ڊکڻ 5 (شھر): هيءُ سنڌ جو قديم شھر آهي، جيڪو ضلعي شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين جو يوسي هيڊ ڪوارٽر آهي. هيءُ شھر 22O49`00`` ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68O24`00`` ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجو د آهي. تاريخي ماڳ بوهي قبا ۽ ٿرڙيءَ جو دڙو پڻ هن شھر ۾ آهن. هيءُ شھر هڪ نامور زميندار عبدالرحيم خان ڊکڻ ڪلهوڙا دور ۾ 1789ع ڌاري سرڪار کان ڏهن هزارن ۾ خريد ڪري پنھنجي نالي پويان آباد ڪيو. عام روايتن موجب هن شھر جو بنياد اڃا اڳ جو آهي، ڇاڪاڻ تہ ڊکڻ شھر جي ڪجهہ مفاصلي تي موجود هڪ تاريخي ماڳ بوهيءَ جا قبا ٿهيمن جي سردارن مٿان 1781ع ۾ سندن گهر وارن ٺهرايا هئا، جيڪي ٽي قبا هڪ صاحب خان ٿھيم جو ٻيو دلاور خان ٿھيم جو ۽ ٽيون جلال خان ٿھيم جو مقبرو آهي، جڏهن تہ چوٿون ننڍو مقبرو جعفر شاھہ جو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ هن شھر تي ڪلهوڙن جي حڪومتي دور ۾ بہ تاريخي حيثيت حاصل هئي. هيءُ شھر واڍڪي ڌنڌي سبب ڏيهان ڏيھہ مشھور هو. هن شھر جو ذڪر ڪندي نامور محقق ’پير علي محمد راشدي‘ پنھنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”ڳڙهي ياسين تعلقي جا ڊکڻ، ذات جا ڊکڻ هئا، پر ڏات وگهي نہ پاڻ کي، پر ڊکڻ اکر کي بہ باعث عزت بڻائي ڇڏيائون. رتيديري کان ڳڙهي ياسين ويندي رستي تي ٻہ شھر اچن ٿا. بڊو ۽ عبدالرحيم ڊکڻ جو ڳوٺ. اهي ٻئي ڳوٺ مردم خيز ثابت ٿيا.“
هن شھر ۾ جنڊيءَ جو ڪم، گهرن جو فرنيچر، دروازا، دريون، اڪر وغيرہ جو ڪم ٿيندو هو، جيڪو ڏيهان ڏيھہ مشھور هو. هتان جا ڊکڻ پنھنجي مهارت ۾ ايترو تہ مشھور ٿيا، جو ڏيهان ڏيھہ سندن ناموسي ۽ ناماچاري هلندي هئي ۽ گهر ۾ ڪتب ايندڙ در، دريون ۽ ٻيو سامان هن شھر مان گهرايو ويندو هو. هيءُ شھر هاڻ پنهنجو ماضيءَ وارو اهو اوج وڃائي ويٺو آهي. هن وقت هن شھر ۾ ڊکاڻڪو ڪم نالي ماتر وڃي بچيو آهي. هن شھر ۾ هاڻي واپار/ صنعت جو ذريعو ’سيلر‘ وغيرہ آهن. هن شھر جا چانور ايڪسپورٽ ٿي پنجاب توڙي ملڪ کان ٻاهر تائين وڃن ٿا. هن شھر ۾ ڪيتريون ئي پنھنجي وقت جون نامور شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن ۾ وڏيرو عبدالرحيم خان ڊکڻ، محمد عثمان عيساڻي، غلام مصطفيٰ عيساڻي (ڊپٽي ڪليڪٽر)، غلام صديق خان (ڊپٽي ڪليڪٽر)، خانبهادر شاهنواز خان ڊکڻ، غلام قادر ڊکڻ، محمد پناھہ ڊکڻ قابلِ ذڪر آهن، جن جو ذڪر نامور محقق پير علي محمد راشدي پنھنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ جي پهرين جلد ۾ پڻ ڪيو آهي.
ڊکڻ يوسي ۾ ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ بڊو علي خان، واصل، ٿرڙي، جوابپور چانڊيو، دڙو چانڊيو، ايوب خان چانڊيو، تنيا ڳوٺ، کٽي ڳوٺ، خان ڪلهوڙو، هوتاڻي، لاشارين جو ڳوٺ. ڇتو منگي، لونگاڻي، پير چنڊام، ابن اوڍو، ڌاريجا ڳوٺ، وڳڻ ڳوٺ وغيرہ قابلِ ذڪر آهن. هن شھر جي حد ۾ ٿرڙي جو دڙو، بوهيءَ جا قبا، شھيد پير چنڊام جو مقبرو، حاجن شاھہ جو مقبرو، ملوڪ شاھہ پير قابلِ ذڪر آهن. ڊکڻ شھر جي نامور شخصيتن ۾ نامور محقق دين محمد وفائي، جيد عالم مولوي عبدالله چانڊيو، سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو، مولوي عبدالحميد چانديو، سبحان شاھہ، نادر خان ڊکڻ، اشرف پير چنڊامي، امتياز علي سولنگي، مشتاق بخاري رتل فقير، خالد چانڊيو، نامور صوفي راڳي امام الدين ڊکڻ، لياقت معرفاڻي قابلِ ذڪر آهن. هن شھر جي سرگرم تنظيمن ۾ سنڌي ادبي سنگت، بزم نثار، بزمِ سنگت، شھري اتحاد، سچوا، گسٽا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سياسي توڙي مذهبي تنظيمون قابلِ ذڪر آهن. ڊکڻ شھر مان ’هٻڪار‘ ۽ ’نئون چنڊ‘ نالي ٻہ رسالا ڪيترو وقت جاري رهيا، جن جو ايڊيٽر مشتاق بخاري هو. ان کانسواءِ ’زخمي پبليڪيشن‘ ڊکڻ ۽ ’آجيان پبليڪيشن‘ ڊکڻ قابلِ ذڪر آهن. هن شھر ۾ ڊکڻ، سومرا، سولنگي، سيد، ابڙا، ميمڻ، لاشاري، ڏاهاڻي، چانڊيا، کٽي، ڪنڀر، منگي ۽ ٻين ذاتين جا قبيلا رهن ٿا. هيءُ شھر هاڻ قبيلائي نظام جي ڪري پنهنجو اوج وڃائي چڪو آهي.