ڊٺڙ (ذات): ڊٺڙ، ملاح/ مهاڻا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد آهن. سندن گھڻائي اڃا به مڇي مارڻ واري ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي. هي ڍنڍن، ڍورن ۽ درياهه مان مڇي ماري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا.