ڌامراهه1: تاريخي شهر ڌامراهه ضلعي لاڙڪاڻي کان اتر طرف 11 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي رتيديري - شڪارپور روڊ تي آباد آهي. پهرين ڌامراهه شهر روڊ جي اولهه طرف واقع هو، جتي هن وقت قبرستان ۽ ڦٽل شهر جا آثار دڙن جي صورت ۾ موجود آهن. هن شهر جي آبادي تقريباً ٻارهن کان پندرهن هزارن تائين آهي. شهر جي ٻنهي پاسن کان ٻه وڏيون کڏون آهن، جن ۾ شهر جو گندو پاڻي نيڪال ٿيندو آهي. شهر جي اوڀر طرف لاڙڪاڻي- شڪارپور روڊ تي هڪ پوليس اسٽيشن ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول آهن. ان کانسواءِ هن شهر ۾ حضرت يار شاهه بخاري ۽ پير علي مردان شاهه جا مقبرا به آهن.
شهر جي اوڀر طرف هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي پراڻو يادگار تاريخي ٺلهه آهي، اهو قديم ٺلهه ڌامراهه دڙي جي نالي سان مشهور، ٻوڌي دؤر جو چيو وڃي ٿو (ڏسو: ٺلهه ڌامراها، جلد ٻيو). انهيءَ ٺلهه جي هيٺان سنڌو تهذيب جو شهر دفن ٿيل آهي. ڌامراهه شهر جي ٻاهران هڪ مسجد جا نشان ڪجهه سال اڳ تائين موجود هئا، جنهن لاءِ روايت آهي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي جوڙايل هئي، جيڪو هن شهر ۾ آيو هو.
هن شهر ۾ ڪيترا عالم، اديب ۽ سياستدان ٿي گذريا آهن، جن ۾ رئيس ميان محمد حسن کهڙو، خليفو فتح محمد ڪنڀر، خليفو حاجي محمد ابراهيم سيد، محمد بچل شاهه، ميان نبي بخش کهڙو، مولوي عبدالرحمان ڌامراهو، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر، عاجز ڌامراهو، رئيس جان محمد جوڻيجو، خورشيد جوڻيجو، جعفر پنهور، بدر ڌامراهو، مهراڻ ڌامراهو، علي نواز ’ناز‘ ڌامراهو وغيره شامل آهن.
ڌامراهه جي ماڻهن جي جياپي جو دارومدار زراعت تي آهي، ٺٽي ضلعي کان پوءِ ٽماٽن جي وڏي ۾ وڏي پوک هن شهر ۾ ٿئي ٿي. ان کانسواءِ هتي ڪڻڪ، ساريون، چڻا، مٽر، سرنهن وغيره پڻ پوکي وڃي ٿي. ڌامراهه شـهـر جـي آبـاديءَ جـي 20 سيڪڙو ماڻهن کي پـنـهـنجـون زمـيـنـون آهن. 30 سيڪڙو ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ 50 سيڪڙو نوجوان بيروزگاريءَ جو شڪار آهن. ڌامراهه شهر جا اڪثر ماڻهو عورت توڙي مرد لکيل پڙهيل آهن. شهر ۾ ٻارن جي لاءِ اسڪول جي عمارت هاڻي زبون حالت ۾ آهي.