ڌار/ ڌارا: ڌار يا ڌارا هڪ قسم جي درياهي وهڪري يا ڪنهن پاڻياٺي شيءِ جي سنهي وهڪ کي چئبو آهي. هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: وهڪ، لار، ريلو، وهڪرو، سير وغيرہ. درياھہ ڪنهن پاسي لٽ (سلٽ) وجهندو آهي تہ اتي پاڻي تانگهو ٿيندو آهي ۽ وهڪ ۾ درياھہ سڌو سنواٽو ڏسبو آهي. ڄاڻو ملاح پري کان ئي ڌار کي محسوس ڪندا آهن. اڻڄاڻ ناکئا پنھنجي ٻيڙي وڃي انهيءَ ڌار تي هڻندا آهن ۽ ٻيڙي ڌڪ کائيندي آهي. ’ڌار جو ڌڪ‘ مشھور آهي. ڌار ۾ ٻيڙي پُرزا پُرزا ٿي ويندي آهي. ڌار، درياهي وهڪري جي خطرناڪ سِير ٿئي ٿي، جيڪا خاص طور درياھہ جي ڀرپور هجڻ واري موسم ۾ وهندي آهي.