ڌاراجا: ڌاراجا ماڳ لاڙي بندر کان ٻہ ميل اوڀر، تعلقي ساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. ڌاراجا جي ڦٽل شھر جا نشان ۽ کنڊر اڄ بہ موجود آهن. هتي راڻو ارجن راڄ ڪندو هو، جنهن جو ڪوٽ دڙن جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو ’راڻي جو ڪوٽ‘ سڏجي ٿو. ڪوٽ چورس ۽ پٿرن جو اڏيل هو، جنهن ۾ راڻي جي محلات جا نشان چٽا موجود آهن. محلات ۾ پڪيون ۽ ڳاڙهيون سرون استعمال ٿيل هيون. ان جي اوڀر طرف دروازي جا نشان معلوم ٿين ٿا. ڪوٽ جي اولھہ کان هڪ ميل تائين ڌاراجا شھر جا نشان موجود آهن.
مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ’قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ ۾ راڻي ارجن بدران راڻو اجمل لکيو آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته، ”ڌاراجا جي حاڪم راڻي اجمل ۽ ڪڪرالي جي ڄام (1151ھہ/ 1738ع) ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي پٽ محمد مرادياب جو رستو روڪيو هو، جنهنڪري ٻنهي ڌرين ۾ ويڙھہ ٿي هئي. راڻو ارجن (اجمل) ۽ ڪڪرالي جو ڄام سمنڊ مان جھاز وٺي درياھہ ۾ آيا، پوءِ پاڻيءَ توڙي ميدان تي ٻنهي ڌرين ۾ سخت ويڙھہ ٿي. مرادياب خان ڪلهوڙي توپون بہ استعمال ڪيون، جنهن سبب ڌاراجا جو راجا ساٿين سميت ڀڄي نڪتو. اڳتي هلي 1160ھہ/ 1747ع ۾ ڌاراجا جي راجا جي چوڻ تي جبل جي ماڻهن ٺٽي تي ڪاھہ ڪئي، جنهنڪري ٻيهر ڪلهوڙن ۽ راڻي اجمل ۾ ويڙھہ ٿي. ٺٽي ۾ ڪلهوڙن طرفان شيخ شڪر الله، مسو فقير سامٽيو ۽ بولا خان نومڙيو پنهنجا لشڪر وٺي وڙهيا ۽ شيخ شڪر ﷲ جي اشاري تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ويجهي ساٿي بجار خان جوکئي رات جو حملو ڪيو، جنهن ۾ راڻو ارجن (اجمل) مارجي ويو.“ راڻيءَ جي ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ راڻي جي مرشد ’حسن علي مست‘ جي بيٺڪ آهي. ان کان ٿورو پري پير مدد علي شاھہ جي مزار آهي. ڪوٽ جي اولھہ ۾ راڻن جو قبرستان آهي، جتي هڪ قبر تي مڪليءَ جي قبرن جهڙو ڪم ٿيل آهي. انهيءَ قبر تي علي بن ارجن 1102ھہ/ 1690ع لکيل آهي. ڪن محققن جو خيال آهي تہ ٿي سگهي ٿو تہ اها قبر راڻي ارجن جي پٽ جي هجي ۽ پوءِ مسلمان ٿيو هجي.