ڊگهه (ديھہ): هيءَ ديھہ تپي ملير، تعلقي ڪراچيءَ ۾ ملير نئن جي ڪپ تي آهي. هيءَ ديھہ هن وقت فيصل ٽائون ۾ اچي ٿي. هن ديھہ تي نالو ملير نئين جي ڪپ تي مٽيءَ جي ڊگهن (ڍيرن) ڪري پيو. ملير نئن تي ٺهيل ريلوي جي پُل کان ناٿا خان پُل تائين جو علائقو هن ديھہ ۾ اچي ٿو. ان ديھہ ۾: صديق بلوچ، نورالدين بلوچ، بلباس بلوچ، داد رحيم جدگال، جمع بلوچ، غلام محمد بلوچ نالي ڳوٺ آباد آهن. هن ديھہ ۾ ملير ريلوي اسٽيشن، جامعہ ملير لڳ تاريخي قبرستان، ملير هالٽ ريلوي اسٽيشن، بابا ولايت شاھہ جي درگاھہ جا هنڌ وغيرہ اچي وڃن ٿا. ملير جي هن علائقي کي ’گروڪل‘ جي نالي سان سڏيندا هئا. ورهاڱي کان اڳ ۾ هتي هندن جي وڏي آبادي رهندڙ هئي، جيڪا 1947ع ۾ هندستان لڏي وئي ۽ انهن جون جايون ايندڙ مهاجرن والاريون. هتي هندن جو قائم ڪيل ’گوڪل داس‘ نالي اسڪول هو، جنهن جو نالو تبديل ڪري هينئر ’جامعہ ملير اسڪول‘ رکيو ويو آهي.
ڊگهائي ڦاڪ: ڌرتيءَ تي اوڀر قطب کان اولھہ قطب تائين پيل خيالي ليڪ، جا ڌرتيءَ کي پورا ٻہ اڌ ڪري ٿي. يعني ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي، ان کي ڊگهائي ڦاڪ چئبو آهي. ڊگهائي ڦاڪون ڪل 360 آهن.