ڌاريجا 2

ڌاريجا: هيءَ هڪ سماٽ قبيلو آهي، جنهن لاءِ ڪافي روايتون ۽ تاريخي شاهديون ملن ٿيون، مثلاً: (1) ميان نيڪ محمد سهتي پنهنجي فارسي مضمون ۾ ڄاڻايو آهي ته محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي. ان وقت جوڌپور جي راجا جي هڪڙي پٽ جو نالو موڙسنگهه هو، جنهن اسلام قبوليو، کيس محمد بن قاسم سنڌ جو اوڀر وارو ڀاڱو ڏئي، ان جو راجا مقرر ڪيو، جنهن حيدرآباد کي مرڪز بنائي سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، هن کي ست پُٽ: ڌارو، شورو، ڪونئرو، سهتو، راهو، مڱڻ ۽ اُڄڻ هئا. وڏو پُٽ ڌارُو هو، جنهن کي هن روهڙيءَ کان مٿيون پاسو جاگير طور ڏنو. ڌاروءَ کي جيڪو اولاد ٿيو، تن ’ڌاريجا‘ يعني ’ڌاريجي جو اولاد‘ سڏايو، جنهن بعد هي ’ڌاريجا‘ سڏجڻ لڳا. هڪ روايت موجب جادم کي يارنهن پٽ هئا، جن مان ستين پٽ جو نالو ڌاريجو هو.
هڪ ٻئي اڀياس موجب جوڌپور ۽ بيڪانير جي راجائن جي دؤر ۾ موڙ سنگهه وارا سوڍا ذات ۾ شامل هئا، جن کان هي ڌار ٿي، ذات جا ڌاريجا سڏجڻ لڳا. هنن پير عبدالوهاب جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ مسلمان ٿيا. 1900ع ڌاري ڌاريجن جو سردار خانبهادر ابوالخير خان ڌاريجو هو. ڌاريجن جي حسبي ۽ نسبي احوال سيد محب الله شاهه، سيد احمد شاهه ۽ پير عبدالوهاب جي تحريرن ۾ به موجود آهي. ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۽ ٻين ڪتابن ۾ لکيل آهي ته: ”ڌاريجا سمن مان آهن، جن کي ’سميجا‘ ۽ ’ساريا‘ ڪل مان سمجھيو وڃي ٿو.“ يوسف ميرڪ تاريخ معصوميءَ ۾ لکي ٿو ته: ”ڌاريجا انڙن جو پاڙو آهي.“ ڪتاب ’سماٽ‘ جي مصنف ڊاڪٽر الهرکيي ٻٽ لکيو آهي ته: ”ڌاريجن ۽ چاچڙن جو نهايت ويجھڙائيءَ وارو تعلق آهي، جن کي ’ڌاريجا چاچڙ‘ چون ٿا، جنهن ۾ ڇٽا، جڳند، نورنگ، جوڻيجا، راجديهه، جاڳياڻي، سڌاڻي، مٺياڻي، جوڻاڻا ذات جا ماڻهو شامل آهن.“ ٻي تحقيق موجب ڌاريجا هوٿي بن هالي بن ساند بن پليءَ جي اولاد مان آهن. تاريخ معصوميءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڌاريجا هسپت بن جادم جو اولاد آهن. ڪتاب ’جنت السنڌ‘ جي صفحي 383 تي لکيل آهي ته: ”حضرت بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي خليفي موسيٰ نواب جي تبليغ سان سنڌ جي هندو ذاتين مان ڏهر، مهر ۽ ڌاريجا مسلمان ٿيا.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو