري گم ٿيڻ جو ڪو امڪان هوندو آهي. ڪي ماڻهو ٻن گڏهن کي گڏ ’سلهاڙ‘ ڏيندا آهن تہ جيئن اُهي پري نہ وڃي سگهن.


لفظ ڊُٻڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو