ڌاريجا 2

ڌاريجا: هيءَ هڪ سماٽ قبيلو آهي، جنهن لاءِ ڪافي روايتون ۽ تاريخي شاهديون ملن ٿيون، مثلاً: (1) ميان نيڪ محمد سهتي پنھنجي فارسي مضمون ۾ ڄاڻايو آهي تہ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي. ان وقت جوڌپور جي راجا جي هڪڙي پٽ جو نالو موڙسنگهہ هو، جنهن اسلام قبوليو، کيس محمد بن قاسم سنڌ جو اوڀر وارو ڀاڱو ڏئي، ان جو راجا مقرر ڪيو، جنهن حيدرآباد کي مرڪز بنائي سنڌ تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي، هن کي ست پُٽ: ڌارو، شورو، ڪونئرو، سهتو، راهو، مڱڻ ۽ اُڄڻ هئا. وڏو پُٽ ڌارُو هو، جنهن کي هن روهڙيءَ کان مٿيون پاسو جاگير طور ڏنو. ڌاروءَ کي جيڪو اولاد ٿيو، تن ’ڌاريجا‘ يعني ’ڌاريجي جو اولاد‘ سڏايو، جنهن بعد هي ’ڌاريجا‘ سڏجڻ لڳا. هڪ روايت موجب جادم کي يارنهن پٽ هئا، جن مان ستين پٽ جو نالو ڌاريجو هو.
هڪ ٻئي اڀياس موجب جوڌپور ۽ بيڪانير جي راجائن جي دؤر ۾ موڙ سنگهہ وارا سوڍا ذات ۾ شامل هئا، جن کان هي ڌار ٿي، ذات جا ڌاريجا سڏجڻ لڳا. هنن پير عبدالوهاب جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ مسلمان ٿيا. 1900ع ڌاري ڌاريجن جو سردار خانبهادر ابوالخير خان ڌاريجو هو. ڌاريجن جي حسبي ۽ نسبي احوال سيد محب شاھہ، سيد احمد شاھہ ۽ پير عبدالوهاب جي تحريرن ۾ بہ موجود آهي. ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ ۽ ٻين ڪتابن ۾ لکيل آهي تہ: ”ڌاريجا سمن مان آهن، جن کي ’سميجا‘ ۽ ’ساريا‘ ڪل مان سمجهيو وڃي ٿو.“ يوسف ميرڪ تاريخ معصوميءَ ۾ لکي ٿو تہ: ”ڌاريجا انڙن جو پاڙو آهي.“ ڪتاب ’سماٽ‘ جي مصنف ڊاڪٽر الهرکيي ٻٽ لکيو آهي تہ: ”ڌاريجن ۽ چاچڙن جو نهايت ويجهڙائيءَ وارو تعلق آهي، جن کي ’ڌاريجا چاچڙ‘ چون ٿا، جنهن ۾ ڇٽا، جڳند، نورنگ، جوڻيجا، راجديھہ، جاڳياڻي، سڌاڻي، مٺياڻي، جوڻاڻا ذات جا ماڻهو شامل آهن.“ ٻي تحقيق موجب ڌاريجا هوٿي بن هالي بن ساند بن پليءَ جي اولاد مان آهن. تاريخ معصوميءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڌاريجا هسپت بن جادم جو اولاد آهن. ڪتاب ’جنت السنڌ‘ جي صفحي 383 تي لکيل آهي تہ: ”حضرت بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي خليفي موسيٰ نواب جي تبليغ سان سنڌ جي هندو ذاتين مان ڏهر، مھر ۽ ڌاريجا مسلمان ٿيا.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو