ڌامراهن جي درسگاھہ

ڌامراهن جي درسگاھہ: سنڌ جي ناليواري عالم دين مولانا عبدالرحمٰن ولد عنايت پنهور جو تعلق لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڌامراها سان هو، هن ان وقت جي مشھور مدرس مولانا عبدالله کان فارسيءَ جي تعليم، عربيءَ جي تعليم گهوٽڪيءَ جي مولانا قمرالدين کان ۽ ديني سند همايون شريف ۾ مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ کان حاصل ڪئي. تعليم جي حصول کانپوءِ هن لاڙڪاڻي ويجهو ڌامراها ۾ ڌامراهن جي درسگاھہ قائم ڪئي، جتي هيءَ ديني درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. سندس مدرسي مان ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿيا، جن مان مولانا محمد حسن جوهيءَ وارو، مولوي محمد صالح دادوءَ وارو، مولوي حاجي احمد يار لانگاھہ، ملا ڪاتيار، مولانا خوش محمد ميروخانائي ۽ مولانا فتح محمد ڌامراهن وارو قابل ذڪر آهن.


لفظ ڌامراهن جي درسگاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو