ڌاريوال جت: جتن جو هڪ قبيلو، جنهن کي ڌنيوال يا ڌليوال بہ چيو وڃي ٿو. هي ڀٽي راجپوتن سان تعلق رکن ٿا. سندن مرڪز دارا نگر هو. اڪبر بادشاھہ سندن سردار مھر مٿر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مسٽر برانڊرٿ جي تحقيق مطابق هنن جو مرڪز اتر اولھہ مالوه ۾ هو ۽ هي لڌيانه، فيروز پور ۽ پٽياله ۾ آباد هئا. هارپي جو ڪم ڪندا هئا ۽ مرڪزي طور مٿانهين ستلج تي ۽ الهندي پاسي جي زرخيز ضلعي ۾ آباد هئا. هن قبيلي جا ماڻهو امن پسند ۽ قناعت پسند رهيا آهن. اڪبر بادشاھہ هن قبيلي کي گهڻو نوازيو. مغل دؤر ۾ هي قبيلو ڪافي خوشحال هو، امن پسند هئڻ سبب هن قبيلي جو ڪڏهن بہ ڪنهن قبيلي سان جهيڙو نہ ٿيو.