
ڊِرگهه بالا جا مقبرا

ڊِرگهه بالا جا مقبرا
ڊِرگهہ بالا جا مقبرا: ضلعي دادو تعلقي جوهيءَ کان لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽر اتر اولھہ طرف نئن گاج جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ ڊرگهہ بالا ويجهو ٽالپرن جي قبن جو هڪ شاندار ميڙاڪو آهي. هي قبرستان 67° 50′ اوڀر-اولھہ ڊگهائي ڦاڪ ۽ 25° 50′ اتر-ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. ٽالپرن جي دؤر جي هنن قبن بابت تاريخ ۾ ڪي خاص تفصيل موجود نہ آهن، جيتوڻيڪ ڪجهہ مقبرا، جن مان خاص ڪري سڀ کان وڏو مقبرو ڪلهوڙن واري زماني جو ٺهيل لڳي ٿو ۽ قد قامت ۽ صورت ۾ بہ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري جهڙو لڳي ٿو. هنن مقبرن جي خاص ڳالھہ انهن اندر ٿيل چٽسالي آهي، جيڪا هاڻي خود مقبرن وانگر زبون حال ۽ پوين پساهن ۾ آهي.
هنن مقبرن بابت ڪجهہ مواد ملي ٿو، جن مان هڪ مضمون محمد بخش ٽالپر جي نالي سان ڇپيل آهي، پر اهو اصل ۾ مصطفيٰ ڪئينس جي عربي مضمون جو ترجمو آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ محمد صديق ’مسافر‘ ڪيو هو ۽ مير محمد بخش ٽالپر ان تي تشريحي نوٽ لکيا هئا. هي مضمون ’ٽِه ماهي مهراڻ، جلد 22، نمبر 1 ۽ 2، سال 1973ع ۾ ’جوهيءَ ۾ ٽالپر اميرن جا مقبرا‘ جي عنوان هيٺ ڇپيو. ٻيو مضمون ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ ۽ ڊاڪٽر عاصمه ابراهيم جو آهي. تازو نئن گاج جي بدلايل وهڪري سبب هي مقبرا سڌيءَ طرح خطري ۾ اچي ويا آهن.
ڊرگهہ بالا لڳ هن قبرستان ۾ هن وقت 14 مقبرا بيٺل آهن، هتي قبرن جو بہ خاصو تعداد آهي، جيڪي ٿلهن تي ٺهيل آهن. هن وقت سمورن مقبرن ۽ قبرن جي حالت زبون آهي. هي ماڻڪاڻي ٽالپرن جون قبرون چيون وڃن ٿيون.
مير محمد بخش ٽالپر هن علائقي ۾ ٽالپرن جي موجودگيءَ بابت لکي ٿو ته، ”ٽالپرن جي ديري غازي خان جي چوٽي بالا مان هجرت بعد ڊرگهہ سندن پهرين سڪونت جي جاءِ هئي، مگر ڪلهوڙن جي دور ۾ مير شھداد خان ۽ مير علي خان کي شھدادپور ۽ ٻين آباد علائقن ۾ جاگيرون مليون، جيڪي اوڏانهن هجرت ڪري ويا، باقي مير ماڻڪ خان جو اولاد ۽ سندس چار فرزند ترتيبوار سالار جنگ مير الهيار خان، مير ٺارو خان، مير ڇُٽو فقير ۽ مير سائينداد خان ان جُوءِ ۾ رهيا. مير الهيار خان جي وفات 1729ع ۾ ٿي، يعني سندس مقبرو جلد ۾ جلد بہ 31-1730ع کان اڳ مڪمل نہ ٿيو هوندو. هي مقبرا سالار جنگ فقير مير الهيار خان، سندس ڀاءُ ڇٽي فقير ٽالپر، ٻين مير صاحبن ۽ سندس رفيقن ۽ متعلقين جا آهن (مير محمد بخش ٽالپر: صفحو 160).
سڀ کان وڏو مقبرو مير الهيار خان جو آهي، جيڪو چيروليءَ سان پلستر ٿيل آهي، جنهن جي ماپ 11x11) ميٽر) آهي، انهي جي طاقچن وارين ديوارن تي نباتات يا گلن ٻوٽن جي پينٽنگ ٿيل آهي ۽ ڪافي هنڌن تي انساني شبيهون، جانور، اٺ، گهوڙا، مال وغيرہ سان تصويري ڪهاڻيون موجود آهن، جن مان تڏهوڪي رهڻي ڪهڻيءَ جو اندازو ٿئي ٿو.
اها مصوري مغل ۽ راجپوت نقاشيءَ جو امتزاج آهي، جنهن ۾ عورتن جو لباس سنڌ ۽ بلوچستان جو روايتي گگهو نه، پر عورتن کي هندي پڙو يا مغل زالن جو لباس ڏيکاريل آهي.
سنڌ جا مقبول رومانوي داستان خاص ڪري سھڻي ميهار، شتربان، شهسوار، اوطاق، باغ، مور، هنج، نانگ، مينهون، ميوا وغيرہ چٽيل آهن. مير الهيار جي مقبري ۾ بہ سھڻي ميهار جي تصوير آهي. مقبري جي اولھہ واري ديوار ۾ هڪ جنگي منظر ۾ هاٿي ۽ گهوڙا چٽيل آهن.
مير حاجي محمد بخش ٽالپر جي مضمون ۾ لکيل آهي تہ: اتر طرف هڪ مقبري جي ديوار تي هڪ واڳون هڪ ٻار کي ڇِڪي رهيو آهي، جڏهن تہ ٻيو وڏو ڇوڪرو ننڍي کي واڳونءَ کان ڇڏائڻ جي ڪوشش پيو ڪري.
ڪاڇي ۾ مقبرا عام طور تي ميان وال تحريڪ وارن جا هئا، جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڪلهوڙن سان تعلق ۾ هئا. يا وري ٽالپرن جا مقبرا آهن. انهن مقبرن مان خوبصورت قبن جو هڪ ميڙ ڊرگهہ بالا وارو آهي.
ڊاڪٽر ڪليم لاشاري ۽ ڊاڪٽر عاصمه ابراهيم ڪاڇي ۾ مقبرن جي اڏاوت واري لاڙي جي ڏس ۾ دادوءَ ۾ مقبرن اندر چٽساليءَ تي هڪ مضمون (Mural Paintings in Dadu: Archaeological Journal 2001-2002) ۾ ان دور ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، جڏهن دهليءَ جا حڪمران سنڌ جي اصل طاقت جي توازن جو ڪاٿو ڪري رهيا هئا تہ سنڌ ۾ سندن نمائندي طور ڪهڙي طاقت کي مقرر ڪري سگهجي ٿو، جيڪا سنڌ جي اولھہ وارين سرحدن کان ايران ۽ افغانستان جي اڳراين کي روڪي سگهي، اهو ميان يار محمد ڪلهوڙي جو وقت هو.
ڊاڪٽر صاحبان جي خيال ۾ ان ئي دور ۾ ڪلهوڙن ۽ سندن اتحادين ابتدائي اڏاوتون کڙيون ڪيون ۽ دادو ضلعي ۾ اڪثر مقبرا ڪلهوڙن کان گهڻو پوءِ هڪ تسلسل ۾ ٺهيا. انهن مقبرن جي اڏاوت جي اصل مقصد کي فقط ارڙهين ۽ اوڻيهين صديءَ جي قدرن کي نظر ۾ رکڻ سان سمجهي سگهبو. ڊاڪٽر صاحبان ڌيان ڇڪائن ٿا تہ آڳاٽيون عمارتون، جوڙجڪ ۾ ڪافي وڏيون آهن، شاهي اڏاوتن سان مشابھہ آهن، پوءِ وارين اڏاوتن ۾ اهڙي شاهاڻي دعويٰ ڪا نہ ٿي ڏسجي ۽ اهي ننڍيون اڏاوتون آهن. اهي شايد اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري جون آهن.
ڪاڇي ۾ موجود مقبرن جي ڊگهي سلسلي ۾ غالباً سڀ کان آڳاٽا اهي ئي ڊرگهہ بالا وارا مقبرا آهن. ڊرگهہ جي مقبرن ۾ ٿيل گلڪاريءَ ۾ رنگن جو سھڻو امتزاج آهي. هڪ مقبري ۾ مغليه انداز جي تصوير ۾ هڪ مرد تخت نشين آهي ۽ سامهون ٻہ عورتون بيٺيون آهن. ڪن ماڻهن انهن تصويرن جو شڪليون ڊاهي ڇڏيون آهن، انڪري ان ۾ موجود ڪهاڻي واضح نٿي ٿئي. هڪ مقبري ۾ ناريل جي وڻ تي ٻہ ڀولڙا نظر اچن ٿا، جن کي لنگوٽ ٻڌل آهي. هي تصويرون هندو ڏند ڪٿائن واري هنومان ۽ ان سان لاڳاپيل قصي جو حصو لڳن ٿيون. هن تصوير مان ائين ٿو لڳي تہ هن مقبري تي چٽسالي ڪندڙ آرٽسٽ هِندو هو يا وري هندو ڏند ڪٿائن جي تصوير ڪشي ڪندو هو. انهن ئي مقبرن ۾ مور، ڪبوترن جون جوڙيون، اولھہ واري ديوار ۾ مسجد جي تصوير ۽ وضوءَ جا ڪونئرا ٺاهيل آهن. 2010ع وارين ٻوڏنن هن قبرستان کي ڪافي نقصان رسايو آهي. ڪيترائي مقبرا ڪري ۽ جهري پيا آهن.