ڊگامبر وشنو پولاسڪر

ڊگامبر وشنو پولاسڪر

ڊگامبر وشنو پولاسڪر

ڊگامبر وشنو پولاسڪر (ڪلاسيڪل راڳي): جين ڌرم سان واسطو رکندڙ وشنو پولاسڪر دکن جي هڪ ڳوٺ ڪرن واز ۾ 18 آگسٽ 1872ع تي ڄائو. سندس پيءَ جو نالو ڊگامبر گوپال پولاسڪر هو، جيڪو مندرن ۾ ’ڪير تن‘ ڳائيندو هو. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، پرائمري تعليم دوران سندس اکيون هڪ حادثي ۾ ضايع ٿي ويون. اهو حادثو هڪ هندو ميلي ۾ بم ڦاٽڻ سبب پيش آيو. دکن جي مهاراجا ميراج هن ٻار ۾ صلاحيتون ڏسي کيس وقت جي وڏي گائڪ بالا ڪرشنا بوا وٽ راڳ سکڻ لاءِ ڇڏيو، جتي هن 12 سال شاگرديءَ ۾ گذاريا ۽ 1896ع ۾ پنھنجي منهن ڳائڻ لڳو. هو استاد کان جدا ٿيڻ کانپوءِ سڄو هندستان گهميو ۽ ڪيتريون ئي درٻارون ڏٺائين. ڪيترن راجائن وٽ ويو، جيڪي راڳ ۽ راڳين جي پوئواري ڪندا هئا. هن بڙودا ۽ گواليار کي بہ ڏٺو، پر کيس اتي موٽ نہ ملي. ان ڪري مجبور ٿي هن ان وقت جي راڳي رسمن کي ٽوڙي درٻار بجاءِ راڳ کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جو سوچيو. هن سڀ کان اڳ عام ماڻهن لاءِ مهاراشٽر ۾ عام راڳ جي محفل ڪئي، جنهن لاءِ هن عام في ورتي. هن کان اڳ ڪلاسيڪل راڳ رڳو مندرن، راجائن ۽ مهاراجائن جي درٻار ۾ ڳاتو ويندو هو. هن استاد چندن چوب کان درپد راڳ سکيو.1901ع ۾ هي لاهور آيو، جتي هن ’گندروا مھا وديالا‘ نالي موسيقيءَ جو اسڪول کوليو. اسڪول جي عمارت کانسواءِ هن هاسٽل بہ ٺهرائي، جنهن ۾ راڳ سکندڙ شاگرد رهندا هئا. هيءَ سڄي هندستان ۾ موسيقيءَ جو پهريون اسڪول هو، جنهن ۾ عام ماڻهن کي راڳ سکڻ لاءِ داخلا ملندي هئي ۽ انهيءَ اسڪول مان سکيا وٺندڙ ڪيترا شاگرد وقت جا وڏا راڳي ثابت ٿيا. لاهور ۾ هي اسڪول 1908ع تائين هليو ۽ بعد ۾ لاهور ۾ ختم ڪري بمبئيءَ ۾ کوليو ويو، جنهن لاءِ پولاسڪر کي وڏو قرض کڻڻو پيو، جنهن لاءِ 1924ع ۾ قرض ڏيندڙن هن اسڪول جي سڄي ملڪيت وڪرو ڪري، قرض جو پورائو ڪيو.
وشنو پولاسڪر رڳو راڳي نہ هو، پر هو سياست سان بہ دلچسپي رکندو هو. 1907ع ۾ لالا لجپتراءِ سان گڏ گرفتار ٿيو، ڇو تہ هن آزاديءَ جي تحريڪ دوران ’پگڙي سنڀال جٽا‘مشھور گيت ڪمپوز ڪيو. انکانسواءِ هندستان جو قومي گيت ’وندي ماترم‘ بہ هن جو ڪمپوز ڪيل هو. هن اهو قومي گيت سنڌ جي مشھور راڳ ’ڪافيءَ‘ ۾ ڪمپوز ڪيو ويو هو. وشنو پولاسڪر کي پراڻا مذهبي گيت ڪلاسيڪل انداز ۾ ڪمپوز ڪرڻ تي ملڪو حاصل هو. مشھور ڀڄن ’رگهوپتي راگا هاوا راجا رام‘ بہ هن جو ڳايل هو، جيڪو مهاتما گانڌيءَ کي ڏاڍو وڻندو هو ۽ ’ڊانڊي مارچ‘ دوران هو روزانو صبـح جـو سوير اُٿي ڳائيندو هو. ان کانسواءِ بہ هن ڪيترا گيت ڪمپوز ڪيا ۽ ڳايا، جن ۾ اقبال جو مشھور ڪلام ’ساري جھان سي اڇا هندوستان همارا‘ بہ هن جو ئي ڪمپوز ڪيل هو. جڏهن شهنشاھہ جارج پنجون هندستان ۾ آيو هو تہ وشنو پولاسڪر رائل گارڊن لاهور ۾ سندس آڏو فن جو مظاهرو ڪيو هو. 21 جولاءِ 1973ع تي سندس خدمتن جي صلي ۾ هندستان جي حڪومت هڪ ٽڪلي جاري ڪئي، جنهن تي سندس تصوير هئي ۽ کيس پنڊت جو لقب ڏنو ويو هو. هن موسيقيءَ تي ’سنگيت پال پرڪاش‘ نالي ٽن جلدن ۾ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن راڳ جي 18 ٺاٺن جو ذڪر ڪيو آهي.
وشنو پولاسڪر 21 آگسٽ 1931ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ گتا تريا وشنو ڊگامبر بہ وقت جو وڏو موسيقار ۽ راڳي آهي. وشنو ڊگامبر اهو موسيقار ۽ ڪلاسيڪل راڳي آهي، جنهن راڳ کي درٻارن مان آزاد ڪرائي گهٽين ۾ آندو. هن ونيڪ رائو پٽ ورڌن، اوم ڪرناٿ ٺاڪر، نارائڻ رائو وياس، شنڪر رائو وياس وغيرہ جھڙا موسيقار ۽ راڳي شاگردن جي صورت ۾ ڀارت کي ڏنا. 2000ع ۾ ڀارت جي ’ٽوڊي مئگزين‘ هڪ سروي ڪرائي، جنهن ۾ کيس هندستان جي هڪ سؤ اهم ماڻهن مان هڪ قرار ڏنو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1872.08.18  عيسوي

جين ڌرم سان واسطو رکندڙ وشنو پولاسڪر دکن جي هڪ ڳوٺ ڪرن واز ۾ 18 آگسٽ 1872ع تي ڄائو.


1931.08.21  عيسوي

وشنو پولاسڪر 21 آگسٽ 1931ع ۾ وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فيروز علي آناڻي ڏگو
فقير عبدالغفور
فائزا علي
شمن علي ميرالي
استاد شفيع فقير
رشيد علي خان
استاد منظور علي خان
الھہ وسائي
بدرو ملتاني
سرور سخيراڻي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون