ڊٺڙو1

ڊٺڙو1

ڊٺڙو1

ڊٺڙو1 (شھر): ڊٺڙو، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو هڪ اهم ڳوٺ يا شھر آهي، جتي سنڌي زبان جي مشھور صوفي شاعر، حسن بخش شاھہ ڊٺڙي واري مزار هتي آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. هزارين عقيدتمند ايندا آهن. ان موقعي تي ملاکڙو بہ لڳندو آهي. ماضيءَ ۾ هتي ادبي ثقافتي ڪانفرنسون بہ ٿينديون هيون، جن ۾ سائين جي. ايم. سيد ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بہ ايندا هئا. ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ جي هڪ ڪانفرنس بہ هتي ٿي هئي. شاهنواز شاھہ عارف الموليٰ جي زندگيءَ تائين هتي ادبي ڪانفرنسون ٿينديون رهيون، جيڪي هاڻي وري عارف الموليٰ جي فرزند سيد يار محمد شاھہ ڪرائڻ شروع ڪيون آهن. هن گاديءَ جو موجودہ سجادہ نشين سيد نور محمد شاھہ جيلاني آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو