ڊڀ1

ڊڀ1 Sandy grass/Desmostachya Caryophyllus: ڊڀ هڪ قسم جو گاهه ٿين ٿا. ڊڀن جون پاڙون سُئيءَ جهڙيون سنهيون، پاتال ۾ هونديون آهن. ڊڀ، سنڌ ۾ جتي ڪٿي نظر اچي ٿو. هن جو تيلو سخت ٿيندو آهي. هڪ دفعو جتي به اڀري ته پوءِ چوڌاري پاڙ هڻندو رهندو آهي. هي هيٺيان ٿٻ وانگر ٿيندو آهي ۽ پن چپٿڙا ۽ 3 کان 4 فوٽ ڊگها ٿيندا آهن، جن جي وچ ۾ سنهيون ڏانڊيون ٿينديون آهن، جن جي ڇيڙن ۾ ننڍا سنگ ٿيندا آهن. ڊڀ فصل لاءِ نقصانڪار آهي. هن جون پاڙون پاتال ۾ هئڻ ڪري ختم ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. ان ڪري ئي هن جا ٿٻ پاڻي ملڻ کان سواءِ گهڻي عرصي تائين ساوا رهن ٿا. ڍڳيون، مينهون ۽ گڏهه ڊڀ کي کائين ٿا. هن جي پنن مان پاکڙن ۽ پلاڻن جي ٿڙهن اندر ڀرائي ڪئي ويندي آهي، جنهن سان اُٺ تي بار ڍوئڻ وقت چُٽا وغيره نه ٿيندا آهن. گهرن جون ڇتيون ٺاهڻ لاءِ ڪانن کان اڳ ڊڀ وڇائيندا آهن. ڇپرن ۽ چؤنرن ٺاهڻ لاءِ ڊڀن مان نوڙيون پڻ ٺاهيون وينديون آهن. ڊڀن جي پڪن پتن کي وڍي سُڪائي پُسائي نوڙيون وٽي واڻ ٺاهبو آهي، جيڪو نرم هوندو آهي ۽ چئن پنجن سالن تائين هلندو آهي. ڊڀن جون نوڙيون عام طرح لانڍين ۽ چؤنرن ۾ استعمال ٿينديون آهن. هاري ٻنيءَ مان گاهه ڪپي ڀري ٺاهي، ڊڀن جو رسو تيار ڪري، ان سان ڀريءَ کي ٻڌندا آهن. حڪيمن موجب ڊڀ جي پاڙ مليريا (Malaria) جي مريضن کي ٽي ڏينهن ڪاڙهي پيارڻ سان مريض صحتياب ٿي ويندا آهن. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته: ”شينهن بک مري، پر ڊڀ نه چري“ وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو