
ڊپٽي نذير احمد
ڊپٽي نذير احمد: اردوءَ جو عالم ۽ اديب نذير احمد ولد مولوي سعادت علي، 1830ع ڌاري هندستان جي ضلعي بجنور جي ڳوٺ ريڙھہ ۾ جنم ورتو. سندس ادبي نالو مولوي نذير احمد دهلوي هو. چئن سالن جي عمر ۾ والدين سان گڏ لڏي شھر بجنور ويو. جتي ابتدائي فارسي ۽ قرآن مجيد جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين. 1839ع کان 1842ع تائين مولانا نصر ﷲ خان خورجوي وٽ پڙهيو، جتي عربي، صرف و نحو ۽ فلسفہ و منطق جي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ 1844ع تائين اورنگ آبادي مسجد دهلي ۾ پڙهيو. 1853ع ڌاري دهلي ڪاليج ۾ تعليم مڪمل ڪيائين. هو 1854ع ڌاري ڪنجاھہ، ضلعي گجرات جي سرڪاري مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1856ع ڌاري ڊپٽي انسپيڪٽر مدارس جي حيثيت سان ڪانپور ۾ مقرر ٿيو، جتان 1857ع ڌاري ملڪي حالتون خراب ٿيڻ سبب نوڪري ڇڏي دهليءَ هليو ويو.
1858ع ڌاري کيس ساڳئي عهدي تي ٻيهر بحال ڪري الھہ آباد ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي انگريزي بہ سکيو. کيس 1860ع ڌاري قانون هند جي عملي ۾ شامل ڪيو ويو. 1862ع ڌاري قانون جي ڪتابن ترجمي ڪرڻ ڪري کيس ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو، ڪجهہ عرصو ڪانپور ۾ ٿاڻيدار بہ رهيو. 1863ع ڌاري ڪانپور کان گورکپور بدلي ٿيو، جتان پوءِ جالون، اعظم ڳڙھہ ۽ ٻين ضلعن ۾ 1877ع تائين ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو. کيس ٻارهين جولاءِ 1877ع تي صوبيدار مقرر ڪيو. 1882ع ڌاري کيس روينيو بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جتان 1884ع ڌاري استعيفا ڏنائين. ان کانپوءِ دهليءَ ۾ رهي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم شروع ڪيائين. ان کان اڳ نوڪريءَ دوران بہ ڪيترا ڪتاب لکي چڪو هو. هن شاعري بہ ڪئي. سندس لکيل ڪتاب مذهبي، سماجي ۽ اخلاقياتي معاملن تي آهي. هن ڪيترن ڪتابن جا ترجما ڪري بہ شايع ڪرايا.
سندس ڪتابن ۾: (1) منتخب الحڪايات، (2) نصـــاب خسرو، (3) رسم الخط، (4) صرفِ صغير، (5) مرات العروس (ناول)، (6) بنات النعش، (7) تـوبته النصوح، (8) ابن الوقت، (9) رويائي صــادقه، (10) ادعـيته القرآن، (11) الحقوق الفرائض، (12) الاجتهاد، (13) امهات المؤمنين، (14) مطالبِ الـقرآن، (15) نظم بي نظير (شاعري) وغيرہ شايع ٿيا.
ان کانسواءِ قرآن شريف جو ترجمو ڪري ’ترجمه القرآن‘ جي نالي سان شايع ڪرايائين، جڏهن تہ سندس خطن جو ڪتاب ’موعظه حسنہ‘ جي نالي سان ڇپيل آهي. سندس تقريرن تي مشمتل ڪتاب ’نذير احمد ڪي ليڪچرون ڪا مجموعا‘ ۽ ’تقريرون ڪا مجموعا ‘ (2 حصا) شايع ٿيل آهن. هن پنهنجا ٻہ ڪتاب ’توبته النصوح‘ ۽ ’ترجمه مراة العروس‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري بہ ڇپايا. ان کانسواءِ هن ٻين اديبن ۽ عالمن جي تصنيفن ۽ قانوني ڪتابن جا ترجما ڪري ڇپايا. انهن ڪتابن ۾: (1) انڪم ٽـيـڪس ايڪٽ، (2) مـجـموعـه قـوانيــن تعـزيــرات هـنـد، (3) اصلاح ترجمه ضابطہ فوجداري، (4) قانون شهادت، (5) مصائب غدر، (6) سماوات، (7) تاريخ دربار تاج پوشي شامل آهن. کيس 1870ع ڌاري ڪتاب ’مرات العروس‘ 1872ع ڌاري ’مبادي الحڪمت‘ تي 1873ع ڌاري بنات انعش ۽ 1874ع ڌاري ’توبته نصوح‘ تي سرڪار پاران انعام مليا، کيس ادبي ڪارڪردگيءَ تي 1894ع ڌاري ’شمس العلماء‘ جو خطاب، 1907ع ڌاري ايڊنبرا يونيورسٽي طرفان ايل. ايم. ڊي جي اعزازي سند ۽ 1910ع ڌاري پنجاب يونيورسٽيءَ طرفان ڊي. او. ايل جي اعزازي سند ملي. هن تي ڪيترن ئي اديبن ۽ عالمن ڪتاب لکيا آهن.
هن 3 مئي 1912ع تي وفات ڪئي.
ڊپٽي نظير احمد جو ڪتاب مراة العروس، مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ ’ڪنوار جو آئينو‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو هو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو.